
تازو ئي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نيول اڪيڊمي ۾ اهم خطاب ڪيو، جنهن ۾ هن دهشتگردي ۽ ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان ڳالهايو، سندس هڪ جملو اهم هو ته ”اسين هائبرڊ جنگ جي وڌندڙ خطرن جو شڪار آهيون!“ هائبرڊ جنگ وارو اصطلاح ان کان اڳ شايد ڪنهن آرمي سربراهه پاران گهٽ ۾ گهٽ مون ڪونه ٻڌو آهي. هائبرڊ جنگ دراصل روايتي ويڙهه جي طريقن سان گڏ غير روايتي طريقن کي چئجي ٿو، جنهن ۾ سفارتڪاري، فيڪ نيوز، سائبر وار، دشمن ملڪ جي اليڪشني عمل ۾ داخلت سميت ان کي غير مستحڪم ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٻيا ڪيترن ئي طريقن جي استعمال کي چيو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته انهن غير روايتي طريقن ۾ روايتي هٿيارن جو استعمال نه ٿيندو آهي يا بنهه محدود هوندو آهي. آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ انهن غير روايتي طريقن جي خطرن کان آگاهه ڪيو جنهن جو هڪ اهم مورچو سائبر اسپيس به آهي. توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه عرصو اڳ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پڻ پنهنجي هڪ پريس بريفنگ ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته ملڪ ۾ فوج سميت ٻين ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ سميت غلط خبرون ڦهلائي عوام کي گمراهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي سلامتي جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ انهي پريس بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر سوشل ميڊيا تي ٺهيل اهي اڪائونٽس پڻ ڏيکاريا. ان کانپوءِ پاڻ کي جيڪي ڪجهه نظر آيو تنهن ۾ اظهار جي آزادي تي هڪ اڻ اعلانيل قسم جي بندش، ميڊيا جي مٿان وڌيڪ سختيون ۽ چيڪ ڏسڻ ۾ آيا.
هي نئون دور آهي ۽ ٽيڪنالاجي پنهنجو دائرو ۽ اثر ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو هاڻي روايتي جنگيون جهڙوڪر ماضيءَ ۾ دفن ٿي رهجي ويون آهن. هاڻي جيڪي جنگيون وڙهيون وڃن پيون سي انتهائي غير روايتي انداز سان وڙهجن ٿيون. ان تي مونکي ڪجهه سال اڳ ٿيل اهو واقعو ياد اچي ويو جڏهن ايران جي ستن هيڪرز پاران منظم نموني امريڪا جي درجن کان وڌيڪ بينڪن تي سائبر حملو ڪري لکين ڊالرز جو نقصان پهچايو. امريڪا پاران الزام لڳايو ويو ته جن ستن ڄڻن پاران سائبر حملو ڪيو ويو تن کي ايراني حڪومت جي پٺڀرائي حاصل آهي، بعد ۾ ايران پاران پڻ اهو الزام لڳايو ويو هو ته امريڪا سندن ايٽمي توانائي وارن ري ايڪٽرز تي سائبر حملو ڪيو آهي. سو چوڻ جو مقصد اهو ته اها جنگ جيڪا اڳ هٿيارن ذريعي وڙهي ويندي هئي سا هاڻي ٽيڪنالاجي وسيلي وڌيڪ وڙهي پئي وڃي ۽ ان جا نتيجا به اثر انگيز آهن.
آرمي چيف جي بيان ۾ اها ڳالهه به اهم هئي ته دهشتگردي کانپوءِ اسان کي رجعت پسندي جو خطرو آهي ، نوان خطرا پنهنجن ماڻهن جي شڪل ۾ سامهون اچي رهيا آهن. مونکي خبر ناهي ته سندس اشارو ڪن مخصوص ڌرين ڏانهن هو يا نه پر اها ڳالهه هاڻي ڪنهن کان لڪيل ناهي ته هن ملڪ ۾ اهي ”پنهنجا ماڻهو“ ڪير تيار ڪندو رهيو آهي ۽ انهن کي مختلف مقصدن لاءِ ڪير ۽ ڪيئن استعمال ڪندو رهيو آهي؟ رجعت پسندي توڙي انتهاپسندي جي رجحانن جي حوالي سان اڳ به ڪيترو ئي بحث ٿي چڪو آهي، مختلف فورمس تي اهي ڳالهيون بار بار اچي چڪيون آهن ته نيشنل ايڪشن پلان جي نقطن تي مڪمل طور تي ڇونه عمل ٿي سگهيو، مختلف ڌرين پاران پنهنجي گروهي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب جي آڙ ۾ جيڪا اشتعال انگيزي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪي نفرت انگيز تقريرون ٿي رهيون آهن ۽ اقليتون هن ملڪ ۾ پاڻ کي انتهائي غير محفوظ تصور ڪري رهيون آهن ته ان وڌندڙ رجعت پسندي واري ٻوڏ اڳيان حقيقي معنيٰ ۾ بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڇونه ڪئي پئي وڃي؟ اقليتن جي مذهبي عبادتگاهن تي حملن کان ويندي سندن جان ۽ مال تي حملا هن ملڪ ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهن رهيا پر جڏهن رياست پنهنجي رٽ جي نفاذ جي حوالي سان ٻڏتر جو شڪار هجي ته اها ڪيفيت پوري ملڪ ۾ هڪ اهڙي غير يقيني واري ماحول کي جنم ڏيندي آهي جنهن ۾ ڪنهن به مخالف قوت کي هڪ سازگار ماحول ميسر ايندو آهي ته اها ان جو فائدو وٺي.
