fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
ايڪشن سان ڀرپور هالي ووڊ فلم الادين جون جهلڪيون جاري
فلم جي ڪهاڻي چراغ ۾ قيد جن ۽ الادين جي زندگي چوڌاري گهمي ٿي
هالي ووڊ فلم الادين جو پوسٽر

هالي ووڊ فلم الادين جو پوسٽر

لاس اينجلس (شوبز نيوز) وچ اوڀر جي مشهور تاريخي ڪهاڻي الادين بابت هالي ووڊ فلم ٺاهي پئي وڃي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار مينا مسعود ادا ڪندو، جڏهن ته ول سمٿ جيني ۽ نومي اسڪاٽ جاسمين بڻجندي. الادين جو نيون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ول سمٿ ۽ مرڪزي ڪردار پاران پنهنجي مداحن نالي پيغام پڻ جاري ڪيو آهي. فينٽسي ۽ جادو سان گڏ ايڪشن سان ڀرپور فلم ايندڙ سال مئي ۾ ريليز ٿيندي. ڊزني جي ان فلم جو تمام گهڻو انتظار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته تاريخي فلم کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٺاهيو پيو وڃي. فلم جي هدايتڪاري گاءِ رچي ڏني آهي، جڏهن ته فلم کي موشن پڪچرز ڊزني والٽ اسٽوڊيو جي مدد سان ٺاهيو پيو وڃي.

”قرض ڇو نه ڏنو“ بالي ووڊ اداڪار ارجن رامپال تي ڪيس داخل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪار ارجن رامپال ڏکيائين ۾ ڦاسي پيو آهي، هڪ ڪمپني کان کنيل قرض وقت تي نه ڏيڻ خلاف مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واءِ ٽي اينٽرٽينمينٽ ڪمپني پاران ارجن رامپال کي هڪ سال لاءِ 12 سيڪڙو وياج تي هڪ ڪروڙ روپيا ڏنا هئا، جيڪي ارجن رامپال ادا ڪري نه سگهيو آهي. ارجن رامپال پاران ڪمپني کي هڪ چيڪ ڏنو، پر اهو وقت تي پاس ناهي ٿيو.

فلم سائن ڪرڻ کان اڳ ڪهاڻي پڙھندو آهيان: عامر خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نامياري اداڪار عامر خان چيو آهي ته فلم جي ڪهاڻي ڏسي فلم ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهيان. ممبئي ۾ اسڪرپٽ رائٽنگ جي هڪ مقابلي ۾ جج جي حيثيت سان شامل اداڪار عامر خان چيو ته هدايتڪار، اداڪار ۽ ٽيڪنڪ ڪار بيشڪ هڪ فلم جو اهم حصو هوندا آهن، پر فلم جي شروعات ڪهاڻيڪار سان ٿيندي آهي، جنهن سبب ئي مان فلم کان اڳ ڪهاڻي تي نظر وجهندو آهيان. عامر خان جو چوڻ هو ته منهنجي نظر ۾ ڪنهن فلم جو سڀ کان اهم حصو يا روح ڪهاڻي ئي هوندي آهي، فلم جي ڪهاڻي اهڙي هجڻ گهرجي جيڪا انتهائي تفريح سان گڏ دلچسپ هجي ۽ ڪردارن کي تمام سٺي طرح ٻڌايو يا ٺاهيو وڃي.

ناميارو اداڪار عامر خان

ناميارو اداڪار عامر خان

شاهه رخ خان جي “زيرو” ٽن ڏينهن ۾ 50 ڪروڙ ڪمائي سگهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي تازو ريليز ٿيل فلم ٽن ڏينهن اندر 50 ڪروڙ مس ڪمائي سگهي آهي، ريليز ٿيڻ جي ڏينهن 20 ڪروڙ ڪمائي کانپوءِ فلم ٻي ڏينهن صرف 18 ڪروڙ ڪمايا، جڏهن ته ٽئين ڏينهن به فلم جي ڪارڪردگي خاص نه رهي ۽ صرف 50 ڪروڙ ڀارتي روپيا ڪمائي ڪري سگهي آهي. زيرو ۾ شاهه رخ خان هڪ بندري قد واري شخص جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته انوشڪا شرما هڪ معذور جو ڪردار ادا ڪيو آهي. فلم ۾ ذيشان ايوب ۽ ڪترينا ڪيف پڻ اهم ڪردار ادا ڪيا آهن. فلم ٽن ڏينهن تائين سٺو ڪاروبار نه ڪري سگهڻ ڪري فلمسازن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪپل شرما ۽ گيني ڇاترا

