fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ منهنجو ڪردار سڀني کان مضبوط آهي: حمائمه ملڪ

حمائمه ملڪ “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” ۾ هڪ شهزادي جو ڪردار ادا ڪندي

منهنجو ڪردار منفرد ۽ وڻندڙ آهي، جيڪو سڀني کي پسند ايندو: حمائمه ملڪ
حمائمه ملڪ

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ توڙي بالي ووڊ ادڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ پاڪستاني خوبصورت اداڪارا حمائمه ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي ايندڙ ميگا بجيٽ فلم“ دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ سندس سڀ کان سگهارو ڪردار آهي. سندس چوڻ هو ته فلم ۾ هوءَ شهزادي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهنڪري شوٽنگ دوران کيس هر پرفيڪٽ رهڻو هو، جڏهن ته سندس خاص ميڪپ هوندو هو، جنهن جو بلال لاشاري پڻ خيال رکندو هو. هن چيو ته فلم ۾ سندس ڪردار منفرد ۽ تمام گهڻو وڻندڙ آهي، جنهنڪري اهو ڪردار سڀني کي پسند ايندو. دي ليجنڊ آف دي مولا جٽ کي ايندڙ سال عيد الفطر جي موقعي تي ريليز ڪيو ويندو. فلم ۾ فواد خان، ماهرا خان، همزه علي عباسي ۽ حمائمه ملڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

نوازالدين صديقي شو سينا سربراهه بال ٺاڪري بڻجندو

شو سينا اڳواڻ فلم جي هدايتڪار ڏني، ايندڙ سال فلم ريليز ٿيندي

فلم ۾ شو سينا سربراهه جا تڪراري پاسا نه ڏيکاريا ويندا

ممبئي (شوبز نيوز) هندو انهاپسند تنظيم شو سينا جي سربراهه بال ٺاڪري تي بالي ووڊ فلم ٺاهي پئي وڃي، جنهن ۾ نواز الدين صديقي مرحوم بال ٺاڪري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نوازالدين صديقي پاران بال ٺاڪري جي روپ ۾ نظر ايندو، جڏهن ته ان حوالي سان نواز الدين صديقي جون تصويرون پڻ وائرل ٿي رهيون آهن. فلم جو نالو ٺاڪري ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته فلم جي هدايتڪاري پڻ شو سينا ايم پي اي سنجي رائوت ڏني آهي. فلم کي ايندڙ سال مارچ ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته نوازالدين صديقي سان گڏ امرتا رائو، عبدل القادر امين، انوشڪا جهادو ۽ ٻيا اهم ڪردار ادا ڪندا. فلم کي هندي، مراٺي ۽ انگريزي ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي جي معاملن کي وقت تي ڇڏي ڏنو

شادي لاءِ وقت مقرر ناهي هوندو، جڏهن وقت آيو ته پاڻ ئي ٿي ويندي: ڪترينا

ضرورت پئي ته شادي لاءِ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪندس: بالي ووڊ باربي ڊول

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي جي حوالي سا نيٺ بيان ڏنو آهي. ممبئي ۾ پنهنجي نئين ايندڙ فلم “زيرو” جي مشهوري تقريب دوران صحافين پاران شادي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪترينا ڪيف چيو ته سندس شادي جي سڀني کي فڪر آهي ته مان ڪڏهن ڪنديس، پر منهنجو مڃڻ آهي ته شادي لاءِ ڪا منصوبابندي ناهي ڪبي، مان اها وقت تي ڇڏي ڏني آهي. شادي اهڙي شيءِ ناهي جو توهان انٽرنيٽ تي وڃي بٽڻ دٻايو ۽ گهوٽ حاضر ٿي وڃي، ان ۾ وقت لڳندو آهي، منهنجي لاءِ شادي جي منصوبابندي غير ضروري آهي. جيڪڏهن شادي ٿيڻي هوندي ته پاڻ ئي ٿي ويندي. ڪترينا ڪيف چيو ته جيڪڏهن مونکي ضرورت محسوس ٿي شادي لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ڇڏيندس.

پريانڪا بعد پرنيتي چوپڙا ڪنوار ٿيڻ جون تياريون ڪرڻ لڳي

پرنيتي چوپڙا پنهنجي گهاٽي دوست چيرٽ ديسائي سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندي

بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا شادي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهي آهي. بالي ووڊ ۾ شادي جي سيزن ختم ناهي ٿي، دپيڪا پڊوڪون، رنوير سنگهه، نڪ جوناس ۽ پريانڪا چوپڙا، ڪپيل شرما کانپوءِ هاڻي ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب پرنيتي چوپڙا پڻ پنهنجي ويجهي دوست چيرٽ ديسائي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ لاءِ تيار آهي. چيرٽ ۽ پرنيتي چوپڙا وچ ۾ دوستي جو خبرون 2017ع کان هلي رهيون آهن، هو بالي ووڊ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. چيرٽ ديسائي اگني پاٿ ۾ اسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو هو، جڏهن ته چيرٽ ديسائي ۽ پرنيتي چوپڙا ۾ پهرين ملاقات 2016ع ۾ ٿي هئي.