ميرا والا ڊانس گانو سارا علي خان ۽ رنوير تي فلمايو ويو آهي نيها ڪَڪَڙ ۽ نڪاش عزيز پاران ڳايل گيت ڪمار لکيو آهي
ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارن رنوير سنگهه ۽ سارا علي خان جي نئين فلم سمبا ريليز لاءِ تيار آهي، فلم جي ريليز ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ نئون گيت جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميرا والا ڊانس نالي گاني کي نيها ڪَڪَڙ ۽ نڪاش عزيز ڳايو آهي، جڏهن ته ڪمار پاران گيت کي لکيو آهي. سمبا ۾ رنوير سنگهه هڪ ڪرپٽ پوليس آفيسر ڪو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. روهت شيٽي جي هديتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم کي 28 جمعي ڏينهن ريليز ڪيو ويندو. فلم کي ڪرن جوهر پروڊيوس ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سارا علي خان ۽ رنوير سنگهه مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
سري ديوي جي مداحن سندس آخري پرفارمنس ڏسڻ لاءِ زيرو ڏٺي
ممبئي (شوبز نيوز) هلندڙ سال اوچتو لاڏاڻو ڪري ويل بالي ووڊ جي ناليواري اداڪاري سري ديوي آخري ڀيرو شاهه رخ خان جي فلم زيرو ۾ مختصر ڪردار ادا ڪيو هو. سري ديوي جا مداح سندس زندگي جي آخري پرفارمنس ڏسڻ لاءِ زيرو فلم کي ڏسي رهيا آهن، جنهن دوران ڪيترائي مداح سري ديوي کي ڏسي لڙڪ لاڙي ويٺا. سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئٽر تي ڀارت ۾ سري ديوي جي نالي سان ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ۽ مداح زيرو فلم ڏسڻ کانپوءِ سري ديوي کي آخري ڀيرو وڏي اسڪرين تي اداڪاري ڪندي ڏسڻ ويا، جنهن بابت هو تاثر ونڊي رهيا آهن.
ٻي آجياڻي واري تقريب ۾ رنوير، دپيڪا، ريکا، ڌرميندر سميت ٻين جي شرڪت
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اينٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ ڪاميڊي ڪنگ طور مشهور ڪپيل شرما پنهنجي شادي جي ٻي آجياڻي واري تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن شرڪت ڪئي. ڪپيل شرما ۽ گيني ڇاترا جي شادي جي آجياڻي واري تقريب ۾ ديپڪا پڊوڪون، رنوير سنگهه، ڪيرتي سونن، اروشي، ريکا، روينه ٽنڊن، ڪرن جوهر، اميشا پٽيل، ڪارتڪ آريان، انيل ڪپور، ڀارتي سنگهه، سهيل خان، سليم خان، جتيندر، ڌرميندر، تشار ڪپور، سائنا نهوال سميت شوبز سان گڏ ٻين شعبن جي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رنوير ۽ دپيڪا رقص ڪري ماحول کي خوبصورت ۽ رومانوي بڻائي ڇڏيو.
ڀرپور مذاح سان ڀريل فلم ڪٽنب سان گڏجي ڏسي تمام سٺو لڳو، بهترين انسان شاهه رخ سان جڏهن ملاقات ٿيندي اهو مون لاءِ وڏو ڏينهن هوندو :ملالا يوسفزئي
لنڊن (شوبز ڊيسڪ) نوبل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني شاگردياڻي ملالا يوسف زئي فلم “زيرو” ڏسڻ بعد بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان نالي وڊيو پيغام جاري ڪندي شاهه رخ جي اداڪاري جي واکاڻ ڪئي آهي.
شاهه رخ جي اداڪاري جي واکاڻ ڪندي ملالا يوسف زئي چيو ته فلم ڏسي تمام سٺو لڳو، فلم مزاح سان ڀرپور هئي، جيڪا منهنجي خاندان کي ڏاڍي وڻي.
