fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
خيرپور ڀرسان ملهه مقابلا، اويس گهانگري ميدان ماري ورتو
پريالوءِ ۾ ملهه مقابلن ۾ سنڌ جي پهلوانن مخالفن کي دسي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا، اويس گهانگهرو پهرين، محمد خان ڦل ٻئي ۽ ديدار جمالي ٽئين پوزيشن ماڻي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ملهه مقابلا ڪرايا ويا، سنڌ جي ڀلوڙ ملهه پهلوانن مخالف پهلوانن کي دسي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا. پريالوءِ جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سماجي اڳواڻ حسين مهر پاران ڪرايل ملهه مقابلن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڀلوڙ ملهه پهلوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ملهه پهلوانن سندرا ٻڌي ۽ ملهه ماري داد ماڻيو. ملاکڙي ۾ پهلوان اويس گهانگهرو پهريون نمبر ماڻيو، محمد خان ڦل ٻئين ۽ ديدار جمالي ٽئين پوزيشن ماڻي. خاص مهمانن طور پ پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني، پ پ پ اڳواڻ اڏيل ڦلپوٽو، سينيئر وڪيل عبدالستار مهر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد جاويد علي شاهه ملاکڙي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ اويس گهانگهرو کي 20 هزار روڪ انعام ڏنو، جڏهن ته ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن ماڻيندڙ ملهه پهلوانن کي پڻ علائقي واسين وڏي انگ ۾ ملهه مارڻ تي داد ڏيڻ سان گڏ روڪ رقم طور انعام پڻ ڏنا. ملاکڙي ۾ ٻارڙن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته سڪيورٽي لاءِ پوليس طرفان سخت انتظام پڻ ڪيا ويا هئا.

خيرپور: پريالوءِ ۾ ماڻھو ملھ مقابلا ڏسي رھيا آھن

خيرپور: پريالوءِ ۾ ماڻھو ملھ مقابلا ڏسي رھيا آھن

پاڪستان ۾ فٽبال راند نٿي ٿئي،رانديگرن شوق ڇڏي ڏنو
سڄو ڏينهن مزدوري يا نوڪري ڪري شام جو فٽبال کيڏڻ سان ڪهڙو نتيجو ايندو؟ امداد شاهه جون انٽرويو ۾ڳالهيون

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) اڳوڻي فٽبالر ۽ ڪوچ امداد حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ فٽبال ڌيان نه ڏيڻ سبب پروفيشنل راند ناهي رهي، قومي توڙي هيٺين سطح وارن رانديگرن کي معاوضو نه هئڻ برابر ملڻ تي ڪهڙو نتيجو ايندو. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي روهڙي سان تعلق رکندڙ 60 ورهين جي اڳوڻي فٽبالر ۽ هاڻوڪي ڪوچ امداد حسين شاهه چيو ته هن چيو ته8 سال اڳ فيفا ملڪ ۾ فوٽ بال جون 5 اڪيڊميون ڏنيون، جن ۾ 2 پنجاب ۽ 3سنڌ لاءِ هيون، سنڌ ۾ رڳو ڪراچي جي هاڻ مڪمل ٿي آهي باقي سکر ۽ جيڪب آباد واريون اڪيڊميون اڃان تائين رولڙي جو شڪار آهن، اهڙي حالتن ۾ اسان عالمي معيار تي ڪيئن پورو لهنداسين. هن چيو ته قومي سطح جي راندگيرن کي به سٺو معاوضو نه ٿو ملي، ٻيو اڪيڊميون مڪمل نه ٿيون ٿين. هن چيو ته هتي هاڻي فٽبال پروفيشنل راند ناهي رهي. سڄو ڏينهن مزدوري يا نوڪري ڪري شام جو فٽبال کيڏڻ سان ڪهڙو نتيجو ايندو؟ قومي فٽبال ٽيم مضبوط نه ٿيڻ جو مک سبب ٻڌائيندي امداد شاهه چيو ته اصل ۾ فٽبال بنگال ۾ وڌيڪ کيڏي ويندي هئي،بنگلاديش ٺهڻ بعد ملڪ جي فٽبال راند زوال ڏانهن هلي وئي، رانديگرن جي پذيرائي ختم ٿي وئي.ڇو ته 1971ع کان اڳ سنڌ جا رانديگر بنگلاديش ويندا هئا، بعد ۾ لياري ۾ وڃي ڪو چاڙهو ٿيو. هن چيو ته سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ فٽبال جي ڪوچ ۽ فٽبالر کي ڏهاڙيءَ تي هڪ هزار به مس ملي ٿو، جنهن سبب ٽيلنٽ ضايع ٿي رهيو آهي! امداد شاهه جو چوڻ هو ته هاڻي فرانس، جرمني، اسپين، برازيل، ميڪسيڪو، مصر، سعودي عرب ۽ ايران سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾فٽبال جو جنون آهي، جنهن سبب هو اڳتي آهن. سندس چوڻ هو ته ڪيمپ لڳي ٿي ته هزار رپيا ڏهاڙي ٿي ملي.ڪابه راند سکڻ لاءِ عمر 8 کان 18 سال هئڻ آئيڊيل آهي، ان ڪري اسڪول فٽبال شروع ٿيڻ اهم آهي ۽ اتي سٺو ڪوچ به لازمي هجي. ٻي پاسي هن وقت ڪيترن ئي ادارن فٽبال ٽيمون ختم ڪري ڇڏيون آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ف بال ۾ سٽيبازي مشڪل آهي.

