
امريڪا دنيا جو اڄ به طاقتور ترين ملڪ آھي، 1945ع کان وٺي دنيا ۾ اڪيلو سپر پاور رھندڙ ملڪ اڄ به اوترو ئي سگھارو آھي جيترو ڏھاڪا اڳ ھو. دنيا جي ڪل پيداوار جو 17 سيڪڙو امريڪا پيدا ڪري ٿو، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ان جو ڪومقابلو نه ڪري سگھيو آھي. اھڙي طاقتور ملڪ جي گادي واري شھر واشنگٽن ۾ ڇا پيو ٿئي، اتي موجود صدر ڪھڙين مصروفيتن ۾ رڌل رھي ٿو ۽ واشنگٽن شھر ڇا آھي؟ اھو ڄاڻڻ تمام دلچسپ آھي. واشنگٽن ڊائريءَ جي نالي سان ھن ھفتيوار ڪالم ۾ اھي موضوع زير بحث ايندا. ھتي ٻه سال رھڻ کانپوءِ جيڪو ٿورو گھڻو سمجھه ۾ آيو آھي تنھن بابت پنھجا خيال ۽ تجزيو اوھان سان ونڊيو ويندو.
پاڪستان جي اھڙي ڪا به اخبار۽ چئنل نه آھي جتي ھن شھر جي مقامي توڙي ملڪي ۽ عالمي سياست تي ريگيولر لکيو ويندو ھجي. شاھپور چاڪر جي ھاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ نوابشاھ جي سچل سرمست ڪاليج مان انٽر پاس ڪرڻ بعد ڪڏھن خيال به نه آيو هو ته ڪو ڏينھن اھڙو به ايندو جو واشنگٽن مان ويھي سنڌي اخبار لاءِ سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي معاملن تي ڊائري لکندس.ڪن ماڻھن جي قسمت خراب پر نصيب ڀلو ٿيندو آھي، ڪن جو وري حساب بلڪل الٽو. پر صدر ٽرمپ جھڙا ماڻھو به پيدا ٿيندا آھن، نه صرف قسمت ڀلي پر نصيب به زبردست، ڪروڙين امريڪي ماڻهو ھن جي خلاف آھن، پر امريڪا جي صدارت ۽ حڪمران جماعت ريپبليڪن ھن جي کيسي ۾ آھن. ٽرمپ صدر ٿيڻ کان اڳ ڪنھن ڪائونٽي جو چونڊيل ميمبر به رھيو آھي، پر جنھن قسم جون تباھ ڪاريون ھن ريپبليڪن پارٽيءَ ۾ اچي ڪيون آھن، تنھن جو مثال ماضي قريب ۾ نه ٿو ملي.
ٽرمپ سان ٽڪر کائڻ جي سندس پارٽيءَ ۾ ڪنھن کي ھمت نه ٿي ٿئي. جن سينيٽرن ۽ ڪانگريس ميمبرن جا ھن سان اختلاف آھن، تن شرافت جو مظاھرو ڪندي تازو ٿيل مڊ ٽرم چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي بجاءِ مورڳو سياست تان ئي دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي. سندس پارٽي جي اندر ھن جو سڀ کان وڏو مخالف جان مڪين ھو، جيڪو ڪجھ مھينا اڳ گذاري ويو ۽ سندس تدفين جي رسمن ۾ ھن جي ڌيءَ نه صرف ٽرمپ کي شرڪت ڪرڻ کان منع ڪيو بلڪه تعزيتي تقريب ۾ ٽرمپ مٿان ڇوھ ڇنڊيا. ايريزونا رياست مان چونڊيل ان سينيٽر جي ٽرمپ مخالف پاليسين جو فائدو ڊيموڪريٽس کي اھو ٿيو جو ھڪ سينيٽ جي سيٽ ھنن اتان ڏھاڪن کان پوءِ کٽي.