ڪپل شرما ۽ گيني ڇاترا

ڪيپل شرما جي شادي: آجياڻي واري تقريب ۾ بالي ووڊ ستارن جي شرڪت
ٻي آجياڻي واري تقريب ۾ رنوير، دپيڪا، ريکا، ڌرميندر سميت ٻين جي شرڪت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اينٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ ڪاميڊي ڪنگ طور مشهور ڪپيل شرما پنهنجي شادي جي ٻي آجياڻي واري تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن شرڪت ڪئي. ڪپيل شرما ۽ گيني ڇاترا جي شادي جي آجياڻي واري تقريب ۾ ديپڪا پڊوڪون، رنوير سنگهه، ڪيرتي سونن، اروشي، ريکا، روينه ٽنڊن، ڪرن جوهر، اميشا پٽيل، ڪارتڪ آريان، انيل ڪپور، ڀارتي سنگهه، سهيل خان، سليم خان، جتيندر، ڌرميندر، تشار ڪپور، سائنا نهوال سميت شوبز سان گڏ ٻين شعبن جي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رنوير ۽ دپيڪا رقص ڪري ماحول کي خوبصورت ۽ رومانوي بڻائي ڇڏيو.

هندي ميڊيم جي سيڪيئول ۾شاهه رخ ۽ ڪاجول جي نالن تي غور

ممبئي (شوبز نيوز ) صبا قمر ۽ عرفان خان جي بالي ووڊ فلم ” هندي ميڊيم“ بلاڪ باسٽر ثابت ٿي هئي، جنهن ڀارت ۾ 3 سئو ڪروڙ روپين جو بزنس ڪيو هو، هاڻ ان ڪامياب فلم جو سيڪيول ٺاهيو ويندو.  ڀارتي ميڊيا موجب فلسمازن ان سلسلي ۾ عرفان خان سان لنڊن ۾ ملاقات پڻ ڪئي، جيڪو نيورو اينڊوڪرائن ڪينسر جي علاج ڪرائي رهيو آهي،فلم هدايتڪار  بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ ڪاجول کي ” هندي ميڊيم “ جي سيڪوئل ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دنيش ويجان ۽ ڀوشن ڪمار جي پروڊڪشن ۽ ساڪت چوڌري جي هدايتڪاري هيٺ ٺاهيل فلم هندي ميڊيم جي ڪهاڻي چاندني چوڪ جي شادي شدا جوڙي جي زندگي تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي نينگري کي انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ دهلي لڏي ويندا آهن.

صبا قمر ۽ عرفان ,شاهه رخ ۽ ڪاجول

صبا قمر ۽ عرفان ,شاهه رخ ۽ ڪاجول

ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي جي معاملن کي وقت تي ڇڏي ڏنو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي جي حوالي سا نيٺ بيان ڏنو آهي. ممبئي ۾ پنهنجي نئين ايندڙ فلم “زيرو” جي مشهوري تقريب دوران صحافين پاران شادي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪترينا ڪيف چيو ته سندس شادي جي سڀني کي فڪر آهي ته مان ڪڏهن ڪنديس، پر منهنجو مڃڻ آهي ته شادي لاءِ ڪا منصوبابندي ناهي ڪبي، مان اها وقت تي ڇڏي ڏني آهي. شادي اهڙي شيءِ ناهي جو توهان انٽرنيٽ تي وڃي بٽڻ دٻايو ۽ گهوٽ حاضر ٿي وڃي، ان ۾ وقت لڳندو آهي، منهنجي لاءِ شادي جي منصوبابندي غير ضروري آهي. جيڪڏهن شادي ٿيڻي هوندي ته پاڻ ئي ٿي ويندي. ڪترينا ڪيف چيو ته جيڪڏهن مونکي ضرورت محسوس ٿي شادي لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ڇڏيندس.

