fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

جيڪو چيو ان تي ڪو به افسوس ناهي: نصيرالدين شاهه

مان پنهنجا چيل لفظ واپس نه وٺندس: نصيرالدين شاهه جو ردعمل

اداڪار جي حمايت ۾ ڪيترائي شوبز ستارا توڙي سياسي اڳواڻ نڪري آيا
نصير الدين شاھ

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه ڀارت ۾ انتهاپسندن جي تنقيد کانپوءِ جواب ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجا لفظ واپس نه وٺندو، هن جيڪو چيو کيس ان تي ڪو به افسوس ناهي. ڪجهه ڏينهن پهريان ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي خلاف ڳالهائڻ تي نصيرالدين شاهه کي انتهاپسندن پاران تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس غدار قرار ڏنو ويو هو، پر سندس حمايت ۾ ڪيترائي اداڪار توڙي سياسي اڳواڻ به ميدان تي آيا. نصيرالدين شاهه چيو ته هن جيڪو چيو ان تي قائم آهي، کيس پنهنجن لفظن تي ڪو به افسوس ناهي.

فاطمه ثنا شيخ عامر خان سان لاڳاپن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ميڊيا بنا ڪنهن ثبوت جي بي بنياد خبرون نه هلائي: فاطمه ثنا

اهڙين خبرن سبب تمام گهڻو پريشان ٿي آهيان: دنگل گرل جون ڳالهيون
فاطمه ثنا شيخ

ممبئي (شوبز نيوز) فلم دنگل ۾ عامر خان سان گڏ پنهنجي ڪيريئر جي ڪامياب شروعات ڪندڙ فاطمه ثنا شيخ ۽ عامر خان وچ ۾ لاڳاپن جو خبرون ڀارتي ميڊيا ۾ هلي رهيون هيون. فلم دنگل ۾ فاطمه ثنا شيخ عامر خان جي ڌيءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان کانپوءِ عامر خان ۽ فاطه ثنا جي هڪ ٻي فلم سيڪريٽ سپر اسٽار پڻ ريليز ٿي هئي، جنهن ۾ عامر خا ن پڻ ڪردار ادا ڪيو هو.
فاطمه ثنا شيخ پاران ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون خبرون ٻڌڻ افسوسناڪ آهي، اهڙن افواهن سبب سندس پريشانين ۾ واڌارو آيو آهي. فاطمه جو چوڻ هو ته اهڙين خبرن ڪري سندس خاندان به پريشان ٿيو هو. کي فرق نٿو پوي ته ماڻهو ڇا ٿا چون، ماڻهن جو ڪم ڳالهيون ڪرڻ آهي، جڏهن ته هوءَ سکي رهي آهي ته اهڙي قسم جي افواهن سان ڪيئن منهن ڏجي.

فلم سائن ڪرڻ کان اڳ ڪهاڻي پڙھندو آهيان: عامر خان

ناميارو اداڪار عامر خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نامياري اداڪار عامر خان چيو آهي ته فلم جي ڪهاڻي ڏسي فلم ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهيان.
ممبئي ۾ اسڪرپٽ رائٽنگ جي هڪ مقابلي ۾ جج جي حيثيت سان شامل اداڪار عامر خان چيو ته هدايتڪار، اداڪار ۽ ٽيڪنڪ ڪار بيشڪ هڪ فلم جو اهم حصو هوندا آهن، پر فلم جي شروعات ڪهاڻيڪار سان ٿيندي آهي، جنهن سبب ئي مان فلم کان اڳ ڪهاڻي تي نظر وجهندو آهيان.
عامر خان جو چوڻ هو ته منهنجي نظر ۾ ڪنهن فلم جو سڀ کان اهم حصو يا روح ڪهاڻي ئي هوندي آهي، فلم جي ڪهاڻي اهڙي هجڻ گهرجي جيڪا انتهائي تفريح سان گڏ دلچسپ هجي ۽ ڪردارن کي تمام سٺي طرح ٻڌايو يا ٺاهيو وڃي.

