ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪوئين ڪنگنا راناوت پنهنجي ايندڙ فلم جي باري ۾ ايترو تي پراميد آهي، جو سندس چوڻ آهي ته هن جا نقاد ايندڙ فلم ڏسڻ کانپوءِ پنهنجا وار بند ڪري ڇڏيندا. انڊين ايڪسپريس موجب
ڪنگنا راناوت جو چوڻ هو ته سندس خيال آهي ته جيڪي هن ۽ فلم خلاف ڳالهائي رهيا آهن، اهي فلم ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي وات بند ڪري ڇڏيندا.
سندس چوڻ هو ته شروع ۾ کيس اها فلم ڏکي لڳي پر فلم ٽيم جي مدد سان بهترين ڪم ڪيو ويو آهي. ڪنگنا فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ پهريون ڀيرو ڪو ڊائريڪشن پڻ ڏئي رهي آهي. فلم جي ليکڪ جي حوالي سان ڪنگنا چيو ته هن ايندڙ فلم به ساڳيو ڪهاڻيڪار لکي رهيو آهي، جيڪا هڪ پيار جي ڪهاڻي آهي. ڪنگنا راناوت جي مانيڪارانيڪا ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مرحوم اداڪاره سري ديوي جي وڏي ڌيءُ جهانوي ڪپور کانپوءِ هاڻي سندس ننڍي ڌيءُ خوشي ڪپور به بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ڪرن جوهر پاران نيها ڌوپيا جي شو، نو فلٽر نيها ۾ ڳالهائيندي چيو ته هو ايندڙ سال فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ خوشي ڪپور سان گڏ جاويد جعفري جو پٽ ميزان جعفري پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪرن جوهر ميزان جعفري بابت ڳالهائيندي چيو ته هن ۾ هڪ اسٽار بڻجڻ جو سموريون خوبيون موجود آهن. ڪرن جوهر چيو ته سندس فلم 2019 ۾ ريليز ٿيندي جنهن ۾ مک ڪردار خوشي ڪپور ۽ ميزان جعفري ادا ڪندا.
ممبئي (شوبز نيوز) فلم دنگل ۾ عامر خان سان گڏ پنهنجي ڪيريئر جي ڪامياب شروعات ڪندڙ فاطمه ثنا شيخ ۽ عامر خان وچ ۾ لاڳاپن جو خبرون ڀارتي ميڊيا ۾ هلي رهيون هيون. فلم دنگل ۾ فاطمه ثنا شيخ عامر خان جي ڌيءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان کانپوءِ عامر خان ۽ فاطه ثنا جي هڪ ٻي فلم سيڪريٽ سپر اسٽار پڻ ريليز ٿي هئي، جنهن ۾ عامر خا ن پڻ ڪردار ادا ڪيو هو.
فاطمه ثنا شيخ پاران ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون خبرون ٻڌڻ افسوسناڪ آهي، اهڙن افواهن سبب سندس پريشانين ۾ واڌارو آيو آهي. فاطمه جو چوڻ هو ته اهڙين خبرن ڪري سندس خاندان به پريشان ٿيو هو. کي فرق نٿو پوي ته ماڻهو ڇا ٿا چون، ماڻهن جو ڪم ڳالهيون ڪرڻ آهي، جڏهن ته هوءَ سکي رهي آهي ته اهڙي قسم جي افواهن سان ڪيئن منهن ڏجي.
فاطمه ثنا شيخ