اڳوڻو فٽبالر ۽ ڪوچ امداد حسين شاهه

اڳوڻو فٽبالر ۽ ڪوچ امداد حسين شاهه

پاڪستان کي وڏو ڌچڪو، زخمي محمد عباس پهرين ٽيسٽ مان ٻاهر
ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ محمد عباس ڪنڌ جي زخم سبب نه کيڏي سگهندو، نيوزلينڊ دوري دوران زخمي ٿيل محمد عباس فٽ نه ٿي سگهيو، سيريز ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ کان اڳ پاڪستان ٽيم کي وڏو چڪو لڳي ويو، محمد عباس انجري سبب ميچ کان ٻاهر ٿي ويو. ڪنڌ جي انجري سببب فاسٽ بالر محمد عباس سنچورين ٽيسٽ ۾ حصو نه وٺي سگهندو، جڏهن ته ان کان اڳ به محمد عباس ڏکڻ آفريڪا جي انوي ٽيشن اليون خلاف پريڪٽس ميچ ۾ به نظر نه آيو هو. گذريل مهيني محمد عباس نيوزلينڊ خلاف دبئي ٽيسٽ دوران فيلڊنگ ڪندي انجري جو شڪار ٿيو هو، جنهن کيس سيريز جي ٽئين ميچ نه کيڏائي وئي هئي. سندس جاءِ تي شاهين آفريدي کي کيڏايو ويو هو. پروٽيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر ۾ محمد عامر، شاهين آفريدي ۽ حسن علي شامل هوندا.

زخمي محمد عباس پهرين ٽيسٽ مان ٻاهر

زخمي محمد عباس پهرين ٽيسٽ مان ٻاهر

بي بي ايل: سڊني ٿنڊر سڪسرز کي 21 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي
سڊني سڪسرز 170 رنسن جي جواب ۾ 149 رنسون ٺاهي هٿيار ڦٽا ڪيا، جوز بٽلر کي 65 رنسون جوڙڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ ۾ شاندار مقابلا جاري آهن، سڊني ٿنڊر سڊني سڪسرز کي 21 رنسن هارائي ڪاميابي ماڻي. سڊني جي شوگرائونڊ اسٽيڊيم تي کيڏيل ميچ ۾ سڊني سڪسرز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. اوپنر بيٽسمين 63 رنسن جي مدد سان سنڊني ٿنڊر مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون. ٻين بيٽسمينن ۾ سيمز 28، فرگوسن 23 ۽ ڪپتان شين واٽسن 19 رنسون ٺاهيون. سڊني سڪسرز جي بالرن ڪوران 3 ، ڪيفي 2، ايبٽ ۽ ورشوئس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 170 رنسن جي هدف پويان لڳندي سڊني سڪسرز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهي هٿيار ڦٽا ڪيا. ڪوران 62، سين ايبٽ 35، هينري ڪس 15 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سڊني ٿنڊر طرفان بهترين بالنگ ڪندي سيمز ۽ فواد احمد 3-3 شڪار ڪيا، جڏهن ته ڪُڪ، گرين ۽ رين برڊ هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ بٽلر کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم

پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم

ٽي 20 رينڪنگ: بابر اعظم بدستور پهرين نمبر تي موجود

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم 858 پوائنٽن سان پنهنجي پوزيشن برقرار رکي آهي. آءِ سي سي پاران جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ موجب بابر اعظم پنهنجي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته فخر الزمان تنزلي بعد پنجين نمبر تي پهتو، رينڪنگ ۾ ٽئين پاڪستاني جو نمبر 28هون آهي. بيٽنگ ۾ نيوزلينڊ جو ڪولن منرو ٻئين ۽ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ٽئين نمبر تي موجود آهن. بالنگ جي شعبي ۾ شروعاتي 10 نالن ۾ پاڪستان جا ٽي بالر شامل آهن. افغانستان جو نوجوان ليگ اسپنر راشد خان بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان جو شاداب خان ٻئين، ڀارت جو ڪلديپ ياديو ٽئين، انگلينڊ جو عادل رشيد چوٿين۽ آسٽريليا جو ايڊم زمپا پنجين نمبر تي آهن. اهڙي ريت نيوزلينڊ جو ايش سوڍي ڇهين، بنگلاديش جو شڪيب الحسن ستين، پاڪستان جو فهيم اشرف اٺين، عماد وسيم نائين ۽ ڏکڻ آفريڪا جو عمران طاهر ڏهين نمبر تي آهن. هوڏانهن آل رائونڊرن جي لسٽ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هي، شروعاتي 10 رانديگرن ۾ پاڪستان جو رڳو هو رانديگر ۾محمد حفيظ شامل آهي. آسٽريليا جو گلين ميڪس ويل پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ٻئين تي بنگلاديش جو شڪيب الحسن ۽ ٽئين نمبر تي افغانستان جو محمد نبي موجود آهن. پاڪستان جو محمد حفيظ 192 پوائنٽن سان 10هين نمبر تي آهي، جنهن بعد پاڪستان ٻيو رانديگر شعيب ملڪ 193 پوائنٽن سان 13هين نمبر تي موجود آهي.

مالي بحران سبب پاڪستان هاڪي سپر ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي
ايندڙ سال 12 کان 19جنوري تائين ليگ ٿيڻي هئي، نئين تاريخ جو اعلان نه ٿيو

لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ )پاڪستان هالي فيڊريشن پاران ايندڙ سال رٿيل پاڪستان سپر هاڪي ليگ ملتوي ڪئي وئي آهي. هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر مشهور ڪرائڻ لاءِ فيڊريشن طرفان پي ايڇ ايس ايل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو پر پر هاڻ ان منصوبي کي ملتوي ڪيو ويو آهي، هاڪي ليگ 12 کان 19جنوري تائين رٿيل هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فنڊ نه هئڻ ڪري ليگ ڪرائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. پي ايڇ ايس ايل هاڻ لاهور ۾ مارچ ۾ ٿي سگهي ٿي پر ان حوالي سان حتمي تاريخ اڃان تائين ناهي آئي، ياد رهي ته 12 پرڏيهي رانديگرن پي ايڇ ايف کي ايونٽ ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي هئي.

نوشهري فيروز ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ مقابلا جاري، يونس ٽيم ميچ کٽي ورتي

يوسف قاضي 85 ۽ ڪامران 45 رنسون ٺاهيون، يوسف ميچ جو بهترين رانديگر قرار نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا جاري آهن. يونس ڪرڪيٽ ڪلب 94 رنسن تان مهراڻ ڪرڪيٽ کي شڪست ڏئي ڇڏي. ڊگري ڪاليج جي ميدان تي جاري ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. دعوت ملڻ تي بيٽنگ ڪندي يونس ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي220 رنسون ٺاھيون. يوسف قاضي 48 بالن تي 85 رنسون ۽ ڪامران 22 بالن تي 45 رنسون ٺاھي نمايان رھيا. 220 رنسن جي جواب ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 16 اوورن ۾ 106 رنسن تي ڍير ٿي وئي. يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي آصف 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته احمد سراج ۽ ڪامران 2-2 وڪيٽون ورتيون. يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين يوسف قاضي کي 85 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