عامر ۽ سلمان لاءِ دل ۾ دوستي کان وڌيڪ عزت آهي: شاهه رخ خان

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) بالي ووڊڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته عامر خان ۽ سلمان خان لاءِ دل ۾ دوستي کان وڌيڪ گهڻي عزت آهي. هڪ انٽرويو ۾ شاهه رخ خان چيو ته جڏهن اسان ٽئي خان هڪ ٻئي سان ملندا آهيون ته ڪڏهن به ڪم بابت ناهيون ڳالهائيندا پر سمورو وقت هڪ ٻئي سان مذاق ڪرڻ ۾ گذاريندا آهيون. شاهه رخ خان چيو ته جڏهن اسان ملندا آهيون ته اسان کي اها خبر پوندي آهي ته اسان دوست آهيون، مستي مذاق سميت ٻين شين دوران اسان ٽئي هڪ ٻئي جي ڏکن سکن سان گهڻو اثرا انداز به ٿيندا آهيون. هن چيو ته هڪ ڀيري عامر خان سان ملاقات دوران چيو هو ته جيڪڏهن ماڻهو اسان کي ائين ڳالهائيندي ۽ کلندي ڏسن ته چوندا ٽئي خان بلڪل به اسٽار نٿا لڳن.

شاھ رخ خان، عامر خان ۽ سلمان خان

شاھ رخ خان، عامر خان ۽ سلمان خان

شرڌا ڪپور فلم ”ڇڇوري“ ۾ ٻن ڪردارن ۾ نظر ايندي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور فلم ”ڇڇوري“ ۾ ٻن مختلف روپن ۾ نظر ايندي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره شرڌا ڪپور نئين فلم ادڪار سوشانٽ سنگهه راجپوت سان مرڪزي ڪردار نڀائيندي، جنهن ۾ هو ٻٽي ڪردار ۾ نظر ايندي. شرڌا جي فلم جو هڪ روپ 90 واري ڏهاڪي تي فلمايو ويندو، جنهن ۾ سندس وار ننڍا هوندا، جڏهن ته ٻي روپ ۾ شرڌا ڪپور اڌڙوٽ عمر واري عورت نظر ايندي.

بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور

بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور

نرگس فخري جي بالي ووڊ ۾ واپسي، فلم ٽريلر جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا نرگس فخري بالي ۾ ڪيتري عرصي کان ڪا به فلم نه ڪئي آهي، جڏهن ته هاڻي هوءَ خوف ۽ دهشت سان ڀرپور فلم اماوس ۾ ڪم ڪندي، جنهن جو ٽريلر جار ڪيو ويو آهي. اماوس ۾ نرگس فخري سان گڏ سچن جوشي مک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. خوفناڪ فلمون ڊائريڪٽ ڪندڙ ڀوشن پٽيل جي نئين فلم کي ايندڙ سال جنوري تي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو، سندس ان کان اڳ راگني ايم ايم ايس، اَلون، 1920 ايول ريٽرنس جهڙيون فلمون ڏئي چڪو آهي.

فلم اماوس جو پوسٽر

فلم اماوس جو پوسٽر

پريانڪا-نڪ جي شادي جو ٻيو وليمو، تصويرون وائرل
مداحن وليمي جون تصويرون پسند ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جونس جي ٻئي آجياڻي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جهڙي طرح جوڙو پنهنجي شادي ۽ پهرين آجياڻي جي موقعي تي خوبصورت نظر آيو.ساڳي ريت ٻئي آجياڻي ۾ پڻ پريانڪا ۽ نڪ جونس خوبصورت نظر آيا. تقريب ۾ نڪتل سندن تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي.

پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جونس جي ٻئي آجياڻي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جونس جي ٻئي آجياڻي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

پريانڪا جو ور نڪ جوناس سال 2018 جي فيشني شخصيت قرار
جي او رسالي نڪ جوناس کي سال جي اسٽائلش شخص جي اعزاز سان نوازيو

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا جو ور نڪ جوناس کي 2018 جي اسٽائلش شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب جي او ميگزين نڪ جوناس کي 2018 جو سڀ کان اسٽائلش شخص جو اعزاز ڏنو آهي. نڪ جوناس اهو اعزاز 64 ماڻهن کي هارائي ماڻيو، گذريل سال اهو اعزاز پريانڪا چوپڙا جي ويجهي دوست ڊيوڊ جانسن کي مليو هو. مڙس کي اهو اعزاز ملڻ تي اداڪار پريانڪا چوپڙا انسٽاگرام تي پنهنجي ۽ ور نڪ جوناس جي تصوير به جاري ڪئي. تصوير سان گڏ پريانڪا پنهنجي مڙس جي واکاڻ به ڪئي.

نوجوان پهرين گلوڪاري جي بنيادي تعليم پرائين: حميرا چنا

لاهور (شوبز ڊيسڪ) گلوڪاره حميرا چنا چيو آهي ته نون گلوڪارن جي آمد سان پاڪستاني موسيقي هر نئي ڏينهن بهتر ٿي رهي آهي. ڪاميابي لاءِ نوان ايندڙ پهريان گلوڪاري جي بنيادي تعليم حاصل ڪن. حميرا چنا جو چوڻ هو ته گلوڪار پنهنجي گانن ۾ جدت آڻي رهيا آهن، جن کي ٻڌندڙ تمام گهڻو پسند ڪن ٿا، گلوڪاري جي شعبي ۾ نوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اچي رهيون آهن، جيڪي گلوڪاري جي شعبي ۾ ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائيندا. هن چيو ته نون گلوڪارن لاءِ نهايت ضروري آهي ته هو ان شعبي ۾ اچڻ کان اڳ موسيقي جي بنيادي تعليم حاصل ڪن ته جيئن ڪاميابي سندن نصيب بڻجي.

نڪ جوناس ۽ پريانڪا چوپڙا

نڪ جوناس ۽ پريانڪا چوپڙا

ملڪه ترنم نورجهان

ملڪه ترنم نورجهان

ملڪه ترنم نورجهان جي 18هين ورسي

فيصل آباد (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني فلمي صنعت جي نامياري گلوڪاره ۽ اداڪاره ملڪه ترنم نورجهان جي 18هين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي. ورسي جي موقعي تي ملڪ جي نگار خانن ۽ آرٽس ڪائونسلز ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺايون وينديون ۽ مداحن به کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ خاص تقريبون ڪوٺائيندا. ملڪه ترنم نورجهان 21 سيٽمپبر 1926 تي قصور ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو الله وسائي هو، نورجهان سندس فلمي نالو هو. هن فلمي ڪيريئر جي شروعات 1935 ۾ “پنڊي دي ڪڙي” سان ڪيو. پاڪستان ٺهڻ بعد هو پنهنجي دور شوڪت حسين رضوي سان گڏ ممبئي کان ڪراچي منتقل ٿي. 1957 ۾ کيس شاندار پرفارمنس سبب صدارتي ايوارڊ، تغمه امتياز۽ بعد ۾ پرائڊ آف پرفارمنس سان به نوازيو ويو. نورجهان مجموعي طور 10 هزار کان وڌيڪ غزل ۽ گيت ڳايا، جن مان سڀ کان پهريون گانو “ مجهه سي پهلي سي محبت نه مانگ” تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ملڪه ترنم کي ڪاميابي جي نئين سفر تي آندو. ملڪه ترنم ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪامياب اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جن ۾ “ايماندار، پيام حق، سجني ۽ يملا جٽ سميت ٻيون فلمون شامل آهن. ملڪه ترنم نورجهان 23 ڊسمبر 2000 تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

هالي ووڊ فلم ”مين اِن بليڪ4“ جون جهلڪيون جاري

لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) هالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر ايڪش ڪاميڊي سائنس فڪشن فلم سيريز “مين اِن بليڪ” جي ايندڙ فلم “مين اِن بليڪ 4” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون. هدايتڪاري ايف گيري جي ان نئين فلم جي ڪاسٽ ۾ مرڪزي ڪردار ڪرِس هيمسورٿ ۽ ليام نيسن نڀائي رهيا آهن، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ٽيسا ٿامسپن، ربيڪا فرگيوسن، ايماٿامپسن، سرتاج گريول، مائيڪل برهان ۽ اسٽيفن سميت ٻيا شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ مخلوق جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن کان دنيا کي بچائڻ لاءِ خلائي مخلوق خلاف ڪارروايون ڪندڙ ايجنسي ميدان تي لهندي آهي. مداح ان فلم جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن، فلم ايندڙ سال جون مهيني ۾ ڪوليمبيا پڪچرز تحت سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