رياست پنهنجي بيانئي جي حوالي سان واضع هوندي آهي، اهو طئي ڪرڻ ته هن ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻو آهي، هن ملڪ جا بنياد ڪهڙن اصولن تي هجڻ گهرجن، اهو رياست ئي طئي ڪندي آهي ۽ ان کي انهي پاليسي تي عملدرآمد جو به مڪمل اختيار هوندو آهي، پر هتي پاڻ کي 70 سالن کانپوءِ به سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن ملڪ جو بيانيو آخر آهي ڇا؟ ڪڏهن مذهبي، ڪڏهن لبرل، ڪڏهن ڇا ته ڪڏهن ڇا؟ اسان وٽ مارشلائي دورن ۾ هٿ وٺي جيڪا سوچ پيدا ڪئي وئي تنهن آخر ۾ اهي مهانڊا ڪڍيا ته انهن پنهنجي نفرت ۽ ڪروڌ کي پنهنجن ئي ماڻهن خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. دهشتگردي جا جيڪا هنيانءَ ڏاريندڙ واقعا هن ملڪ ۾ پيش آيا سي شايد ئي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ ٿيا هجن جيڪي اندروني گهرو ويڙهه جو شڪار رهيا آهن، پشاور اسڪول جو سانحو انهن واقعن مان هڪ اهڙو سنگين واقعو هو جنهن نه رڳو هن ملڪ کي سڪتي جو شڪار بڻائي ڇڏيو پر عالمي دنيا پڻ هن واقعي تي صدمي جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهي ته اهو سڀ ڇو ٿيو، ان جي پويان سبب ڪهڙا هئا ۽ انهن سببن جو خاتمو ڪيئن ڪجي؟ ان حوالي سان رياست کي هڪ واضع پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي ها ته هاڻي هن ملڪ ۾ نفرت، پروپيگنڊا ۽ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، پر افسوس جو ايئن ٿيندي نظر نه آيو. گهڻو پري ڇو وڃون اوچتو هڪ انتهائي غير معروف مذهبي جماعت جهڙي نموني اڀري اچي پنهنجي ڌرڻن جي وسيلي ملڪ کي مفلوج ڪري ڇڏيو ، عام ماڻهن کي زندگي عذاب بڻائي حڪومتي رٽ جو سڄي دنيا ۾ تماشو بڻائي ڇڏيو ته اهي به ”پنهنجا ماڻهو“ ئي هئا جن کي بعد ۾ هڪ هڪ هزار خرچي ڏيئي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو. اهي ئي ماڻهو اوچتو ايتري عوامي مقبوليت حاصل ڪري حاصل ڪري ويا جو انهن وڏي انگ ۾ ووٽ به کنيا ته سيٽون به کٽيون. انهي جماعت جي اڳواڻن پاران ڪيل اشتعال انگيز، چڙ ڏياريندڙ تقريرون سوشل ميڊيا تي عام جام موجود آهن پر مجال آهي جو انهن مان ڪو ماڻهو ايئن لاپته ٿيو هجي جيئن سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو اوچتو ئي اوچتو لاپته ٿي ويندا آهن ۽ اها خبر ئي نه پوندي آهي ته آخر هنن اهڙو ڪيو ڇا هو، چيو ڇا هو جنهن تي هو ايئن گم ڪيا ويا ڄڻ هنن جو وجود ئي نه هجي؟
سو ايئن نه هوندو آهي ته جيڪي ڪجهه اسان سان ٿي رهيو هجي اهو سمورو ٻين جي حرفت ۽ چالاڪي جو نتيجو هجي، ان ۾ پنهنجون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون به هونديون آهن ته ڪوتاهه انديشي به، پنهنجا ڪيل غلط فيصلا ۽ پاليسيون به هونديون آهن جن جا نتيجا جيڪڏهن فوري طور نه پر ايندڙ ڏينهن ۾ ضرور ڀوڳڻا پوندا آهن. ماضيءَ ۾ ڪيل غلط فيصلن جا نتيجا هي ملڪ اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي، هن ملڪ جون فيصلا ساز قوتون جيڪڏهن چاهين ها ته نه رڳو هي ملڪ هڪ ترقي يافته ملڪ هجي ها پر عالمي برادري ۾ به هن جي ساک هجي ها. اڄ اسان کي نه دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ جا طعنا ملي رهيا هجن ها نه ئي اسان کي ٻين ملڪن وٽ قرض کڻن لاءِ هٿ ٽنگڻو پوي ها، نه ئي هي ملڪ مختلف قسمن جي مافيائن جو ڳڙهه هجي ها. ڇا هي وقت ناهي ته رياست پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ واضع ۽ چٽو موقف رکي ته هن وقت ملڪ کي ضرورت ڪهڙي رخ ۾ وٺي وڃڻ جي آهي، هي جيڪي مدرسن جو نصاب بدلائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان جو عملي نمونو پاڻ کي ڪڏهن نظر ايندو؟ نفرت انگيز مواد جي ڇپائي توڙي ترسيل جي حوالي سان ڪا جامع قانونسازي ڪڏهن ڪئي ويندي؟ ٿلهي ليکي نيشنل ايڪشن پلان تي جنهن ڏينهن ان جي روح موجب عمل ڪيو ويو، جنهن وقت هن ملڪ جي ناراض ماڻهن کي ايئن ٻڌو ويو جيئن ”پنهنجن ماڻهن“ جا لاڏ کنيا ويندا آهن ته ڪنهن کي به اهو چوڻ جي نوبت نه ايندي ته ڪو هن ملڪ کي سيڪيورٽي جي حوالي سان خطرا آهن.