ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ماضي جي مشهور اداڪار مٿن چڪرابورتي بيمار ٿي پيو. ڀارتي ميڊيا موجب مٿن چڪرورتي کي 9 سال پراڻو چيلهه جو سور وڌڻ سبب علاج لاءِ آمريڪا منتقل ڪيو ويو آهي. سندس علاج لاس اينجلس جي اسپتال ۾ ڪرايو ويندو. جڏهن ته مٿن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، پرکيس چيلهه ۾ تمام گهڻو سور آهي. گذريل 9 سالن کان مٿن کي چيلهه ۽ پٺي جي سور جي شڪايت هئي، ان ڪري کيس 2016 دوران اسپتال ۾ به داخل ڪرايو ويو هو.
سري ديوي جي ننڍي ڌيءُ به بالي ووڊ قدم رکڻ لاءِ تيار
جهانوي ڪپور کانپوءِ خوشي ڪپور به فلمن ۾ ڪم ڪندي
ڪرن جوهر خوشي ڪپور ۽ ميزان جعفري کي ايندڙ فلم ۾ متعارف ڪندو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مرحوم اداڪاره سري ديوي جي وڏي ڌيءُ جهانوي ڪپور کانپوءِ هاڻي سندس ننڍي ڌيءُ خوشي ڪپور به بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ڪرن جوهر پاران نيها ڌوپيا جي شو، نو فلٽر نيها ۾ ڳالهائيندي چيو ته هو ايندڙ سال فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ خوشي ڪپور سان گڏ جاويد جعفري جو پٽ ميزان جعفري پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪرن جوهر ميزان جعفري بابت ڳالهائيندي چيو ته هن ۾ هڪ اسٽار بڻجڻ جو سموريون خوبيون موجود آهن. ڪرن جوهر چيو ته سندس فلم 2019 ۾ ريليز ٿيندي جنهن ۾ مک ڪردار خوشي ڪپور ۽ ميزان جعفري ادا ڪندا.
”قرض ڇو نه ڏنو“ بالي ووڊ اداڪار ارجن رامپال تي ڪيس داخل
ارجن رامپال هڪ ڪمپني کي هڪ ڪروڙ قرض واپس نه ڪيو
مقرر تاريخ تي قرض ادا نه ڪرڻ تي ڪمپني ارجن خلاف ڪيس داخل ڪرايو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪار ارجن رامپال ڏکيائين ۾ ڦاسي پيو آهي، هڪ ڪمپني کان کنيل قرض وقت تي نه ڏيڻ خلاف مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واءِ ٽي اينٽرٽينمينٽ ڪمپني پاران ارجن رامپال کي هڪ سال لاءِ 12 سيڪڙو وياج تي هڪ ڪروڙ روپيا ڏنا هئا، جيڪي ارجن رامپال ادا ڪري نه سگهيو آهي. ارجن رامپال پاران ڪمپني کي هڪ چيڪ ڏنو، پر اهو وقت تي پاس ناهي ٿيو.
وڏي بجيٽ ڪاميابي جي ضمانت ناهي هوندي: راجڪمار رائو
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار راجڪمار رائو چيو آهي ته وڏي بجيٽ ڪنهن فلم جي ڪاميابي جي وڏي ضمانت ناهي هوندي، فلم کي مواد ڪامياب بڻائي ٿو ۽ مواد ئي فلم جي بجيٽ جو فيصلو ڪري ٿو.
فلم “ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا” جون جهلڪيون جاري ڪرڻ وقت راج ڪمار رائو چيو ته فلم “ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا” جو مواد تمام سٺو آهي، جيڪو فلم کي ڪامياب ڪندو.
ان فلم ۾ راج ڪمار رائو سان گڏ سونم ڪپور، انيل ڪپور، وڌ ونود چوپڙا ۽ جوهي چاولا آهن.
انوپم کير به نصير الدين شاهه تي ڏمرجي پيو
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نامياري اداڪار نصر الدين شاهه جي بيان تي انتهاپسندن جي ڌمڪين ۽ حڪومتي وزيرن بعد اداڪار انوپم کير به خاموشي ٽوڙيندي نصير الدين شاهه کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب انوپم کير نصير الدين شاهه جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس ڀارت ۾ اڃا ڪيتري آزادي گهرجي؟
انوپم کير جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ماڻهو آرمي چيف خلاف ڳالهائي سگهن ٿا ۽ فوج تي پٿراءُ ڪري سگهن ۽ ايئر چيف مارشل کي به برو ڀلو چئي سگهن ٿا، ان کان وڌيڪ نصر الدين شاهه کي اڃا ڪيتري آزاد کپي؟
گوگل تي برطانوي شاهي شادي بعد پريانڪا جي شادي مشهور
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) سال 2018 کي شادين جو سال چئجي ته غلط نه هوندو، هن سال ڪيترن ئي مشهور شخصيتون ۽ ستاره به شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا، پر گوگل موجب هلندڙ سال برطانوي شهزادي هيري ۽ آمريڪي اداڪاره ميگهن مارڪل جي شادي سڀني کان مشهور شادي رهي، جڏهن ٻي نمبر تي بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جوناس جي شادي سڀ کان وڌيڪ گوگل تي ڳولي وئي. گوگل تي هلندڙ سال سڀ کان گهڻو ڳولي ويندڙ شادين جي لسٽ ۾ شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جي شادي پهرين نمبر تي آهي، جوڙي مئي مهيني ۾ شادي ڪئي هئي. گوگل موجب صارفين ٻي نمبر تي پريانڪا ۽ نڪ جوناس جي شادي کي سڀ کان وڌيڪ ڳوليو. لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي ملڪه برطانيه الزبٿ ٻئين جي پوٽي شهزادي يوجين جي شادي آهي. چوٿين نمبر تي آمريڪي ٽيٽو آرٽسٽ، ماڊل، ليکڪ ۽ ٽي وي شخصيت ڪيٽ وون ڊي ۽ رافيل ريز جي شادي آهي. انهن کانسواءِ سال 2018 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳوليون ويندڙ شادين جي لسٽ ۾ بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون ۽ اداڪار رنوير سنگهه جي شادي پنجين نمبر تي آهي. هوڏانهن هن سال ڪيترن ئي پاڪستاني فنڪارن به شاديون ڪيون، پر ڪا به ان لسٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.