fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

خواب مرڻ نه ڏينداسين!

میں دلوں میں رہتا ہوں۔ امیدوں میں بستا ہوں۔ سپنوں  میں جیتا ہوں۔ اور غم پیتا ہوں۔ جب کوئی سپنا مرجھاتا ہے، امید سوکھتی ہے۔ ارمان جھلس جاتا ہے تو میں۔۔۔ میں ہی آتا ہوں۔ اور برس جاتا ہوں۔ لیکن سب سے پہلے حسین نازنین کی خدمت میں اپنی عقیدت کا ناچیز تحفہ پیش کرنے کی اجازت چاہوں گا جسکی خوبصورتی پر یہ سرزمین کے چمن کا ہر پھول اور ٓآسمان کی کہکشان پرستارہ بے پناہ رشک کر رہا ہے۔ اور جسکی رنگت پر چاندنی جل جل کر۔۔“ )تھوڑا سا رومانی ہوجائیں)

علي قاضِي ۽‌ مون ۾‌ هڪڙِي هڪجهڙائي اها آهي ته اسين ٻيئي خوابن جي ڪڍ لڳڻ‌ وارا ماڻهو آهيون۔  ٻي هڪجهڙائي هي ته هن ۽‌ مون هڪڙِي فلم ڏٺِي هئي “ٿوڙا سا روماني هو جائين “.اها اڻويهه سو نوي‌ جي ڳالهه آهي جڏهن اها فلم آئي هئي۔ مونکي اها فلم لڙِي ويئي هئي۔ سنڌي ۾ چئبو آهي صفا وٺجي ويو هوس۔ ايتريقدر جو اڄ‌ به نانا پاٽيڪر جي يادگار ڪردار واري ان فلم جا ڊائلاگ ۽‌ نظم اڄ‌ سوڌو ياد اٿم۔ پو جڏهن علي قاضِي جي مون سان يا ڪنهن به اهڙي دوست سان ڪنهن اهڙي آئيڊيا، آدرشن يا خواب تي ڳالهه ٿيندي هئي ۽‌ اهڙا  خواب خيال بظاهر مارڪيٽِي دنيا ۾‌ خواب خيال ئي لڳندا هئا ته هو هڪدم چوندو هو (هاڻ‌ چي ٿو الائجي نه( “ٿوڙا سا روماني هو جا!”

هڪڙي ڀيري هن انهن ڏينهن ڪاوش‌ ۾‌ ڪم ڪندڙ‌ دوست شايد زين دائودپوٽي يا ڪنهن ٻئي کي چيو هو “يار هي جيڪي تنهنجا خيال آهن نه اهي سمورا ڪنهن آرٽ‌ فلم ۾‌ ته سٺا لڳن ٿا پر هن سان هڪڙو ڍوڍو به نه ٿو ٿڦي سگهجي!” حالانڪه سندس جا پرڪار، هلڻ‌ ڳالهائڻ الائجي مونکي ڇو لڳندو هو ته هو سچو پچو اخباري مالڪ نه (جنهن کي سائين لائق ٿيٻو مجيري   چوندو ھو) پر ڪنهن فلم ۾‌ سو به انڊِين فلم ۾‌ ڪم ڪندڙ‌ اخباري مالڪ ۽‌ ايڊيٽر آهي۔ نه پر ايئن لڳندو هو ته اسين سڀ اهي مينهن وساڙا آهيون جيڪو ڪردار مينهن وسائڻ‌ واري جو ‌نانا پاٽيڪر ان فلم ۾‌ ادا ڪري رهيو هو۔ “ٿوڙا سا روماني هو جائين!”

