ڪوٽڙي(رپورٽ- ڌڻي بخش باريجو) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سهڪار سان جاري پاڪستان ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو ڪوٽڙي ۾ مڪمل ٿيو. ٽورنامينٽ ۾ پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جون ٽيمون پهرين مرحلي ۾ چار چار ميچز کيڏي چڪيون، جن ۾ پنجاب ٻن ميچز ۾ سوڀ ۽ ٻن ۾ شڪست کاڌي.سنڌ جي ٽيم چئن ميچز مان رڳو هڪ ئي کٽي سگهي، بلوچستان چئن مان 2 ميچون پنهنجي نانءُ ڪيون.اهڙي ريت ڪي پي چئن مان ٽن ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ مختلف ٽيمن جي نابين رانديگرن مطيع الله، عبدالرزق، راشد علي ۽ اعجاز شيخ ۽ ٻين ته ڪرڪيٽ ۾ ڪاڪردگي ڏيکارڻ جو مقصد اهو آھي ته نابين اکين کان محروم ضرور آھن پر لاچار ناهن.سپر ليگ جو افتتاح اسپورٽس ڪامپليڪس ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ سميت ٻين ڪيو.واضح رهي ته ٽورنامينٽ ليگ سسٽم تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هر ٽيم 6 ميچ کيڏي، جن مان گهڻيون ميچون کٽيندڙ 2 ٽيمون فائنل ۾ جاءِ ٺاهينديون. ٽورنامينٽ جو فائنل حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ 30 ڊسمبر تي ٿيندو.
ڪوٽڙي: آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا مقابلا
نابين هئڻ باوجود همت ناهي هاري، ڪنهن کان گهٽ ناهيون: رانديگر
قومي ٽيم جي فٽنيس معاملن تي انتظاميه جو ٻٽو معيار آهي: عاقب جاويد

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد ٽيم انتظاميه کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ٽيم جي فٽنيس معاملن تي انتظاميه جو ٻٽو معيار آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته فٽنيس ڪلچر جي دعويدار مئنيجمينٽ خاص رانديگرن کي رعايت ڏي ٿي، ٽيم انتظاميه کان اهو سوال ڪرڻ واجب آهي ته جڏهن ته ٽن رانديگرن جي فٽنيش شڪي هئي ته پوءِ کين ڏکڻ آفريقا ڇو وٺي وئي.
هن چيو ته جن رانديگرن کي گذريل دورن ۾ فٽنيس مسئلن تي واپس اماڻيو ويو هو ته اهي ٽيم انتظاميه جي اهڙن فيصلن تي ڇا سوچيندا هوندا.
سندس چوڻ هو ته محمد عرفان ۽ وهاب رياض ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جا بهترين بالر آهن، پر کين ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان ٻاهر ڪيو ويو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ عاقب جاويد جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريقا دوري تي ويندڙ پاڪستاني بيٽسمينن کي پچ بائونس جو اندازو ناهي هوندو، امام الحق ۾ ٽيلنٽ آهي، پر کيس ڏکين حالتن ۾ سکڻ لاءِ وقت لڳندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وٽ رينڪنگ بهتر ڪرڻ جو موقعو

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي، سيريز کٽڻ جي صورت ۾ پاڪستان وٽ رينڪنگ بهتر ڪرڻ جو موقعو موجود آهي. پاڪستان ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز وائيٽ واش ڪرڻ جي صورت ۾ ڇهين نمبر تي اچي سگهي ٿي، جڏهن ته هڪ جي مقابلي ۾ ٻن ميچن تان کٽڻ جي صورت ۾ پڻ ڇهين نمبر تي اچي سگهي ٿي. ڏکڻ آفريڪا وٽ به پاڪستان کي وائيٽ واش ڪرڻ جي صورت ۾ ٻي نمبر تي اچڻ جو موقعو موجود آهي. ٻي پاسي بالر توڙي بيٽسمين پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي پوائنٽون وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا.
ڀارت جو ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز لاءِ ڌار ڌار ٽيمن جو اعلان، ڌوني جي واپسي

