
تاريخ جي مهڪ به مقناطيس جيان هوندي آهي،جيڪا صرف انهن لنڱن کي پاڻ ڏانهن ڇڪندي آهي جن لنڱن ۾ لوهه باقي هوندو آهي، هر شهيد مقتول ٿيندو آهي پر هر مقتول شهيد نه ٿيندو آهي، جنهن 27 ڊسمبر جي پڄاڻي راولپنڊي لياقت باغ ۾ ٿي ۽ ساڻس وابسطا سڀئي دشمنيون سڀئي دوستيون نفرتون ۽ محبتون جيڪي شهيد بينظير سان لاڳاپيل هيون، اهي ماضي جو قصو بڻجي ويون ۽ ڳڙهي خدابخش اڇي روضي ۾ وڃي دفن ٿيون. اها اوڀر جي عظيم نياڻي شهيد بينظير ڀٽوانهيءَ ماڪ مثل هئي جا ڪنڊا نه ڏسندي آهي ۽ جنهن کي اهي چُڀندا به نه آهن جڏهن اها وسندي آهي ته اجاڙ وستي تي يا ڦلواڙي ٻنهي هنڌن تي ان جي تازگي ساڳي هوندي آهي. ڏينڀو به ان ۾ پر پُسائيندا آهن ۽ ڀونئر پنهنجي گيت ۾سموهي اڏري ويندا آهن ۽ سورج مکي ان جي اڏار ڏسي سگهندو آهي جڏهن سج جا ڪرڻا ڌرتي تي نمودار ٿيندا آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حقيقي مقبوليت جي ڄاڻ27 ڊسمبر2007 تي سندس شهادت کان پوءِ پئي، جڏهن سندس شهادت تي دنيا ۾ ماتم مچي ويو. هن جي قتل خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾زبردست مظاهرا ٿيا، گڏيل قومن خاص اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي عالمي سطح تي امن لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سندس خدمتن تي کيس شاندار لفظن ۾خراج عقيدت پيش ڪيو۽ سڄي دنيا جي رهنمائن سندس قتل تي گھري ڏک جو اظهار ڪيو. سندس وڏي کان وڏا مخالف به انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ لڳا، ته شهيد بينظير ڀٽو غيرمعمولي صلاحيتن ۽ سٺين وصفن واري عورت هجڻ سان گڏو گڏ تمام گهڻي سياسي سمجهه جي مالڪ پڻ هئي.دليل ته يزيد وٽ به هوندا پرحسينيت لاءِ دليل ڪافي نه هوندا آهن بلڪه قرباني درڪار هوندي آهي.هي جهموريت جي اها شهيد آهي جنهن کي اها پروڙ هئي ته موت مٿان لامارا ڏئي رهيو آهي تنهنڪري هوءَ پنهنجي قبر جي نشاندهي ڪري پوءِ ميدان جنگ ۾داخل ٿي ۽ بهادرن جيان پنهنجي جان ملڪ مٿان گهورڪئي،کيس نياپا اماڻيا ويا ۽ کيس ڊيڄاريو ويوپر هن کي موت جو خوف ڪڏهن زخمي ڪري نه سگهيو. جيئن واءُ گهاٽي بن ۾ گونجندي آهي ۽ ان جا گيت ٻڌي سارا وڻ تاڙيون وڄائيندا آهن ۽ پن ائين ڪِرندا آهن ڄڻ ان تي سِڪا گهور ٿي رهيا آهن جنهن روح ۾ ڪمند جيئن رس هوندو آهي ان کي بلاول وانگر گهاڻي ۾ پيڙايو ويندو آهي، گرهڻ هر ڪنهن کي نه ٿيندو آهي، انهي زمري ۾ يا سج يا چنڊ ايندو آهي جڏهن ته روح جي بک جسم جي بک کان وڌيڪ با معنيٰ ٿيندي آهي.دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا خاندان تمام گهٽ آهن، جيڪي ذاتي مفاد کان مٿاهان ٿي ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏين.پپبلز پارٽي جي باني چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زرعي سڌارا آندا،ان جي نتيجي ۾ بي زمين هارين ۾ مفت زمين ورهائي ۽ وڏن وڏن جاگيردارن ڀٽي شهيد جي ان پاليسي جي شديد مخالف ڪئي پر قائد عوام سڀني مخالفتن کي قبول ڪيو ۽ هارين ۾ زمين جي مفت ورهاست واري پاليسي کي جاري رکيو.پيپلز پارٽي جي ان اسڪيم مان هزارين نه بلڪه لکين بي زمين هارين کي فائدو ٿيو، جيتوڻيڪ اهائي ورهاست ۽ هاري همدردي پاليسي ڀٽي حڪومت جي زوال جو سبب بڻي ڇاڪاڻ ته زرعي سڌارن کانپوءِ جاگيردارن قائد عوام جي خلاف اتحاد قائم ڪري ورتو ۽ سندس حڪومت ڪيرائڻ لاءِ سازشون شروع ڪري ڇڏيون ۽ انهن جاگيردارن پيپلز پارٽي جي مخالف قوتن سان رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ سازش تحت ذّوالفقار علي ڀٽي جي عوامي حڪومت جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ انهن ظالم جاگيردارن ڀٽو حڪومت جي خاتمي ۽ پوءِ کيس ڦاهي جي تختي تائين پهچائڻ ۾ مڪروه ڪردار ادا ڪيو ۽ جڏهن هن ملڪ جي حقيقي رهنما ۽ پهرين چونڊيل عوامي وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي ته انهن وڏن وڏن جاگيردارن جشن ملهايو ۽ ڀٽي جي ڦاهي کي پنهنجي فتح قرار ڏنو. اڄ کان پورا 11 سال اڳ يعني 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ان لاڏلي ڌيءِ جنهن کي هو پيار مان پنڪي ڪري پڪاريندو هو، کي شهيد ڪيو ويو. ان عظيم پٽ جي عظيم نياڻي جي شهادت تي ماڻهن ماتم ۽ روڄ راڙو اهڙي نموني ڪيو، جنهن کي تاريخ جا ورق ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهن.اڄ سندس ياد جون ساروڻيون ساريندي هارين،پورهيتن ۽ هن ملڪ جي مسڪين ماڻهن جي اکين مان ڪوسا لڙڪ ٽم ٽم ڪري سندن پلاند پُسائي رهيا آهن، جڏهن ته مُئا جيئرن کان وڌيڪ جيئرا آهن.