fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

دپيڪا پڊوڪون جا انسٽاگرام تي 3 ڪروڙ مداح

دپيڪا پريانڪا چوپڙا کانپوءِ وڌيڪ مداح رکندڙ ڀارتي

ديپيڪا پڊوڪون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ ٻيو نمبر مشهور ڀارتي بڻجي وئي آهي. انسٽاگرام تي دپيڪا جا 3 ڪروڙ فالوئرز آهن، جڏهن ته پريانڪا چوپڙا دپيڪا کان اڃان تائين اڳتي آهي. 30 ملين فالوئرز ٿيڻ کانپوءِ دپيڪا پاران سوشل ميڊيا تي پنهنجو وڊيو به جاري ڪيو، جنهن ۾ هوءَ مون والڪنگ ڪري رهي آهي. هلندڙ سال کيس ايشيا جي پرڪشش ترين عورت جو اعزاز پڻ مليو، جڏهن ته هوءَ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ عورت اداڪارا پڻ آهي، دپيڪا ايندڙ فلم ۾ لڪشمي اگروال جو ڪردار ادا ڪندي، جنهن کي مگهنا گلزار ڊائريڪٽ ڪري رهي آهي.

سونم ڪپور جو پيءُ جي سالگره تي جذباتي پيغام

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور پنهنجي پيءُ انيل ڪپور جي سالگره جي موقعي تي پيغام جاري ڪري سڀني کي جذباتي ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي بيان جاري ڪندي سونم ڪپور چيو ته فلم انڊسٽري ۾ منهنجي 10 ورهين جي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو والد گڏ فلم ۾ اچي رهيو آهي ۽ منهنجي شادي ٿيندي به ڏٺي.
سونم ڪپور چيو ته زندگي ڏکئي ۽ خوبصورت به آهي، توهان جي ٿورائتي آهيان ته مون کي محبت ڪرڻ سيکاري منهنجي جذبن کي هوا ڏني ۽ پرورس ۾ اخلاقيات جو سبق سکياريو.
سونم ڪپور پيغام سان گڏ فلم “ايڪ لڙڪي جو ديکا تو ايسا لگا” جي سيٽ جي ڪميرا جي پردي جي هڪ تصوير به جاري ڪئي.

شرڌا ڪپور فلم ”ڇڇوري“ ۾ ٻن ڪردارن ۾ نظر ايندي

بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور فلم ”ڇڇوري“ ۾ ٻن مختلف روپن ۾ نظر ايندي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره شرڌا ڪپور نئين فلم ادڪار سوشانٽ سنگهه راجپوت سان مرڪزي ڪردار نڀائيندي، جنهن ۾ هو ٻٽي ڪردار ۾ نظر ايندي.
شرڌا جي فلم جو هڪ روپ 90 واري ڏهاڪي تي فلمايو ويندو، جنهن ۾ سندس وار ننڍا هوندا، جڏهن ته ٻي روپ ۾ شرڌا ڪپور اڌڙوٽ عمر واري عورت نظر ايندي.

رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ايوارڊ تقريب دوران روئاڙي ڇڏيو

رنوير پنهنجي محبوبا ۽ زال سان محبت جو اظهار ڪيو ته دپيڪا لڙڪ لاڙي ويٺي

ديپيڪا ۽رنوير سنگھ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار رنوير سنگهه پنهنجي محبوبا ۽ گهرواري اداڪاره دپيڪا پڊوڪون کي روئاري ويٺو آهي. هڪ ايوارڊ تقريب دوارن رنوير سنگهه دپيڪا پڊوڪون سان محبت جو اظهار ڪيو ته هوءَ لڙڪ روڪي نه سگهي. رنوير سنگهه ايوارڊ تقريب دوران چيو ته کيس فلمن ۾ ڪڏهن کيس راڻي نه ملي پر حقيقت ۾ کيس راڻي ملي وئي آهي، مان دپيڪا سان تمام گهڻي محبت ڪيان ٿو، گذريل ڇهه سالن دوران جيڪڏهن مان پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه حاصل ڪيو آهي ته اهو دپيڪا جي ڪري حاصل ڪيو آهي. رنوير جو ڳالهيون ٻڌي دپيڪا پنهنجي جذبن تي قابو نه ڪري سگهي ۽ روئي ڏنائين. ان دوران اداڪار رنوير سنگهه فلم پدمات ۾ ڪردار تي بهترين اداڪار جو ايوارڊ حاصل ڪيو.

دنيا ۾ ممبئي اها جاءِ آهي جتي منهنجا خواب حقيقت بڻيا: سني ليوني

بالي ووڊ اداڪاره سني ليوني

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سني ليوني چيو آهي ته ممبئي ئي سڄي دنيا ۾ اها جاءِ آهي، جنهن منهنجا خواب حقيقت ۾ تبديل ڪيا. ڀارتي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ ممبئي شهر ۾ پنهنجي 7 ورهين جي فلمي سفر تي ڳالهائيندي اداڪاره سني ليوني چيو ته سڄي دنيا ۾ ممبئي اهو شهر آهي، جتي مان خواب سچا بڻائي سگهيس پئي. هن چيو ته اڄ جنهن منزل تي آهيان، ان بابت 7 سال اڳ مون تصور به نه ڪيو هو، پر ممبئي اها جاءِ آهي، جتي مان رهي ڪم ڪرڻ چاهيان پئي.