لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) آمريڪي گلوڪاره ريحانه جي گانن جو نئون البم ايندڙ سال ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سماجي رابطي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي ريحانه پنهنجي گانن جي نئين البم جي ريليز جو اعلان ڪندي چيو ته اڃا تائين البم جو حتمي نالو ناهي چونڊيو.
ريحانه جو ان البم کان اڳ 2016 ۾ ”انسٽي“ نالي گانن جو اٺون البم آيو هو.
گلوڪاره ريحانه جو نئون البم ايندڙ سال آڻڻ جو اعلان
سينيئر اداڪار علي اعجاز لاءِ ميڙاڪي جو فيصلو
لاهور (شوبز ڊيسڪ) لاهور جي الحمرا آرٽس ڪائونس جي انتظام هيٺ ليجنڊ اداڪار علي اعجاز جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويندو.
ذريعن موجب الحمرا آرٽس ڪائونسل سينيئر اداڪار علي اعجاز کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس ياد ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن ۾ علي اعجاز سان گڏ ڪم ڪندڙ سينيئر اداڪار ۽ ويجهي دوست به خيال ونڊيندا.
ٻڌايو پيو وڃي ته تعزيتي ريفرنس جنوري جي پهرين هفتي ۾ ڪوٺايو ويندو.
هالي ووڊ فلم ”مين اِن بليڪ4“ جون جهلڪيون جاري
لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) هالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر ايڪش ڪاميڊي سائنس فڪشن فلم سيريز “مين اِن بليڪ” جي ايندڙ فلم “مين اِن بليڪ 4” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون.
هدايتڪاري ايف گيري جي ان نئين فلم جي ڪاسٽ ۾ مرڪزي ڪردار ڪرِس هيمسورٿ ۽ ليام نيسن نڀائي رهيا آهن، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ٽيسا ٿامسپن، ربيڪا فرگيوسن، ايماٿامپسن، سرتاج گريول، مائيڪل برهان ۽ اسٽيفن سميت ٻيا شامل آهن.
فلم جي ڪهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ مخلوق جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن کان دنيا کي بچائڻ لاءِ خلائي مخلوق خلاف ڪارروايون ڪندڙ ايجنسي ميدان تي لهندي آهي.
مداح ان فلم جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن، فلم ايندڙ سال جون مهيني ۾ ڪوليمبيا پڪچرز تحت سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
فواد چوڌري جي اداڪار علي اعجاز جي لاڏاڻي تي تعزيت
اسلام آباد (شوبز ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد هسين فلم ۽ ٽي وي جي نامياري اداڪار اعجاز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ورسٽائل فنڪار کان محروم ٿي ويو، فن جي دنيا ۾ سندس کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي. هن چيو ته علي اعجاز باصلاحيت اداڪار هو، جنهن مزاحيه ۽ سنجيده ڪردار نهايت خوبصورتي سان نڀايا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علي اعجاز مزاح کي هڪ نئون رنگ ڏنو، جڏهن ٽريجڊي ڪردار ڪيا ته ڪيترائي سال گذرڻ بعد به ماڻهو ان کي نه وساري سگهيا. چوڌاري فواد حسين دعا ڪئي ته مرحوم کي الله تعاليٰ جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر ڏي.
اداڪاري سوڌو ٻين شعبن لاءِ تربيتي ادارا ناهن: حسنه ڀٽي
لاھور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره حسنه ڀٽي چيو آهي ته فلن ڪنهن جي ميراث ناهي، نه ئي ڪا ڊگري شوبز انڊسٽري ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهي. حسنه ڀٽي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اداڪاري سميت ٻين شعبن ۾ تربيت ڏيڻ لاءِ ڪو به ادارو ناهي. هن چيو ته هاڻي ڪجهه سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اداڪاري ۽ فلمسازي پڙهائي پئي وڃي، اهو هڪ سٺو قدم آهي، جنهن سان شوبز ۾ ايندڙ نون ماڻهن کي مدد ملندي.
”گاڊزيلا: ڪنگ آف دي مونسٽرز“ جون نيون جهلڪيون جاري
لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) بلاڪ بسٽر گاڊزيلا سيريز جي نئين ايڪشن ڊرامه فلم ”گاڊزيلا؛ ڪنگ آف دي مونسٽرز“ جون نيون جهلڪيون جاري ڪيون ويون. هدايتڪار مائيڪل ڊائوٽري جي هن فلم ۾ اداڪار بريڊلي، وائٽ فورڊ، ملي بوبي برائون، وارا فرميگا، ڪيلي شينڊلر ۽ چارلس ڊينس اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا. فلم جي ڪهاڻي گاڊزيلا نالي ڏندڪٿائي مونسٽر تي ٻڌل آهي، جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر انساني دنيا مان تباهي آڻڻ پهچي ٿو. فلم ايندڙ مارچ مهيني ۾ سينما گهرن جي زينت بڻجندي.