ملالا چيو ته شاهه رخ آئون توهان جي وڏي مداح آهيان، توهان سان ٽوئيٽر تي ڳالهائڻ سٺو لڳندو آهي، اميد آهي ته هڪ ڏينهن توهان آڪسفورڊ يا برطانيه آيا ته ضرور ملاقات ٿيندي، ۽ اهو ڏينهن مون لاءِ وڏو ڏهاڙو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته توهان بهترين ۽ حيرت انگيز شخص آهيو، هر ڪو توهان کي اها ڳالهه چوندو هوندو پر آئون هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائي رهي آهيان ته توهان حيرت انگيز ۽ سٺا انسان آهيو.
تقريب ۾ ڊيوائن جانسن، ڪيري واشنگٽن ۽ ميگهن مارڪيل پڻ شرڪت ڪندا
لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا جي ور نڪ جوناس جي دوستن لاءِ جنوري جي آخر ۾ شادي جو شاندار وليمو ڪوٺايو ويندو.
ڀارتي ميڊيا موجب پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جوناس سوئٽزرلينڊ ۾ سير ۽ تفريح بعد پريانڪا فلم “دي اسڪاءِ از پنڪ” جي عڪسبندي لاءِ ممبئي ويندي، جنهن بعد هو هن مهيني جي آخر ۾ نڪ جوناس سان لاس اينجلس ۾ ملندي ۽ اتي ايندڙ سال جنوري جي آخر ۾ نڪ جوناس جي دوستن لاءِ شادي جو شاندار وليمو ڪوٺايو ويندو.
وليمي ۾ پريانڪا جا ويجها دوست ڊيوائن جانسن، ڪيري واشنگٽن ۽ ميگهن مارڪيل پڻ شرڪت ڪندا.
مودي بالي ووڊ انڊسٽري جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ هڪ عورت کي به دعوت نه ڏني
ممبئي (شوبز نيوز) ممبئي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران بالي ووڊ انڊسٽري جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن دوران هن انڊسٽري ۾ ايندڙ ڏکيائين کي حل ڪرڻ ۾ بالي ووڊ ستارن جي مدد ڪرڻ جي پيش ڪش ڪئي، پر حيراني طور ان ملاقات ۾ سڄي بالي ووڊ انڊسٽري مان هڪ به عورت شامل نه هئي. ان گڏجاڻي کانپوءِ نريندر مودي کي توڙي بالي ووڊ جي مرد اداڪارن توڙي هدايتڪارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. اداڪارا ديا مرزا پاران اڪشي ڪمار ۽ نريندر مودي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سڄي بالي ووڊ انڊسٽري مان هڪ به عورت کي گڏجاڻي ۾ گهرائڻ جو سبب ڇا هو؟ مودي ۽ بالي ووڊ انڊسٽري جي ماڻهن جي ملاقات ۾ ڪنهن به عورت جي شامل نه هجڻ تي ماڻهن پاران مٿن سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته اڪشي ڪمار توڙي ٻين بالي ووڊ اسٽارن رد عمل ۾ ڪو به جواب ناهي ڏنو.
ساجد ناڊياوالا جي باغي سيريز ۾ ٽائگر شيروف ايڪشن ۾ نظر ايندو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار جيڪي شيروف جو پٽ ٽائيگر شيروف بالي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، سندس فلم باغي سيريز جي ٽئين فلم جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلم جي هدايتڪار ساجد ناڊيا والا پاران فلم کي 2020ع ۾ ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. باغي سيريز جون پهريون ٻه فلمون باڪس آفيس تي ڪامياب ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ باغي ٿري جو اعلان ڪيو ويو. فلم جي هيرو ٽائيگر پاران ٽوئٽر ذريعي فلم جو پوسٽر پڻ جاري ڪيو.