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف ون ڊي، نيوزلينڊ خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڌار ڌار ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جي چونڊيل اسڪواڊ ۾ اڳوڻي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني جي ٻيهر واپس ٿي، ريشب پنت کي ون ڊي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو، جڏهن ته سريش رائنه بدستور ٽيم جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو، آل رائونڊر هرديڪ پانڊيا انجري کان ڇوٽڪاري بعد ٻيهر اسڪواڊ ۾ واپسي ڪئي، فاسٽ بالر اميش ياديو ٻنهي اسڪواڊز ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو.
آسٽريليا ۽ نيوزلينڊ خلاف چونڊيل ون ڊي اسڪواڊ ۾ ڪپتان ويرات ڪوهلي، نائب ڪپتان روهت شرما، لوڪيش راهول، شيکر ڌون، امباتي رائيڊو، دنيش ڪارٿڪ، ڪيدر جاديو، ڌوني، پانڊيا، ڪلديب ياديو، يزويندر، جديجا، ڀونشور ڪمار جسپريت ڀمرا، خليل احمد ۽ محمد شامي شامل آهن.
نيوزلينڊ خلاف چونڊيل ٽي 20 اسڪواڊ ۾ ڪپتان ويرات ڪوهل، نائب ڪپتان روهت شرما، لوڪيش راهول، ريشب پنت، دنيش ڪارٿڪ، ڪيدر جاديو، ڌوني، هرديڪ پانڊيا، ڪرونل پانڊيا، ڪلديپ ياديو، يوزويندر اڇامل، جسپريت بمرا ۽ خليل احمد شامل آهن.
آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ کان اڳ ايشون ۽ جديجا زخمي ٿي پيا

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ کان اڳ ڀارتي ٽيم وڏو ڌچڪو لڳي ويو. اسپنر ايشون ۽ رويندرا جديجا جي شرڪت انجري سبب شڪي بڻجي وئي.
ڀارتي ٽيم جي ڪوچ روي شاستري موجب ايشون ۽ جديجا انجري کي منهن ڏئي رهيا آهن، ايشون کي ٻئين ٽيسٽ ۾ به نه کيڏايو ويو، ۽ جديجا آسٽريليا خلاف سيريز جون ٻئي ٽيسٽ ميچون نه کيڏي سگهيو آهي. هن چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ايشون ٺيڪ ٿي ويندو، ايشون اڳ کان هاڻي بهتر محسوس ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جديجا جي فٽنيس نه هجڻ سبب کيس ٻئين ٽيسٽ ۾ نه کيڏايو ويو، جديجا ڪلهي جي مسئلي سبب انجيڪشن هڻائي هئي، جنهن سبب ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳي سگهي ٿو.
پي ايس ايل فرنچائزز جو ٽيڪس ڇوٽ لاءِ عدالت وڃڻ جو امڪان

لاھور (اسپورٽس ڊيسڪ) پي ايس ايل فرنچائزز طرفان ٽيڪس ۾ ڇوٽ لاءِ ايندڙ هفتي عدالت وڃڻ جو امڪان آهي، سومر تي قطعي فيصلو ٿيندو. ميڊيا رپورٽن موجب پي ايس ايل جي گذريل ٽنهي ايڊيشنز ۾ لاڳت کان وڌيڪ خرچ اچڻ تي پريشان فرنچائزز مالڪ انتظار ۾ آهن ته حڪومت سندن درخواست تي همدردي طور غور ڪندي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪندي. هڪ فرنچائز ذريعن موجب ڀارت ۾ آءِ پي ايل فرنچائزز کي 10 سالن تائين ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي هئي. پي ايس ايل کي به سهولت ڏني وڃي ته مالي مسئلا گهٽجي ويندا، اميد آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر طرفان هاڪاري جواب ملندو. ذريعن موجب ٻي صورت ۾ عدالت وڃي فرنچائزز پنهنجو موقف پيش ڪنديون. ان سلسلي ۾ اڳڀرائي لاءِ فرنچائزز حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، جنهن تي سڀاڻي کان غور ويچار ڪيو ويندو.