نوشهري فيروز: ٽي 20 ڪرڪيٽ مقابلا جاري

نوشهري فيروز: ٽي 20 ڪرڪيٽ مقابلا جاري

چيف جسٽس ڪرپشن فري پاڪستان سائيڪل ڊوڙ عرفان بلوچ کٽي ورتي

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) چيف جسٽس ڪرپشن فري پاڪستان سائيڪل ڊوڙ عرفان بلوچ کٽي ورتي. 16 ڪلوميٽر ڊگهي سائيڪل ڊوڙ ۾ ذوهيب ٻئين ۽ اشعر بلوچ ٽئين پوزيشن ماڻي. ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس وٽان خاص مهمان عابد علي ايڊووڪيٽ مقابلي جو افتتاح ڪيو. سنڌ سائيڪلنگ ايسوسي ايشن جي چيئرمين ۽ مقابي جي خاص مهمان عابد علي ايڊووڪيٽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس کان مقابلي جي شروعات ڪرائي. ٽيم ڪراچي ايڪسپريس جي عرفان بلوچ 21 منٽ 30 سڪينڊن ۾ مقابلو کٽيو. ذوهيب بلوچ 3 سڪينڊ جي فرق سان ٻين پوزيشن ماڻي، جڏهن ته ٽيم ملير ٽائيگر جي اشعر بلوچ 5 سيڪنڊن جي فرق سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

پاڪستاني ڪرڪيٽرن اڪمل ڀائرن جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽرن ڪامران اڪمل، عمر اڪمل ۽ عدنان اڪمل جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ماءُ جي لاڏاڻي جي خبر ڏيندي عدنان اڪمل ماڻهن کان مغفرت جي دعا لاءِ درخواست ڪئي. ملتان ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران لاهور وائٽس ۽ راولپنڊي ريجن جو ٽيمون ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ڊريسنگ روم گڏ ٿي اڪمل ڀائرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اڪمل ڀائرن جي ماءُ جي لاڏاڻي تي مختلف ماڻهن پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار به تعزيت جو اظهار ڪيو.

ڪامران اڪمل ۽ سندس ماءُ

ڪامران اڪمل ۽ سندس ماءُ

نوشهرو فيروز ٽيم وڏو اسڪور باوجود ميچ هارائي ويٺي
ڪنڊياري جي شاهه ڀٽائي ڪلب 241 رنسن جو هدف 15 اوورن ۾ ماڻي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا, شاهه ڀٽائي ٽيم جي منصور 33 بالن تي 86 ۽ اظهر 33 بالن تي 70 رنسون جوڙي اهم ڪردار نڀايو

نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا جاري آهن. ٽئين ميچ ۾ ڪنڊرياري جي ٽيم نوشهري فيروز جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سرڪاري ڊگري ڪاليج جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ ڪنڊياري جي شاهه ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بيٽنگ جي دعوت ملڻ تي نوشهري فيروز جي ٽيم سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب مقرر اوورن ۾ 241 رنسون ٺاهيون. جن ۾ تحسين شاهه 35 بالن تي 67 رنسون ۽ شهاب شاهه 13 بالن تي 35 رنسون ٺاهي ٽيم کي وڏو اسڪور ٺاهڻ ۾ ڪامياب ڪيو. جواب ۾ ڪنڊياري جي ٽيم شاهه ڀٽائي ڪلب شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 241 رنسن جو هدف 15 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي ماڻي ميچ کٽي ورتي. بيٽسمين منصور علي 33 بالن تي 86 ۽ اظهر علي 33 بالن تي 70 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو.

نوشهرو فيروز ٽيم وڏو اسڪور باوجود ميچ هارائي ويٺي

نوشهرو فيروز ٽيم وڏو اسڪور باوجود ميچ هارائي ويٺي

جيڪب آباد جو فٽبال گرائونڊ گندي پاڻي سان ڀرجي ويو
4 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ٺهيل شاهه عبدالطيف اسٽيڊيم ۾ نالن جو پاڻي وهڻو لڳو، ميونسپل ڪميٽي کي شڪايتن جو ازالو نه ڪيو : رانديگر

