fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

نوشهري فيروز ڀرسان دوستاڻو ميچ : موري وارن نورپور کي هارايو

نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهري فيروز ڀرسان مورو ٽيم 8 وڪيٽن تان نورپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ڳوٺ راهب مورو ۾ شهيد قربان علي مورو جي ياد ۾ جونيئر رانديگرن جي ڪرايل ڪرڪيٽ ميچ ۾ شاهه عبداللطيف يوسي راهب مورو جي ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ڪنگ اليون يوسي نورپور جي ٽيم مقرر 8 اوورن ۾ 44 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ شاهه عبداللطيف راهب مورو ٽيم گهربل هدف 5 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ کٽي.
امتياز سرور مورو کي 25 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر وارو ايوارڊ ڏنو ويو. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن علي اڪبر مورو، استاد معشوق وڳڻ، استاد رحمت الله مورو، ۽ ٻين ڪامياب جونيئر ٽيم جي رانديگرن کي ٽرافي ڏيڻ سان گڏ ٻيا انعام ڏنا.

شهداد پور ڀرسان جنوري ۾ چيمپئنز ٽرافي ڪرائڻ جو اعلان

شهداد پور (ن پ ا) شهداد پور ڀرسان ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جنوري ۾ چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين مجيب الرحمان رند جي اڳواڻي ۾ مختلف ٽيمن جي ڪپتانن گڏجاڻي ڪري مقصودو رند ۾ ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
هنن چيو ته ٽورنامينٽ ۾ شهدادپور سميت مختلف علائقن جي 30 ٽيمن ۾ مقابلا ٿيندا. جنهن ۾ هر هڪ ڪپتان چئمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجون ٽيمون رجسٽرڊ ڪرائيندا.
سندن چوڻ هو ته چيمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ فاتح ٽيم کي هڪ عدد موٽر سائيڪل، رنر اپ ٽيم ٽيم کي 30 هزار روڪ رقم، جڏهن ته سيريز جي بهترين رانديگر کي 10 هزار روڪ انعام ڏنا ويندا.
ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اطلاعات سيڪريٽري منور علي رند موجب چيمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ هر سال ڪرائيندا آهيون، نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ راند جو وڏو ٽيلنٽ موجود آهي.
هن چيو ته ايندڙ سال جون ۽ جولاءِ ۾ ضلعي سطح تي جشن آزادي ڪپ پڻ ڪرائينداسين، جنهن ۾ فاتح ٽيم کي ڏيڍ لک روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو انعام ڏنو ويندو.

اڳوڻي آسٽريلوي بالر، ڪوهلي کي چيلنج ڏئي ڇڏيو

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندي اڳوڻي آسٽريلوي بالر مچل جانسن چيو آهي ته آسٽريليا خلاف ميلبورن ٽيسٽ ۾ ڪوهلي سنچري ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو ته کيس رٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مچل جانسن هڪ روڊ جي تصوير جاري ڪئي، جيڪا ٽيسٽ پچ جي عڪاسي ڪري رهي هئي. هوڏانهن ڀارتي صارفين ڊگهي وقت کان ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندڙ مچل جانسن تي پڻ جوابي تنقيد ڪئي، جنهن تي جانسن ويرات ڪوهلي لاءِ وڏو چيلنج رکيو ته سنچري ٺاهي يا رٽائرمينٽ ڏئي.

