fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

آخر ڳالهه ڪٿي وڃي دنگ ڪندي؟

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪرپشن جي نالي ۾ سياستدانن، نوڪر شاهي يا واپارين جي لسٽ جاري ڪئي وئي هجي، هن کان اڳ مختلف حڪومتن جي دور ۾ به اهڙيون لسٽون جاري ٿينديون رهيون آهن، ايوب خان جي ڏينهن ۾ سياستدانن جي لسٽ ٺآهي کين نااهل قرار ڏنو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ٻه نوڪر شاهي مان ماڻهو ڪڍيا، يحييٰ خان 303 اعلي سرڪاري آفيسرن کي گهر ڀيڙو ڪيو. نگران وزيراعظم معين قريشي به ڪجهه لسٽون جاري ڪيون هيون. نواز شريف دور ۾ بينظير ڀٽو آصف زرداري خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا، مشرف دور ۾ ڪجهه ڪارروايون ٿيون. مختلف حڪومتي دورن ۾ کنيل انهن قدمن جي نتيجي ۾ڪن کي ٿڏي تي نوڪرين مان ڪڍيو ويو ته ڪڏهن وري عدالتن ۾ ڪيس هلندا رهيا.
هن ڀيري جن 172 شخصيتن جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن، تن خلاف جاچ جي شروعات عدالتي حڪم نامي سان ٿي. سپريم ڪورٽ، سمٿ بئنڪ جي سنڌ بئنڪ ۾ ضم ٿيڻ جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو انڪوائري شروع ٿي ته اومني گروپ ۽ زرداري گروپ آف ڪپمنيز تائين ڳالهه پهتي، ان بعد سپريم ڪورٽ جي نگراني ۾ جي آءِ ٽِي جاچ ڪئي، ان جاچ دوران جعلي بئنڪ اڪائونٽن، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا معاملا سامھون آيا، جيتوڻيڪ شڪي کاتن ۾ رقم جمع ڪرائيندڙن ۾ سمورا ماڻھو ۽ ڪمپنيون شامل آھن، پر جي آءِ ٽي پنھنجي رپورٽ ۾ 172 ماڻھن جا نالا اھم رول ھئڻ جي بنياد تي ايگزٽ ڪنٽرو لسٽ ۾ وجھڻ لاءِ خط لکيو. وفاقي ڪابينا پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت يعني بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري،فريال ٽالپر،اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاھھ،ھاڻوڪي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سميت سڀني جي پرڏيھھ وڃڻ تي پابندي وجھي ڇڏي آھي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا گذريل چند مھينن کان کنيا پئي ويا،پر بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاھھ جا نالا اچڻ بعد ھن لسٽ کي وڏي اھيمت ڏني پئي وڃي.ان جو مطلب اھو پيو ورتو وڃي تھ پيپلز پارٽي کي آخري حد تائين دٻاءُ ۾ رکيو پيو وڃي،ان کي سوڙھو ڪيو پيو وڃي.ھڪ طرف ان کي بطور پارٽي سرگرم ۽ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو سوال پئدا ٿي رھيو آھي تھ ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي وجود بابت بھ سوال پئدا ٿي رھيو آھي.پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ ھڪٻئي سان جھيڙي توڙي ٺاھھ ۾رھنديون آيون آھن.آخر اھا ڪھڙي ڳالھھ آھي جنھن جي پيپلز پارٽي کان فرمائش ڪئي پئي وڃي۽ ھو اھا فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.؟عام خيال اھو آھي تھ پيپلز پارٽي جي موجودھ قيادت مصلحت ۾ ڪنھن بھ حد تائين وڃي سگھي ٿي. اھو بھ خيال ڏيکاريو پيو وڃي تھ جيئن تھ نواز شريف کي سزا اچي چڪي آھي.شھباز شريف بھ گرفتار آھي ۽ پڇاڻي ھيٺ آھي.انڪري نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان مساوي سلوڪ ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي ڏانھن سخت رويو رکيو پيو وڃي،پر ڳالھھ اڃا بھ اڌوري آھي.
ھونئن تھ سنڌ حڪومت گذريل ٻن سالن کان پڇاڻي ھيٺ آھي پر خاص طور تي ھلندڙ حڪومتي دور ۾ ان ۾ اضافو ٿيو آھي،نتيجي ۾ گذريل پنجن مھينن دوران اھا ڪو بھ ٺوس ڪم نھ ڪري سگهي آھي. نيب جي پڇاڻن سبب آفيسرن ۾ ڊپ ڇانيل آھي،ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ پڻ ڏيڍ ڊزن آفيسرن جا نالا آھن.جڏھن سنڌ جي وڏي وزير سميت ايترا آفيسر ايگزٽ ڪنٽرو ل لسٽ تي ھجن تھ صوبي ۾ ڪو بھ انتظامي توڙي ترقياتي ڪم نھ ٿي سگھندو.ايئن صوبائي حڪومت ڪجھھ نھ ڪرڻ جي بار ھيٺان دٻجي ويندي. نتيجي ۾ صوبي اندر انتظامي افراتفري پئدا ٿي ويندي. اھڙي صورت ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو آپشن بھ ڪو سٺو آپشن نھ بيھندو،اھو پنج مھينا اڳ چونڊن ۾ وجود ۾ آيل مظام کي ڌوڏي ڇڏيندو.اھا ڳالھھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ڪنھن بھ صوبي ۾ سياسي ۽ انتظامي عدم استحڪام پئدا ٿئي ٿوتھ ان جي زلزلي جا لوڏا اسلام آباد ۾ بھ ضرور محسوس ٿيندا ۽ عدم استحڪام جي ھڪ لھر شروع ٿي ويندي. وس وارن ۽ خود وفاقي حڪومت کي سوچڻ گھرجي تھ آخر انھن سمورن اپائن ذريعي ڪھڙا نتيجا نڪري رھيا آھن؟۽ ھو ڪھڙا نتيجا حاصل ڪرڻ چاھي ٿي؟آخر ڳالھھ ڪٿي وڃي دنگ ڪندي؟

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of