سونم ڪپور کي به سياري جي مند پسند آهي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور آهوجا سياري جي موسم کي پسنديده موسم قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره سونم ڪپور آهوجا سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير جاري ڪندي چيو ته سردين ۾ نڪ ٿڌو ٿيڻ، گرم جرسي ۽ گرم چاڪليٽ پيئڻ سبب سياري جي موسم تمام گهڻي پسند آهي. تصوير ۾ ٿڌ سبب سونم ڪپور جو نڪ ڳاڙهو ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽ ۽ ڳلي ۾ اسڪارف ۽ چشمو پاتل اٿس. سونم ڪپور فلم “ اِڪ لڙڪي جو ديکا تو ايسا لگا” ۾ پنهنجي پيءُ انيل ڪپور ۽ جوهي چاولا سان گڏ نظر ايندي.

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

پاڪستاني فلمن لاءِ سال 2018 بهترين رهيو
فلمون 250 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو، جواني ڦر نهين آني 65 ڪروڙ ڪمايا اينيميٽيڊ فلم ڊونڪي راجه سڄي ملڪ مان 24 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ)پاڪستان فلمي صنعت لاءِ سال 2108 ڪاروبار ۽ معيار جي حوالي سان سدائين رکيو ويندو. هن سال سڀني پاڪستاني فلمن 150 اسڪرينز ذريعي 250 ڪرڙو رپين کان وڌيڪ ڪمائي جو رڪارڊ جوڙيو. “جواني ڦر نهي آني 2” سال جي ئي نه پر تاريخ جي سڀ کان ڪامياب فلم ثابت ٿي. ان فلم پهريون ڀيرو 50 ڪروڙ رپين تائين پهتي ۽ سڄي دنيا ۾ 65 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو. هن سال علي ظفر فلم “طيفا اِن ٽربل” سان پنهنجي پهرين پاڪستاني فلم ڏني، فلم گانن ۽ ايڪشن کان بنا عيد ۽ موڪلن جي مدد جي ڪاميابي نوان رڪارڊ جوڙيا. پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب اينٽيميٽيڊ فلم “ڊونڪي ڪنگ” نه رڳو باڪس آفيس تي رڪارڊ جوڙيا پر مارڪيٽنگ، نيوز ۽ يوٽيوب تي به پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. فلم سڄي ملڪ ۾ 24 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو.

منفرد موضوعن تي فلمون ٺاهڻ گهرجن: حمائمه ملڪ

لاهور (شوبز ڊيسڪ) عالمي سطح تي مشهوري ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل حمائمه ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ نوجوان فلمساز پنهنجي ڪم کي بهتر ڪرڻ سان گڏ اهڙين ڪهاڻين تي ڪم ڪن، جيڪي شوقينن کي پسند اچن. حمائمه ملڪ جو چوڻ هو ته پاڪستاني فلمن جي معيار ۾ تبديلي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي هاڻي سولي ٿي رهي آهي، هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ وڏي بجيٽ واريون فلمون ٺاهيون پيون وڃن ته ٻي پاسي ٿوري بجيٽ ۾ به ڪيتريون فلمون ٺهن پيون. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ سٺي معيار واريون فلمون ٺاهڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي، منفرد موضوعن جي چونڊ سان فلمسازي جي عمل ۾ بهتري آئي آهي ۽ اهو هڪ سٺو سنئوڻ پڻ آهي. حمائمه ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته عالمي سطح تي به ڪم ڪري چڪي آهيان، جتي فلمسازي جي شعبي ۾ چڱي بهتري ۽ ترقي اچي وئي آهي.

اداڪاره ۽ ماڊل حمائمه ملڪ

اداڪاره ۽ ماڊل حمائمه ملڪ