امريڪا جي گادي واري شھر واشنگٽن ڊي سي کي نه امريڪي سينيٽ ۾ نمائندگي آھي نه وري ھائوس آف ريپريزينٽيٽو ۾ (امريڪا ۾ سينيٽ ۽ ھائوس کي ملائي ڪانگريس سڏيندا آھن جيئن پاڪستان ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ کي پارليامينٽ چيو ويندو آھي ) ڊي سي جوھڪڙو وفد هائوس ۾ ويندو آھي پر اتي کين ووٽ ڏيڻ جو حق نه آھي. واشنگٽن شھر جي گاڏين جي نمبر پليٽن تي لکيل ھوندو آھي ته ”بغير ووٽ جي ٽيڪس ڇا جو“. دنيا جي ملڪن ۾ شايد اھو اڪيلو گاديءَ جو شھر آھي جتي جي ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ نمائندگي حاصل نه آھي، ايندڙ ڪيتري وقت تائين اھوقانون تبديل ٿيندي به ممڪن نظر نه ٿو اچي. آخر ايئن ڇو آھي؟ ان جو ھڪڙو وڏو سبب ته اھو آھي ته واشنگٽن افريڪن امريڪين (ڪارن) جي اڪثريت وارو شھر آھي ۽ ھتي 90 سيڪڙو ووٽر ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا آھن. ھوائي رياست کان پوءِ ھي امريڪا جي ٻي رياست آهي جتي ڊيموڪريٽس 90 سيڪڙو کان مٿي آھن. ريپبليڪن کي خبر آھي ته جي واشنگٽن جي ماڻھن کي سينيٽ ۾ ٻه سيٽون مليون ته ريپبليڪن ھميشه لاءِ اقليت ۾ ھليا ويندا. موجوده سينيٽ ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ جا 51 ۽ ڊيموڪريٽس جا 49 سينيٽر آھن. مڊ ٽرم چونڊن ۾ جتي ريپبليڪن کي ڪانگريس جي چونڊن ۾ بدترين شڪست آئي اتي سينيٽ ۾ کين ڪاميابي حاصل ٿي. اھو به ان ڪري جو سينيٽ جا گھڻا ميمبر جيڪي ريٽائر ٿيا تن جو تعلق ڊيموڪريٽس سان ھو ۽ ھئا به اھڙين رياستن مان جتي ٽرمپ جي مقبوليت اڃان به موجود آھي. پر تنھن ھوندي به جن رياستن ۾ ريپبليڪن پارٽي اقتدار ۾ آھي اتان به ڊيموڪريٽس ٻه سينيٽ جون سيٽون کٽيون. هائوس آف ريپريزنٽيٽو (جنھن کي ھتي ڪانگريس چون ٿا) ۾ ٽرمپ جي پارٽي 40 سيٽون ھارايون، ايڏي وڏي شڪست کين 48 سالن کان پوءِ آئي آھي.
واشنگٽن ۽ آس پاس جي رياستن ورجينيا ۽ ميري لينڊ ۾ صرف ھڪ ريپبليڪن ڪانگريس عورت ھئي تنھن به چونڊ ھارائي، اھڙي طرح ھن خطي مان سندن اڪيلي ميمبر، جنھن ٽرمپ کي سندس سياسي چونڊ مھم ھلائڻ کان منع ڪيو ھو، ھن سان فاصلو رکندي پئي آئي، پر پوءِ به ھوءَ ھارائي وئي. ڪيليفورنيا جي اورينج ڪائونٽي اھڙو علائقو ھو جتان چئن ريپبليڪن ڪانگريس ميمبرن کي شڪست آئي. اھي چونڊ نتيجا ثابت ڪن ٿا ته لبرل ۽ پروگريسو شھري علائقن مان ريپبلڪن پارٽيءَ جي تڏا ويڙھ ٿي چڪي آھي، باقي جتي ڪاليج ۽ يونورسٽيءَ جي تعليم گھٽ آھي، جتي مرد ۽ روايتي انگريز معاشرو قائم آھي، جن وٽ اڇي رنگ واري مرد جي بالادستي جو پراڻو تصور موجود آھي، اتي ٽرمپ جي حمايت به موجود آھي ۽ ريپبليڪن پارٽي به زنده آھي. ريپبليڪن پارٽيءَ جون سينيٽ ۾ 54 سيٽون آھن پر عورتون صرف 6، جڏھن ته ڊيموڪريٽس جي 46 سيٽن مان 17 عورتون آھن، هائوس آف ريپريزينٽيٽو جي ڪل 435 ميمبرن مان 87 عورتون آھن جن مان ريپبليڪن جون 23 جڏھن ته ڊيموڪريٽس جون 64 ميمبر عورتون آھن. امريڪا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٻه مسلمان عورتون پڻ ڊيموڪريٽ پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان چونڊجي آيون آھن. نينسي پيلوسي ھڪ ڀيرو ٻيھر ايوان نمائندگان جي اسپيڪر چونڊجڻ واري آھي.