”ماني ڪرنيڪا” ۾ ڪنگنا انگريزن خلاف جنگ وڙهندڙ جهانسي جي راڻي بڻجندي
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪوئين ڪنگنا راناوت جي نئين فلم “ماني ڪرنيڪا” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن. ٽن منٽن جي ٽريلر ۾ ڪنگنا کي هڪ عام ڇوڪري مانو کان جهانسي جي راڻي ۽ هڪ آزادي پسند راڻي جي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ايسٽ انڊيا ڪمپني جهانسي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ساڳي وقت هندستاني انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪن ٿا. فلم جي مک ڪردار ۾ ڪنگنا راناوت شامل آهي، جڏهن ته ڊيني ڊينزونگپا فلم ۾ غلام غوث خان جو ڪردار ادا ڪيو آهي. فلم جا ٻيا اهم ڪردار جشو سين گپتا، سريش اوبراءِ، اتل ڪولڪرني، زيشان ايوب ادا ڪري رهيا آهن. ايڪشن ۽ تجسس سان ڀرپور فلم کي 25 جنوري تي ريليز ڪيو ويندو.
فلپائني اداڪاره، گلوڪاره ۽ ٽي وي ميزنان کي مس يونيورس چونڊيو ويو
لاس اينجلس(شوبز نيوز) فلپائني گلوڪاره، اداڪاره، ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان ڪيٽريونا گري مس يونيورس 2018ع جو تاج کٽي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائني آسٽريلوي گلوڪاره، اداڪاره ۽ ٽي وي ميزبان ڪيٽريوناگري بينڪاڪ ۾ ٿيل 2018ع جي مس يونيورس جي حسن جو مقابلو کٽي ورتو، جنهن ۾ هن 93 ٻين ملڪن جي عورتن کي شڪست ڏني. مس يونيورس جي حسن جي مقابلي ۾ مس يونيورس 2017ع جي ڏکڻ آفريقا جي ڪامياب اميدوار ڊيمي لي ليگ نيل پيٽرس پنهنجو تاج ڪيٽريونا گري کي پارايو. حسن جي مقابلي جي پهرين رنر اپ ڏکڻ آفريقا جي تمارين گرين جڏهن ته ٻئين رنر اپ وينزويلا جي اسٽيهفني گوٽيرز کي قرار ڏنو ويو
شادي دعوت ۾ ڪپيل جي ساٿي اداڪارن توڙي مزاحيا اداڪارن شرڪت ڪئي
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ توڙي ٽي وي پروگرامن جو ڪاميڊي ڪنگ ڪپيل شرما شادي کانپوءِ دعوت رکي، جنهن ۾ ڪيترن ئي اداڪارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڪپيل شرما پنهنجي دوست گيني ڇهاترا سان 12 ڊسمبر تي جهالندر ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو هو. شادي کانپوءِ ڪپيل شرما دعوت ڪئي جنهن ۾ سندس ساٿي اداڪار شريڪ ٿيا. تقريب ۾ ڀارتي سنگهه، ڪرشنا اڀيشڪ، ڪڪو شردا، سمونا چڪرورتي شريڪ ٿيا، جڏهن ته تقريب جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
اميتاڀ بچن، عامر خان، ايشوريه ۽ اڀيشيڪ بچن سميت ٻين مهمان نوازي ڪئي
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي کرب پتي مڪيش امباڻي جي ڌيءُ جي شادي ۾ سڀني کان وڏي ڳالهه بالي ووڊ ستارن جي مهمان نوازي آهي، جيڪي مڪمل طور ”ڪنواريتا“ ڏسڻ ۾ آيا. اميتاڀ بچن، عامر خان، ايشوريه ۽ اڀيشيڪ بچن سوڌو ڪيترن ئي فلمي شخصيتن مهمانن کي کاڌو ڏيندي نظر آيا. تقريب ۾ شرڪ ڪندڙ مهمانن به روايتي گجراتي کاڌن سان ڀرپور انصاف ڪيو. ريلائنس انڊيسٽريز جي مالڪ مڪيش امباڻي جي ڌيءُ ايشا امباڻي سائيڪلوجي ۽ سائوٿ ايشين اسٽڊيز ۾ ماسٽرز ڪئي آهي، جڏهن ته آنند پرامل ڀارت جي مشهور ترين ڪاروباري خاندان سان واسطو رکي ٿو، ٻئي خاندان هڪ ٻئي کي 4 ڏهاڪن کان سڃاڻين ٿا.