گهڻو وقت پو لڳي پتو ويو ته اسين اهي نانا پاٽيڪر جهڙا مينهن وساڙا نه پر اهي اڳڙِي وارا گڏا هئاسون جن کي ننڍي لانڪر سانوڻِين ۾ ‌ڌرتي ۾ پاڻ پوريندا هئاسون ته مينهن وسي. علي قاضِي کي پهريون ڀيرو مون تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو مولانا نوراني جي جميعت علما پاڪستان وارن ٻارهين وفات وارن سالياني جلوسن ۾‌ وسيم ساغر وغيره وارن سان ڳاڙهن گلن جا هار پائي هڪٻئي جي هٿن ۾‌ هٿ جهلي سلطان هوٽل گاڏي کاتي وٽان ان ڀلاري جلوس ۾‌ شامل هوندو هو! جلوس ۾‌ نعرا “نبي ڪا جهنڊا اوچا رهي گا” انهن ڏينهن ۾‌ هو محمد علي قاضي هو ۽‌ مولانا نوراني جي جي يو پي جو سنڌ جو يا حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽِري هو۔ هڪڙي سخت سرخي قاضِي سليم اڪبر جو ننڍو ڀاء۔ ٻيو ڀيرو مون هن کي ميئر آفتاب شيخ جي گهر ڏٺو جڏهن هو الطاف حسين جي اها تاريخي ۽‌  خوفناڪ پريس ڪانفرنس ڪور ڪرڻ‌ آيو جنهن ۾‌ هن چيو هو ته مهاجر عيش‌ جا سامان فرج ٽِي وي وغيره  وڪڻي هٿيار خريد ڪن، شايد هن سان الياس  وارثِي گڏ هو ۽‌ هو سفير اخبار جو ايڊِيٽر هو ۽‌ مان مسلم اخبار جو اسلام آباد جو رپورٽر۔ الطاف حسين جي ان پريس ڪانفرنس کانپوءِ ”تو تو نه رها مين مين  نه رها“ واري ڪار سموري شهر حيدرآباد سان ٿي هئي۔ شهر ۾‌ وارثي جي قد جيترا ڪٽ‌ آئوٽ لڳي ويا ها جن تي لکيل هو “حقوق يا موت”‌۔ سڄي شهر جون ڀتيون اهڙن نعرن سان ٻري ويون هيون۔ انهن نعرن لکڻ‌ وارو پينٽر جاويد ڪاردار هو جنهن جي خاندان  جا ڀاتي پڻ ‌ٽِيهين سيپٽمبر وارن حملن ۾‌ ماريا ويا  ها۔