شوبز ۾ اڄ به سکڻ جو عمل جاري آهي: احسن خان

مشهور اداڪار احسن خان

لاهور (شوبز ڊيسڪ) ٽي وي ۽ فلم جي مشهور اداڪار احسن خان چيو آهي ته شوبز ۾ ڪم ڪندي ڊگهو عرصو گذريو آهي پر اڄ تائين سکڻ جو عمل جاري آهي.
هڪ انٽرويو ۾ احسن خان جو چوڻ هو ته خدا جي ذات ٿورڙي وقت ۾ جيتري مقبوليت ڏني آهي، ان جو تصور به نه ڪيو هو، پر ان باوجود سمجهان ٿو ته هاڻي گهڻو ڪجهه سکڻ باقي آهي.
هن چيو ته جڏهن ڪنهن به پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندو آهيان ته سدائين پنهنجي سينيئرن کان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ مون کي انهن مان ڪجهه نه ڪجهه سکڻ لاءِ ضرور ملي ٿو.

فلم “زيرو” ۾انوشڪا بهترين اداڪاري ڪئي: ويرات ڪوهلي

انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوھلي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) شاهه رخ خان، قطرينه ڪيف ۽ انوشڪا شرما جي فلم “زيرو” شوقينن ۽ نقادن کي ته متاثر نه ڪري سگهي، پر ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي فلم جي واکاڻ ڪندي پنهنجي گهرواري انوشڪا شرما جي ڪردار مان متاثر ٿيو آهي.
ويرات ڪولهي فلم “زيرو“ ڏسڻ بعد واکاڻ ڪندي پنهنجو رايو پڻ ڏنو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ويرات ڪوهلي لکيو ته فلم “زيرو” ڏٺي، فلم ۾ ڀرپور مذاح ڏسي ڏاڍو مزو ورتو، فلم ۾ هر ڪنهن پنهنجو ڪردار زبردست نموني نڀايو آهي.
ويرات ڪوهلي چيو ته فلم ۾ خاص طور انوشڪا شرما جي اداڪاري پسند آئي، ڇاڪاڻ ته مون محسوس ڪيو انوشڪا جو ڪردار چيلنجنگ هو ۽ هوءَ تمام بهترين هئي.

سارا علي خان جي خواهش پوري ٿي وئي

سارا علي خان آريان ڪارتڪ سان ملڻ جي خواهش ڪئي هئي

رنوير سنگهه سندس خواهش پوري ڪندي آريان کي سارا سان ملايو
سارا خان ۽ ڪارتڪ آريان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي نياڻي سارا علي خان بالي ۾ نالو ڪمائي ورتو آهي، پر ويجهڙ ۾ هن ڪافي وٿ ڪرن دوران هڪ خواهش جو اظهار ڪيو هو، جيڪا خواهش سندس پوري ٿي وئي آهي. سمبا جي مشهوري دوران رنوير سنگهه سارا علي خان کي آريان ڪارتڪ سان ملايو ته هوءَ خوش ٿي وئي. سارا علي خان فلم ڪيدرناٿ ذريعي بالي ۾ پير پاتو هو، جنهن کانپوءِ سندس ايندڙ فلم سمبا 28 جنوري تي ريليز ڪئي ويندي.

تپسي پنو جو دلچسپ جواب گوگل ٽرينڊ بڻجي ويو

تپسي پنو سيريبرم لفظ استعمال ڪرڻ کانپوءِ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ گوگل ٿيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا تپسي پنو پاران ٽوئٽر تي هڪ مداح کي ڏنل جواب گوگل ٽرينڊ بڻجي ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ تپسي پنو جي ٽوئٽر تي سندس مداح ظاهري ۽ جسماني تعريف ڪئي، جنهن تي تپسي جواب ڏنو ته کيس پنهنجو پورو جسم سٺو لڳندو آهي. تپسي پنو مداح کان سوال ڪندي چيو ته کيس جسم مان سيريبرم cerebrum وار حصو پسند آهي، توهان کي ڪهڙو پسند آهي. تپسي پنو جيئن ئي اهو لفظ استعمال ڪيو ته ڀارت ۾ ماڻهو ان لفظ کي گوگل ڪرڻ لڳا ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين سيريبرم ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ گوگل ذريعي ڳولجهندڙ لفظ آهي. ان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پڻ اهو ٽرينڊ بڻجي ويو ۽ مداح تپسي جي جواب کي پسند ڪرڻ لڳا.

