ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ خطرناڪ اسپيل ذريعي رڪارڊ جوڙي ورتو.
بولٽ بنا ڪنهن رنسن ڏيڻ جي لڳاتار 5 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون، مجموعي طور ڪيريئر بيسٽ 30 رنسن عيوض 6 وڪيٽن جي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. بهترين ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ 5 وڪيٽن تي 100 رنسون ٺاهيندڙ سريلنڪن ٽيم 104 تي ڍير ٿي وئي، ان اسپيل کان 45 منٽ اڳ بولٽ هڪ به وڪيٽ نه وٺي سگهيو هو.
آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان تي ٻي ڏينهن جي پڄاڻي تي 8 رنسون ٺاهي ورتيون پهرين اننگز ۾ ورات ڪوهلي 82 رنسون ٺاهيون، پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون
ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻي ڏينهن ورات ڪوهلي پاران 443 رنسن تي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جواب ۾ آسٽريليا ڏينهن جي پڄاڻي تي بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ڀارت طرفان ٻي ڏينهن جي شروعات ورات ڪوهلي ۽ چتيشور پوجارا ڪئي ۽ اسڪور کي 295 تائين پهچايو.
ورات ڪوهلي غلط شاٽ کيڏندي 82 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پوجارا 102 رنسون ٺاهي ويو. رشي پانٽ 39 اسڪور ڪيو، جڏهن ته روهت شرما 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ورات ڪوهلي پاران ڏينهن جي پڄاڻي کان ٿوري دير پهريان اننگز 443 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي.
آسٽريليا طرفان پيٽر ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ٻي اننگز ۾ ڏينهن جي پڄاڻي تائين ڪينگروز بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
وارنر بال خراب ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي مون عمل ڪيو: بينڪرافٽ غلطي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي وئي، ڪيريئر خطري ۾ پيو
ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) بال ٽيمپرنگ ۾ سزا ڪاٽيندڙ آسٽريلوي اوپنر بينڪرافٽ بال خراب ڪرڻ جي سموري ذميواري ڊيوڊ وارنر تي مڙهي ڇڏي آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ پاران بال خراب ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪپتان اسٽيون سمٿ، نائب ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ بينڪرافٽ مٿان هڪ هڪ سال جي پابندي لڳائي. آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽيسٽ دوران بينڪرافٽ بال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي هو پڪڙجي پيو هو. فاڪس اسپورٽس کي انٽرويو ڏيندي بينڪرافٽ جو چوڻ هو ته ڊيوڊ وانر کيس بال خراب ڪرڻ لاءِ چيو جيڪو هن ڪيو. سندس چوڻ هو ته کيس غلطي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي وئي، جنهنڪري منهنجو ڪيريئر خطري ۾ پئجي ويو.
ڀارتي ٽيم جا ٻئي اوپنر ٻاهر، جديجا، اگروال ۽ روهت شرما ٽيم ۾ شامل
ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ ٽئين باڪسنگ ڊي ٽيسٽ سڀاڻي کيڏي ويندي. ميلبورن ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ڪرسمس جي مناسبت سان باڪسنگ ڊي ٽيسٽ آهي. پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارت آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ۾ ڪينگروز ڀارت کان بدلو ورتو هو. ڀارت ٽئين ٽيسٽ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي تبديليون ڪيون وينديون. اوپنرن مرلي وجي، ڪي ايل راهول ۽ فاسٽ بالر کي کي ٽيم مان ٻاهر ڪري آل رائونڊر رويندرا جديجا کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن هت ميانڪ اگروال پڻ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪندو. روهت شرما صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پڻ ٽيم جو حصو بڻجي ويو آهي. آسٽريليا طرفان پيٽرهينڊزڪمب جي جڳهه تي مچل مارش کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ٽيم ۾ ورات ڪوهلي، اجنڪيا راهاني، ميانڪ اگروال، هنوما وهاري، چتيشور پوجارا، رشڀ پانٽ، رويندرا جديجا، محمد شامي، اشانت شرما ۽ جسپريت ڀمرا شامل آهن. ڪينگروز جي ٽيم ۾ ايرون فنچ، مارڪس هيرس، ڪپتان ٽم پين، عثمان خواجه، شان مارش، مچل مارش، ٽريوس هيڊ، پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، نيٿن ليون، جوش هيزل ووڊ شامل آهن.