ڇڏيو ڀلا انهن ڳالهين کي۔ هونئن به اوهان وٽ‌ “مثبت صحافت”‌جو زمانو آهي۔ ٽنڊي ٺوڙهي واري هڪڙي  مرزا صاحب واري ڳالهه “اهي ته هوندا ئي هوندا”۔ بس اسان ناهيون اوهان وٽ‌ هڪڙي طرح۔  ته مون مون ڳالهه پئي ڪيئي علي قاضِي سان منهنجي پهرين ملاقات سفير جي ئي آفيس ۾‌ ٿي جڏهن اتي منهنجا دوست  ۽‌ ساٿي سهيل سانگي ۽‌ پرويز پيٽر ڪم ڪندا هئا۔ صحافت ۾‌ سهيل سانگي ائين آهي جيئين ڪشور ڪمار جا گانا هر دؤر ۾‌ سدا بهار۔ پر باقاعده پيشيورانه ملاقات ڇا چئبو آ‌ ”ٽاڪ اي بزنس“ هن سان سندس سول لائنز  ۾‌ تازي شفٽ‌ ٿيل سفير جي آفيس ۾‌ سندس ڪمري ۾ ‌ٿي۔  هن سنڌي ۾‌ پراڻي اخبار “خادم وطن” ‌ٻيهر نئين ڪري ڪڍڻ ٿي گهري۔ هن چاهيو ٿي ته مان به سندس ٽيم يا ان اخبار جي سٿ جو حصو بڻجان۔ مونکي هن سان ناز سهتي ملرايو هو ۽‌ اهو اوشو جو دنيا مان لاڏاڻي ڪري وڃڻ‌ جو ڏينهن هو۔ اسان ان ڏينهن اخبار بابت هن جي “عزائم”‌ تي گهٽ‌ اوشُو ۽‌ انهن ڏينهن اوشُو ورتل توڻي انهن اداس نسلن تي ڳالهايو هو جيڪي سياسي بيوفائين جي تيز رفتار ٽرين تان ڪريا ها۔ سرد جنگ ختم ٿي چڪي هئي۔ ڄڻ‌ صنم پرست جي سڄي رات پرستش‌ کانپوء پرهه ڦٽڻ‌ ويل کيس اهو ٻڌايو ويو هجي ته جنهن صنم کي تو ساري رات ٿي ساريو انجو ڪو وجود ئي ڪونه هو۔ هڪ ڪلچرل شاڪ  جو زمانو هو۔ سنڌي مهاجر هڪ ٻئي جي خون سان اشنان ڪري رهيا ها۔ ديوار برلن ٽٽي چڪي هئي۔ بظاهر پاڪستان ۾ بينظير ڀٽي جي حڪومت هئي پر ڏهه جماعت پاس اڇي مٿي وارا ڊائريڪٽ‌ حولدار ڇانيل هئا۔ ضياءُ مري چڪو هو پر ڪهڙو مري چڪو هو؟‌ شهرن ۾‌ مهاجر سنڌي دهشتگرد ۽‌ ٻهراڙين ۾ بڪتربند توڻي  محب شيدي، ٽلو کوسو ۽‌ اهڙا ٽي هزار ٽارزن سنڌ جي ٻيلن ۾‌ هڪڙي ئي ريموٽ‌ ڪنٽرول تي هلايا ٿي ويا۔ هو ڪاري ڏاڙهي ۽‌ وڏن وارن وارو نوجوان، بينسن هيجز جو چين سموڪر، ميز جي ٻئي پار اڃا پلاسٽڪ چڙهيل  نئين ڦرڻي ڪرسي تي ويٺل هو۔ ڪنڊ  ‌تي پيل صوفي جي هڪ ٻانهن تي  هن جي جاء‌ نماز پيل۔ ڪرڪٽر، ڪڏهن ڪڏهن نڙِي ڪئوڙِي ڪندڙ ‌۽‌ باقاعدگي سان سانجهي جي نماز پڙهندڙ‌(جيئن پو مون هن کي ڏٺو) ‌پر اسان جهڙن بي يقين ناستڪن  جي ڳالهين کي به کلي برداشت ڪندڙ، هر ڳالهه تي تجسس ڀريل ۽‌ هڪ ڊگهي “اڇ۔۔۔۔۔ااااا”‌ ڪندڙ۔ ان تي به ته هي سنڌي اخبار جو ڪهڙو “قاري” ‌‌آهي، ڇا ٿو پڙهڻ‌ گهري؟ هي اهو زمانو هو جڏهن اڃان سنڌي اخبار تپيدار کي پٽ‌ ڄائو، صوبيدار بدلي ۽‌ جڏهن هي نمائندو ٿاڻي تي پهتو ته باوجود پراڻِي دوستي جي ايس ايچ او لاڪپ ۾‌ پيل جوابدار کي ملائڻ‌ کان انڪار ڪيو واريون خبرون ڏيندي هئي۔ يا اڃان سنڌي  اخبار حيدرآباد ۾‌ سنڌين بدران “قديمي باشندا” ‌ٿي لکيا۔ اڃان پريس ريليز رستي ڪئين خان بڻيل هئا۔ علي قاضِي پريس رليز ڪلچر جو  سندس اخبار ۾ خاتمو ٿي گهريو۔ هن وٽ‌ ڪئين خواب هئا۔ مون هن کي ٻڌو ته هن سڀ خواب پرست نوجوان سندس نڪرڻ واري اخبار ۾ کڻڻ ‌ٿي گهريا۔ اهڙا سڀ ڪردار جيڪي انڊِين  فلم “‌وه رات جسڪي صبح نهين”‌ جهڙن ڪردارن وانگر‌ هئا۔ هن پنهنجي نئين نڪرڻ واري اخبار ۾ پهرين ئي خبر سندس ئي مائٽ خلاف شايع ڪئي۔ ڪو ڄاڻي بجهي نه پر معروضِي خبريت سبب ته پير مظهر  طرفان ٿاڻي تان ڌاڙيل ڇڏايا ويا ۔  علي قاضِي ان کان ڪجهه عرصو اڳ آمريڪا مان موٽيو هو  ۽‌ هو هتي اسان وٽ‌ ڪائونٽِي نيوزپيپر يا ”نيبرهوڊ‌“ ميڊِيا کان گهڻو اتساهيل ٿي لڳو۔ مان، ناز سهتو، سڪندر بروهي، سعيد ميمڻ، منصور ڪلهوڙو، زاهد ملڪ ، اسلم خواجو، مسعود رضوي، هو قبوليو نوجوان جيڪو سپرهائي وي تي موٽر سائيڪل حادثي جو شڪار ٿيو۔ فوٽو گرافر علي واحڊ، الياس وارثي سنگل ڪالم رپورٽر پر وڏن واسطن وارو، ڪاتب مولانا ڀٽو (جيڪو  هڪڙي گوڏي تي  ڪلپ پئڊ‌ رکي هر اکر کي ايتري انهماڪ سان لکندو هو ڄڻ‌ هر لفظ‌ مولانا لاءِ مقد س هجي)‌ احمد علي مڱڻهار، مشتاق سهيل، پيارو دين محمد، بشير چانڊيو ۽‌ راقم الحروف خادم وطن جي اوائلي سٿ ۽‌ نيوز روم جو  حصو هئا سون۔ منهنجو هن اخبار يا پو ڪاوش، انگريزي صفحي وائيس آف سنڌ، سنڌ آبزرور (جنهن جي ايڊِيٽر فهميده رياض‌ به هئي ته منهنجو دوست ‌۽ ناول نگار محمد حنيف به ڪم ڪري چڪو هو ڪجهه ڏينهن)‌ ۾‌ اوترو ڪردار هو جيترو ڪنهن مشهور اداڪار  جو ڪنهن سٺي فلم ۾ پر مهمان اداڪار جو رول هوندو آهي پر يادگار۔انهن ئي راتين ۽‌ ويڪ اينڊز تي اسلم اڪبر قاضِي سان ڪچهريون پڻ‌ يادگار رهيون) خاص طور جڏهن ناز سهتي کي هڪڙي ٽرڙي پٽ‌ وڏيري جي پوري ڪلاشنڪوف جي برسٽ‌ سان ڪڍيو ۔ اهي ڏينهن‌ ۽‌ راتيون حيدرآباد ۾ ڪرفيوز ۽‌ حق پرست اليون ۽‌ شاه لطيف اليون وچ ۾‌ خوني ميچن جون هيون۔ حيدرآباد شهر  جي بالڪنائزيشن يا ورهاڱي جا ڏينهن هئا۔ علي قاضِي ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪندو هو۔ هو خبر لکڻ‌، فٽ‌ پٽِي ۽‌ ڪينچي سان هيڊنگز، فوٽُو  ماپڻ‌ ۽‌ ڪٽڻ کانوٺِي پيسٽر سومري صاحب سان بيهي پيسٽنگ ڪرڻ‌ تائين سڀ ڪم ڪري ويندو هو۔ هڪڙي پيار ۾‌ ٻه چار مجبوريون هڪڙي اخبار ۾‌ هزار مجبوريون۔ هو اهڙِين مجبورين تي  چوندو هو ”ٻڌل آهيون!“۔ هن نيوزروم جي اندر مزدور بڻجي ڪم ڪيو۔ هن اخبار ۾‌ ايوب قاضِي تازو آمريڪا مان موٽيو هو ۽‌ هميشه آفيس ۾‌ بندوق کڻِي هلندو هو۔ هن جو خيال هو ته قلم کي اڃان بندوق جي ضرورت آ ۔ بهرحال هڪڙي اهڙي صبح‌ سوير قائد عوام جا هٿياربند جيالا جيالي پٺاڻ‌ جي اڳواڻِي ۾ پهتا ۽‌ علي قاضِي ۽‌ اسلم خواجي کي پاڻ سان زوري کڻِي سرڪٽ‌ هائوس ۾‌ چيف منسٽر جي خاص صلاحڪار غوث‌ علي شاه آڏو وڃِي پيش‌ ڪيائون جو خادم وطن صلاحڪار جي پريس ريليز کي ردي جي ٽوڪري حوالي جو ڪيو هو۔ بينظير جي ٻئي دور ۾‌ پو شڪارپور جي انهي جيالي جنهن جو ذڪر بينظِير پنهنجي آتم ڪهاڻِي ۾‌ پڻ‌ ڪيو آهي هڪ پريس ڪانفرنس گهرائي پريس جي سامهون پاڻ ‌کي پستول سان شُوٽ‌ ڪري بيروزگاري سبب آپگهات ڪيو۔