شوقين مون کي کوٽن ۽ غلطين باوجود پسند ڪن ٿا:شاهه رخ خان

بالي ووڊ ادڪار شاره رخ

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ادڪار شاره رخ خان چيو آهي ته هر انسان ۾ کوٽون هونديون آهن، هر عيب کان پاڪ رڳو الله جي ذات آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره شاه رخ خان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هو پنهنجي غلطين ۽ کوٽن باوجود اڄ هڪ اسٽار آهي، کوٽن کان پاڪ ناهيان، ڪيتريون ئي کوٽون ۽ خوبيون هر انسان ۾ هونديون آهن. هن چيو ته مداح غلطين ۽ کوٽن باوجود پسند ڪن ٿا، مون کي رقص نٿو اچي، نه ئي خوبصورت آهيان ۽ بهترين اداڪاري به نٿو ڪري سگهان، جيڪڏهن مون ۾ کوٽون نه هجن ها ته مان بهترين ادڪار هجان هان.

آريان جي مرضي آهي، جيڪڏھن اداڪاري ڪري: شاهه رخ خان

شاهه رخ خان ۽ سندس پٽ آريان خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان چيو آهي ته جيڪڏهن آريان خان چاهي ٿو ته هو ضرور اداڪاري ڪري. ڀارتي ميڊيا موجب فلمساز ڪرن جوهر طرفان شاهه رخ جي پٽ آريان خان کي فلم انڊسٽري ۾ متعارف ڪرائڻ واري بيان تي ڳالهائيندي اداڪار شاهه رخ خان چيو ته ڪرن جوهر تمام سٺو ماڻهو آهي، کيس حق آهي ته هو ائين ڪري، ڇو ته هو سٺو دوست آهي پر جيڪڏهن آريان چاهي ته ضرور ائين ٿئي. هن چيو ته آريان فلمساز ٿيڻ چاهي ٿو، پر فلمساز ٿيڻ لاءِ به کيس سکڻ ۽ تعليم پرائڻ لاءِ 5 کان 6 سال جو وقت گهربل هوندو. شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“ هلندڙ مهيني 21 تي ريليز ڪئي ويندي.

راجپال ياديو اسيري ۾ به قيدين جي چهرن تي مرڪون وکيريون

راجپال ياديو

نئي دهلي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪاميڊين راجپال ياديو جيل ۾ به قيدين کي کلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب راجپال ياديو جيل ۾ هجڻ باوجود پاڻ کي مزاحيه پرفارمنس ڏيڻ کان روڪي نه سگهيو، نئي دهلي جي تهار جيل ۾ هڪ ويهڪ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڀارت جي ڪيترن ئي شاعرن کي گهرايو ويو، شاعرن سان ملاقات دوران راجپال ياديو اسٽيج تي مزاحيه اداڪاري ڪئي، جنهن کي ڏسندي اتي موجود قيدين ۽ جيل اختياريون به کلڻ کي روڪي نه سگهيون. جيل اختيارين جو چوڻ هو ته تهار جيل ۾ وڏي عرصي بعد ڪو مشهور چهرو نظر آيو آهي، اسٽيج تي بالي ووڊ اداڪار کي پرفارم ڪندي ڏسي اتي موجود ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا. هنن چيو ته تهار جيل ۾ سياستدانن، ڪرڪيٽرن، گينگسٽرن ۽ دهشتگردن سميت ڪيتريون ئي شخصيتون قيد ڪاٽي چڪيون آهن، پر گذريل 10 سالن ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو جيل ۾ هڪ مزاحيه اداڪار جي انٽري ٿي آهي.