يوسف قاضي 85 ۽ ڪامران 45 رنسون ٺاهيون، يوسف ميچ جو بهترين رانديگر قرار
نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا جاري آهن. يونس ڪرڪيٽ ڪلب 94 رنسن تان مهراڻ ڪرڪيٽ کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ڊگري ڪاليج جي ميدان تي جاري ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. دعوت ملڻ تي بيٽنگ ڪندي يونس ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي220 رنسون ٺاھيون. يوسف قاضي 48 بالن تي 85 رنسون ۽ ڪامران 22 بالن تي 45 رنسون ٺاھي نمايان رھيا.
220 رنسن جي جواب ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 16 اوورن ۾ 106 رنسن تي ڍير ٿي وئي. يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي آصف 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته احمد سراج ۽ ڪامران 2-2 وڪيٽون ورتيون.
يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين يوسف قاضي کي 85 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شهداد ڪوٽ ۾ مرحوم عبدالرزاق جي ياد ۾ ڪرايل ميچ ۾ يونائٽيڊ ڪرڪيٽ ٽيم الحسيني ڪرڪيٽ ٽيم کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
شهدادڪوٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ يونائيٽيڊ ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 202 رنسون ٺاھيون، جنهن جي جواب ۾ الحسيني ڪرڪيٽ ٽيم 143 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي. احسان 55 ۽ عرفان گوپانگ 51 رنسون ٺاهيون.
ان موقعي تي خاص مهمان آزاد فورم شھدادڪوٽ جا اڳواڻ لياقت علي جوڻيجو ۽ زيب سنڌي فاتح ٽيم کي انعامي رقم ڏني.
ميچ دوران ڪامينٽيٽر جون ذميواريون جهوني ڪرڪيٽر وليم بلوچ هو، کيس به انعام طور رقم ڏني وئي.
ڪراچي (م ڊ) پرتگال جي اسٽار لوئيس فيگو ۽ برازيلوي ڪاڪا جي پاڪستان دوري تي ويز معاملي تي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ويزا رد ناهي ٿي، پاسپورٽ واپس ٿيا هئا، ٻئي رانديگر ايندڙ مهيني پاڪستان ايندا.
هوڏانهن ايونٽ جو انتظام ڪندڙ حسن رائو جو چوڻ آهي ته ٻنهي رانديگرن کي ايندڙ مهيني پاڪستان اچڻو آهي، فيگو ۽ ڪاڪا جي پاڪستان آمد معاملي تي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن جي پاڪستان آمد سان ملڪ جو اميج بهتر ٿيندو، رانديگر جلد ايڪشن ۾ نظر ايندا.
ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اسلام آباد ريجن ۽ راولپنڊي ريجن ميچون کٽي ورتيون. اسلام آباد ريجن فاٽا ريجن کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني. فاٽا ريجن طرفان مليل 146 رنسن جو هدف اسلام آباد ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.
ٻي ميچ ۾ راولپندي ريجن پشاور ريجن کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني. جنهن ۾ ڪاشف ڀٽي 34 رنسون، سميع الله 29 ۽ عادل امين 27 رنسون ٺاهيون. ٻي ميچ ۾ پشاور 4 وڪيٽن تي 153 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سعد علي 46 رنسون، نبي گل 32، فواد خان 30 ۽ محمد محسن 25 رنسون ٺاهيون. روالپندي ريجن هدف 4 وڪيٽن تي مڪمل ڪيو. محمد نواز ۽ حماد اعظم 37-37 سميع اسلم 25 ۽ زاهد منظور 20 رنسن جي اننگ کيڏي.
ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ)26 ڊسمبر ايشيائي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو اهم ڏينهن هوندو، ان ڏهاڙي ايشيا جون ٽي وڏيون ٽيمون پهريون ڀيرو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ آمهون سامهون هونديون. باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ تمام وڏي اهميت هوندي آهي، هر رانديگر ان شرڪت کي اعزاز سمجهندو هو، هاڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 141 سالن جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هوندو، جڏهن ته پاڪستان، ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون هڪ ئي ڏينهن ٽيسٽ کيڏنديون. پاڪستاني ٽيم سرفراز احمد جي قيادت ۾ جوهانسبرگ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ کيڏندي، ڀارتي ٽيم ويرات ڪوهلي جي ڪپتاني ۾ آسٽريليا خلاف ميلبورن جي تاريخي ميدان تي چئن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جون ٽيون مقابلو کيڏندي، ۽ سريلنڪن ٽيم دنيش چنديمل جي اڳواڻي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ مقابلو ڪندي.