ٽرمپ جي صدارت امريڪي سياست کي ملڪ جي اندر ۽ ٻاھر ھڪ تماشو ٺاھي ڇڏيو آھي، سندس صدارت جا 2 سال مسلسل ٽڪراءَ، ٽينشن، عدم استحڪام، خوف ۽ غير يقيني جي صورتحال مان گذريا آھن، ھن جي وزارت جو اھڙو ڪو وزير نه آھي جيڪو تبديل نه ٿيو ھجي، اڄ به سندس دفاع جي وزير جنرل ميٽس وزارت ڇڏي آھي، وزير داخلا ڪرپشن جي الزامن ھيٺ جاچ هيٺ هجڻ جي ڪري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي. وزارت انصاف جي سيڪريٽري جيف سيشن کان ھن استعيفيٰ ورتي، پاڪستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ آھن جتي سفيرن جون جايون خالي پيل آھن، ان حد تائين جو گڏيل قومن ۾ امريڪا جي مستقل نمائندي جي جاءِ پڻ نڪي هيلي جي ڇڏي وڃڻ بعد خالي پيل آھي.
ٽرمپ جي ٻن سالن جيترو دنيا کي لوڏي ڇڏيو آھي ايترو امريڪا جي اندروني سياست کي پڻ ڌوڏي ڇڏيو آھي، ڪيترن ئي ستل، خاموش، پاسيرو ٿيل ترقي پسند، پروگريسو ماڻھن کي جاڳائي ڇڏيو آھي. امريڪا جي پريس مٿان ملڪ جي تاريخ ۾ ايڏا حملا ڪنھن نه ڪيا جيڪي ٽرمپ ڪيا آھن، پريس کي ملڪ ۽ عوام جو دشمن قرار ڏنو، ھي اهڙا جملا آھن جيڪي امريڪي تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيا ويندا.
ايندڙ سال 2019 جي مارچ مھيني ڌاري 2020 ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن لاءِ پرائمري چونڊ مھم شروع ٿيندي. ڊيموڪريٽس لاءِ وڏو چيلينج اھو آھي ته ھو ڪنھن اھڙي اميدوار کي ميدان ۾ آڻين جيڪو ٽرمپ جو مقابلو ڪري سگھي. ھن مهل تائين وڏو امڪان اڳوڻي نائب صدر جو بائيڊن جو آھي، جڏھن ته ريپبليڪن پارٽي منجھان ڪنھن ۾ اھا جرئت ناھي جو ھو اھا خواهش به ظاھر ڪري سگھي ته ھو صدارتي اميدوار ٿي سگهي ٿو. ٽرمپ جو خوف مٿن ايترو طاري آھي جو مجال آ جو اھڙي ڪا خبر ڪٿان پڌري ٿئي. پر ريپبليڪن پارٽي جو موجوده هائوس اسپيڪر پال رائن جنھن رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي، تنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته جيڪڏھن ٽرمپ مٿان ھلندڙ ڪيسن سندس گھيرو تنگ ڪيو ته ھو پرائمري اميدوار ٿي سگھي ٿو، ساڳي طرح گڏيل قومن ۾ امريڪا جي مستقل نمائندي طور ڪم ڪندڙ نڪي ھلي لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته ھوءَ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺي سگھي ٿي. پر ٽرمپ جي دھشت جي ڪري ڪنھن ۾ اعلان ڪرڻ جي اڃان ھمت نه ٿي آھي. ٽرمپ جي صدارت جا اڃان 2 سال پيا آھن، سندس دور اقتدار تي ”امريڪا کي لوڏي ڇڏيندڙ چار سال“ نالي ھڪ نه پر ڪيترائي ڪتاب لکيا ويندا.
Email؛ mush.rajpar@gmail.com
Twitter @mushrajpar