هڪڙو پورو نسل آ‌ حيدرآباد جي سنڌين جو جيڪي ڪرفيو  جي راتين ۽ ڏينهن ۾‌ بارود جي بوءِ‌ ۽‌ ٽاڪ منجهند جو هاڪر جي هوڪي “خادم وطن!”‌ ۾‌ وڏو ٿيو آ‌۔ ٻار گهٽِين ۾ ‌رانديون ڪندي ان هوڪي جو نقل ڪندا ها “خادم وطن اخبار!‌”

“مشکلیں حل کرنا کام ہے میرا۔

بارش  برسانا کام ہے میرا۔ نہیں ہیں۔ پھر کلیاں جو مرجھائیں وہ کیا ہے؟  دھان میں بالیاں نہیں آئیں وہ کیا ہے؟ مزدور بیٹھے کھالے ہیں دھندے میں گھوٹالے ہیں۔اور فائدے میں گھاٹا ہونیوالے ہیں وہ کیا ہے؟ ہو ہوہو۔۔۔ لگتا ہے گھنگھور لڑائی ہو گئی ہے۔ کیا پلان ہے تمہارے پاس کلیاں جو مرجھائیں ان کیلے؟ “

نه سنڌ قديم  ايٿنز آهي نه علي قاضِي هن دور جو سقراط۔ پر هن جي هٿ ۾ هڪڙو پيالو ضرور آهي۔ هو خوابن جي مڌوشالا ۾‌ رهندڙ‌ ماڻهو آهي ۽‌ هڪ دور جا خواب پرست سنڌي ڪنگلا پر ذهين نوجوان هن جي سگهه آهن ۔پڪ ناهيم ته سياست هن جي چانهه جي پيالي آهي يا نه  پر هن جي رت ۾ مهنجي دوست  اويس توحِيد وانگر نيوزپيپرنگ ضرور آهي۔ هن ان عشق جي جنون ۾‌ جارج اٺين وانگر هڪڙي اخباري سلطنت تان هٿ کنيو آ۔ ووٽ‌ ڏين نه ڏين پر هو هڪڙِي قوم کي هڪ ٽنگ تي نچائڻ‌ ۾ ‌ڪامياب ضرور ويو آهي۔ هن ٿر جي ڀٽ تي ويٺل  ماڻهو کي به سمجهايو ته ڪي سگهارا ادارا به ٿيندا آهن۔جي مان هتي هجان ها هن کي ووٽ ضرور ‌ڏيان ها۔ پر مون وٽ‌ هڪڙي ماڻهو تي مشتمل قوم وڏي ڳالهه هوندي آهي جي ماڻهو وٽ‌ سچا خواب هجن۔ خالصتاني دهشتگردن هٿان مارجي ويل پنجابي شاعر پاش‌ چيو هو ته ”سڀ کان خطرناڪ ڳالهه خوابن جو مري وڃڻ‌ هوندو آهي!“

ته بس دوستو خواب مرڻ‌ نه ڏينداسين۔ خواب مرڻ‌ نه گهرجن۔ ۽‌ پنهجي اخبار واسطي  گُڊ ‌لڪ علي قاضِي ۽‌ سٿ! سنڌ مان ڀوتار ڪلچر ‌ضرور ختم ٿيندو پر پهرين سنڌي ميڊيا مان۔ جي مان هن جي هنڌ هجان ها ته‌ ”پنهنجي اخبار“ ۾‌ نه ذوالفقار علي ڀٽو شهيد، نه بينظِير ڀٽو شهيد، محترمه، شهيد راڻي، نه جي ايم سيد سائين جي ايم سيد، نه بشِير قريشِي بشِير خان، پير پاڳارو پير سائين پاڳارو، نه سورهيه بادشاه، نه مرتضيٰ ڀٽو شهيد، نه ممتاز ڀٽو سردار ممتاز ڀٽو لکيو وڃِي ها۔ نه وري نيوز روم ۽‌ اخبار ۾ علي قاضي علي صاحب سڏرايان ۽ پڪاريان ها!

اچو ته ٿورو نه، گهڻو رومانوي ٿيون!

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of