ننگرپارڪر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دلبر اليون سخت مقابلي ڪندي کٽي ورتو

مرحوم الهه بچايو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ٿرپارڪر ضلعي 8 بهترين ٽيمن حصو ورتو

فائنل ۾ دلبر اليون سخت مقابلو ڪندي ڪنگز اليون کي 5 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي

ننگرپارڪر (رپورٽ فيض کوسو ) ننگرپارڪر ۾ مرحوم الهبچايو مهر ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڳوٺ سوندر ۾ ٿيو. جنهن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي 8 بهترين ٽيمن دلبر اليون، ڪنگز اليون، شهيد غلام رحيم اليون، طوفان اليون، غوثيه اليون رامسر، غازي اليون اسلام ڪوٽ، حر مجاهد اليون، ڊينجرز اليون حصو ورتو.
ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ دلبر اليون ننگرپارڪر ۽ ڪنگز اليون ننگرپارڪر جي وچ ۾ ٿيو، جيڪو انتهائي سخت مقابلي کانپوءِ دلبر اليون 5 رنسن تان پنهنجي نالي ڪيو. دلبر اليون پهريان بيٽنگ ڪندي 98 جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڪنگز اليون 93 اسڪور ٺاهي سگهي.
ٽورنامينٽ جي ڀلوڙ رانديگر جو ايوارڊ ننگر پارڪر جي بهترين آل رائونڊر فضل حسين، بهترين بيٽسمين انظار حسين ۽ بالر جو ايوارڊ سجاد حسين حاصل ڪيو . آخر ۾ ونر ٽيم جي ڪپتان لجپت ڪولهي ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان نصرﷲ کوسو کي فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلعي ٿرپارڪر جي نائب صدر محمد خان مهر ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنو.

لاڙڪاڻي ۾ يوم قائد تي ووشو ڪنگفو چيمپئن شپ ڪرائي وئي

لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ قائداعظم ڏهاڙي جي موقعي تي قائداعظم انٽر ووشو ڪنگفو چئمپين شپ ڪرائي وئي. سنڌ جي راندين واري کاتي جي سهڪار سان ڊسٽرڪٽ ووشو ڪنگفو ايسوسئيشن پاران نيو بس ٽرمينل اسپورٽس هال ۾ ڪرايل چيمپئن شپ ۾ لاڙڪاڻي، رتوديرو، لالورائنڪ، گاجي کهاوڙ، ميروخان سميت ٻين شهرن جي رانديگرن حصو ورتو.
چيمپئن شپ ۾ محمد انيس جمالي، عاشق بليدي، آصف لاشاري ۽ توقير حسين لغاري سميت ٻين ڪاميابي ماڻي.
خاص مهمان عبدالجبار ٻگهيو، ووشو ڪوچ مقبول احمد سومرو ۽ ٻين ڪامياب رانديگرن ۾ ٽرافيون، انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، صحتمند سرگرمين ۽ رانديون ڪرائڻ سان راندين جا ميدان آباد ۽ اسپتال ويران ٿينديون آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مستقبل ۾ به اهڙي قسم جا پروگرام ڪرائي جنهن سان نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي.

ڀارت خلاف باڪسنگ ٽيسٽ ۾ مارش جي شموليت جو امڪان

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪوچ جسٽن لينگر ڀارت خلاف رٿيل باڪسنگ ڊي ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ پيٽر هينڊز ڪامب جي جاءِ تي مچل مارش کي شامل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
آسٽريلوي ڪوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽيم متوازن ڪرڻ لاءِ بالنگ آل رائونڊر هجڻ سبب اسان مچل مارش کي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ کيڏائڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، سندس تجربو به وڌيڪ آهي.
هن چيو ته اميد آهي ته مچل مارش بال ۽ بيٽ سان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم کي سوڀ ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار نڀائيندو. سندس چوڻ هو ته پيٽر هينڊز ڪامب ۽ مچل مارش ٻئي صلاحيتن وارا رانديگر آهن، ٻئي اسپنرز سٺو کيڏندا آهن، ان ڪري اسان لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي، جڏهن ته ٽيم بهتر مفاد ۾ سخت فيصلو ڪرڻو پوندو.

شاهپورجهانيان ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ المهراڻ ٽيم کٽي ورتو

فائنل ۾ المهراڻ، شهنشاهه ٽيم پاران ڏنل 136 رنسن جو هدف نائين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو

حسن آرائين بيٽنگ، اعجاز ٻگهيو بالنگ، جڏهن ته مظھر لغاري ۽ آچر ٻگهيو بهترين فيلڊرقرار

شاهپورجهانيان (اختر آزاد ڏاهري) شاهپورجهانيان شھر جي ميلا گرائونڊ تي شھيد راڻي بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنهن جي فائنل ۾ المهراڻ ۽ شھنشاھ سخت مقابلو ڪيو. المهراڻ ٽيم ٽاس کٽي شھنشاھ ٽيم کي پهريان کيڏڻ جي دعوت ڏني، شھنشاھ ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهيون ۽ المهراڻ 136 جو هدف نائين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري شھيد راڻي بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. فاتح ڪپتان ربنواز گل ڏاهري ٽرافي وصول ڪئي. ٽورنامينٽ ۾ حسن آرائين بهترين بئٽنگ ڪري اسڪور ۾ اڳڀرو رهيو، جڏهن ته بهترين بالنگ جو ايوارڊ اعجاز ٻگهيو ۽ بهترين فيلڊنگ واري ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 2 رانديگرن مظھر لغاري ۽ آچر ٻگهيو کي انعام ڏنو ويو. ٽورنامينٽ جي خاص مهمان ۽ شاهپورجهانيان ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين حاجي خالد حسين آرائين رانديگرن ۾کي مڃتا طور انعام ڏنا. ان موقعي تي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي شاهپورجهانيان ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين حاجي خالد حسين آرائين چيو ته رانديون نوجوانن جون ذھني ۽ جسماني صلاحيتون وڌائڻ سان، مختلف بيمارين کان به بچائين ٿيون انڪري نوجوانن کي علمي، ادبي سرگرمين سان گڏ راندين ۾ به دلچسپي وٺڻ گهرجي.

ننگر پارڪر ۾ دلبر اليون ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي

ننگرپارڪر (رپورٽر ) ننگرپارڪر ۾ دلبر اليون نواب شاهه اليون کي شڪست ڏئي ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ڪارونجهر ڪرڪيٽ ميدان ۾ سماجي ڪارڪن دلبر حسين کوسو جي ياد ۾ ڪرايل پنجين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ دلبر اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 76 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ نوابشاهه اليون مقرر اوورن ۾ 60 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي ريت دلبر اليون 16 رنسن تان فائنل کٽي اعزاز ماڻيو. ميچ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ ڪامران ۽ سيريز جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ لجپت ڪولهي حاصل ڪيو.
ان موقعي تي ٽائون چيئرمين سردارخان کوسو ، لالا قمبر کوسو ۽ پرنسپال حنيف کوسو سميت ٻين فاتح ٽيم جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا.
ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ڪُل 16 ٽيمن حصو ورتو.

پاڪستان جي پهرين پريميئر ليگ ويل چيئر ڪرڪيٽ شروع ٿي وئي

پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ) پشاور ۾ پاڪستان جي پهرين پريميئر ليگ وهيل چيئر ڪرڪيٽ شروع ٿي وئي. اسپيشل لائف فائونڊيش جي انتظام هيٺ ضلعي حڪومت جي سهڪار سان پهرين پريميئر ليگ ويل چيئر ڪرڪيٽ جو افتتاح ناظم محمد عاصم خان ڪيو.
ليگ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺنديون، جن ۾ ڪي پي جان، بلوچستان سردار، سنڌ رئيس، پنجاب ڌمال، ڪئپٽيل ڪمانڊر اسلام آباد ۽ همالين هاڪس گلگت بلتستان شامل آهن.
افتتاحي ميچ پختون جان ۽ پنجاب ڌمال کٽي ورتيون. پهرين ميچ ۾ پختون جان سنڌ رئيس کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ پنجاب ڌمال ڪئپيٽل ڪمانڊر اسلام آباد کي 16 رنسن تان شڪست ڏني.