لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي شهريار خان خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي نجم سيٺي چيو ته ڀارتي بورڊ کان هرجاڻي وارو ڪيس هارائڻ ۽ ڳري ڏنڊ تي شهريار خان مون کي ذميوار قرار ڏن، جڏهن ته سندس سمورا الزام ڪوڙ تي ٻڌل هئا. هن چيو ته ائين چوڻ بلڪل غلط نه هو ته گڏيل سيريز جي معاهدي تي عمل نه ڪرڻ سبب ڀارتي بورڊ تي ڪيس ڪرڻ جو فيصلو ذاتي طور ڪيو هو.
نجم سيٺي اشارو ڏنو ته شهريار خان جي سنگين الزامن تي قانوني ڪارروائي جو حق رکان ٿو، ڀارتي بورڊ خالف آءِ سي سي ۾ ڪيس لاءِ پي سي بي گورننگ بورڊ مان منظوري ورتي وئي هئي.
دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم 858 پوائنٽن سان پنهنجي پوزيشن برقرار رکي آهي.
آءِ سي سي پاران جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ موجب بابر اعظم پنهنجي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته فخر الزمان تنزلي بعد پنجين نمبر تي پهتو، رينڪنگ ۾ ٽئين پاڪستاني جو نمبر 28هون آهي.
بيٽنگ ۾ نيوزلينڊ جو ڪولن منرو ٻئين ۽ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ٽئين نمبر تي موجود آهن.
بالنگ جي شعبي ۾ شروعاتي 10 نالن ۾ پاڪستان جا ٽي بالر شامل آهن.
افغانستان جو نوجوان ليگ اسپنر راشد خان بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان جو شاداب خان ٻئين، ڀارت جو ڪلديپ ياديو ٽئين، انگلينڊ جو عادل رشيد چوٿين۽ آسٽريليا جو ايڊم زمپا پنجين نمبر تي آهن.
اهڙي ريت نيوزلينڊ جو ايش سوڍي ڇهين، بنگلاديش جو شڪيب الحسن ستين، پاڪستان جو فهيم اشرف اٺين، عماد وسيم نائين ۽ ڏکڻ آفريڪا جو عمران طاهر ڏهين نمبر تي آهن.
هوڏانهن آل رائونڊرن جي لسٽ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هي، شروعاتي 10 رانديگرن ۾ پاڪستان جو رڳو هو رانديگر ۾محمد حفيظ شامل آهي.
آسٽريليا جو گلين ميڪس ويل پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ٻئين تي بنگلاديش جو شڪيب الحسن ۽ ٽئين نمبر تي افغانستان جو محمد نبي موجود آهن.
پاڪستان جو محمد حفيظ 192 پوائنٽن سان 10هين نمبر تي آهي، جنهن بعد پاڪستان ٻيو رانديگر شعيب ملڪ 193 پوائنٽن سان 13هين نمبر تي موجود آهي.
چار مهينن جي پابندي کانپوءِ اوپنر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپس لاءِ پر اميد
هلندڙ سال جولاءِ ۾ احمد شهزاد جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي ته مٿس پابندي لڳي
لاهور (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد مٿان ڪرڪيٽ کيڏڻ تان پابندي جو وقت ختم ٿي ويو آهي. احمد شهزاد هلندڙ سال جولاءِ دوران ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي هئي، جنهنڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران مٿس پابندي مڙهي وئي هئي. احمد شهزاد وڏي عرصي کان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ناهي رهيو، ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي توڙي سندس ڪارڪردگي سبب ٽيم کان کيس ٻاهر رکيو ويو. پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ احمد شهزاد نئين جوش سان ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو امڪان آهي. امام الحق ۽ فخر زمان جي شاندار ڪارڪردگي سبب به کيس ٽيم ۾ واپسي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، انڪري احمد شهزاد کي پي ايس ايل ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو بهترين موقعو آهي.