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ميونسپل ڪميٽي جي بي ڌياني سبب 4 ڪروڙ جي لاڳت سان ٺهيل فٽبال ميدان نيڪال جي پاڻي هيٺ اچي ٻڌي ويو، رانديگر انتظاميه جي بي ڌياني خلاف روڊن تي نڪري آيا. فيفا جي نگراني ۾ ٺهيل شاهه عبد الطيف اسٽيڊيم ۾ شهر جي نيڪال جو پاڻي وهڻ لڳو، پاڻي سبب سڄو ميدان خراب ٿي ويو. هوڏانهن فٽبال ايسوسي ايشن جي صدر نظر محمد بروهي، ڪوچ سهراب کوسي ۽ حاجي اصغر بروهي سميت ٻين رانديگرن اتنظاميه خلاف احتجاج ڪيو. رانديگرن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن کي شڪايت ڪئي، جواب ۾ چيو ويو ته عملو شادي تي ويل آهي، جنهن سبب ڪم متاثر ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته اسان جي شڪايتن ڪو به ڌيان نه ويو، نالين جو گندو پاڻي اوور ٽاپ ٿي ميدان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب اڄ اسان جي ٿيندڙ ميچ به نه ٿي سگھي، سکيا لاءِ ايندڙ رانديگر به مايوس ٿي ويا آهن. رانديگرن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميدان مان بنا دير گندو پاڻي ڪڍيو وڃي ته جيئن راند متاثر نه ٿي سگهي.

جيڪب آباد جو فٽبال گرائونڊ گندي پاڻي سان ڀرجي ويو

جيڪب آباد جو فٽبال گرائونڊ گندي پاڻي سان ڀرجي ويو

ڀارتي اسپنر جديجا ۽ ايشون

ڀارتي اسپنر جديجا ۽ ايشون

آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ کان اڳ ايشون ۽ جديجا زخمي ٿي پيا

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ کان اڳ ڀارتي ٽيم وڏو ڌچڪو لڳي ويو. اسپنر ايشون ۽ رويندرا جديجا جي شرڪت انجري سبب شڪي بڻجي وئي. ڀارتي ٽيم جي ڪوچ روي شاستري موجب ايشون ۽ جديجا انجري کي منهن ڏئي رهيا آهن، ايشون کي ٻئين ٽيسٽ ۾ به نه کيڏايو ويو، ۽ جديجا آسٽريليا خلاف سيريز جون ٻئي ٽيسٽ ميچون نه کيڏي سگهيو آهي. هن چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ايشون ٺيڪ ٿي ويندو، ايشون اڳ کان هاڻي بهتر محسوس ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جديجا جي فٽنيس نه هجڻ سبب کيس ٻئين ٽيسٽ ۾ نه کيڏايو ويو، جديجا ڪلهي جي مسئلي سبب انجيڪشن هڻائي هئي، جنهن سبب ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳي سگهي ٿو.

لاڙڪاڻي ۾ يوم قائد تي ووشو ڪنگفو چيمپئن شپ ڪرائي وئي

لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ قائداعظم ڏهاڙي جي موقعي تي قائداعظم انٽر ووشو ڪنگفو چئمپين شپ ڪرائي وئي. سنڌ جي راندين واري کاتي جي سهڪار سان ڊسٽرڪٽ ووشو ڪنگفو ايسوسئيشن پاران نيو بس ٽرمينل اسپورٽس هال ۾ ڪرايل چيمپئن شپ ۾ لاڙڪاڻي، رتوديرو، لالورائنڪ، گاجي کهاوڙ، ميروخان سميت ٻين شهرن جي رانديگرن حصو ورتو. چيمپئن شپ ۾ محمد انيس جمالي، عاشق بليدي، آصف لاشاري ۽ توقير حسين لغاري سميت ٻين ڪاميابي ماڻي. خاص مهمان عبدالجبار ٻگهيو، ووشو ڪوچ مقبول احمد سومرو ۽ ٻين ڪامياب رانديگرن ۾ ٽرافيون، انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، صحتمند سرگرمين ۽ رانديون ڪرائڻ سان راندين جا ميدان آباد ۽ اسپتال ويران ٿينديون آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مستقبل ۾ به اهڙي قسم جا پروگرام ڪرائي جنهن سان نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي.

مصباح جو ٻارڙن جي دل جي مفت سرجري اسپتال ٺاهڻ جو اعلان

فيصل آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) عمران خان بعد مصباح الحق به ملڪ ۾ اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق ٻارڙن جي دل جي مفت سرجري جي پهرين اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. لاهور ۾ 2 ارب رپين جي لاڳت سان ٺاهي ويندڙ اسپتال 125 بسترن تي ٻڌل هوندي، جتي ساڳئي وقت 5 سينيئر اسپيشلسٽ مقرر ڪيا ويندا.

اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق

اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق