fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

هٿن مان ترڪجندڙ ڪراچي جو امن!

ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ علي رضا عابدي جي نامعلومن هٿان قتل بعد صوبي جي گادي واري شهر ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.هي واقعو ان ڪري به ڳڻتي جوڳو آهي جو ڇهن هفتن ۾ هي ڇهون واقعو آهي، ڄڻ هر هفتي دهشتگردي جو هڪ واقعو ٿي رهيو آهي.چيني قونصليٽ جنرل تي حملو، ايم ڪيو ايم جي محفل ميلاد ۾ ڌماڪو، پي ايس پي جي 2 ڪارڪنن جو قتل، ڊفينس ۾ ڪار تي حملو توڙي قائدآباد ۾ ٿيل واقعا هونئن کڻي نوعيت ۾ مختلف هجن، جيئن ته قائد آباد ۽ چيني قونصليٽ ۾ ٿيل واقعن کي بلوچ عسڪريت پسندن سان ڳنڍيو پيووڃي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم يا ان جي ڪک مان جنم وٺندڙ تنظيم جي ڪارڪنن يا ان جي هڪ اڳواڻ تي حملو مختلف هوندو.ڪوششن ۽ آپريشن بعد دهشتگردي جي وڏن واقعن جو انت، اسٽريٽ ڪرائمز سميت ٻين ڏوهن ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي ويئي هئي، ماڻهن سک جو ساهه کنيو هو، روشنين جي هن شهر جون روشنيون ۽ رونقون هڪ دفعو وري بحال ٿي رهيون هيون تڏهن ڇهن هفتن ۾ ٿيل ڇهن واقعن مان لڳي ٿو ته ڪراچي جو ا من هٿن مان ترڪي رهيو آهي.
مقتول اڳواڻ علي رضا عابدي جي قتل جي پويان سببن بابت مختلف حلقن وٽان ڌار ڌار تشريحون ڏنيون پيون وڃن، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو خالد مقبول صديقي چوي ٿو ته اهو ڪراچي جي امن کي سبوتاج ڪرڻ جي سازش آهي، قتل جي واقعي جي اعليٰ سطح تي جاچ ڪرائي وڃي. فاروق ستار چوي ٿو ته عابدي کي لڳاتار ڌمڪيون ملي رهيون هيون، ان سان گڏوگڏ ميڊيا ۾ اهو تاثر جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هو ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پيپلزپارٽي جو اڳواڻ سعيد غني چوي ٿوته هو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارو هو. علي رضا عابدي جو قتل ڪراچي جي جهيڙي ۾ آيل سياست سان لاڳاپيل هجي يا ڪو ٻيو ڪارڻ هجي، پر ان واقعي سان امن لاءِ خطري ڪر کنيو آهي، ڊپ آهي ته ڪيڏي به مهل ڪو واقعو ٿي سگهي ٿو.
سنڌ جي وڏي وزير جا اربع ڏهاڙي تي ڪوٺايل امن امان واري اجلاس کي خطاب ۾ چيل لفظ اهم آهن، هو چوي ٿو ته دهشتگرد گڏ آهن، اسان چپ آهيون. واقعي جي مذمت ڪندي ۽ ان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن اهو به چيو ته امن و امان لاءِ واسطيدار ادارن کي خودمختياري ڏني وئي آهي پر پوءِ به سٺا نتيجا نٿا نڪرن، اهي جملا به گهڻو ڪجهه ٻڌائن ٿا پر سنڌ سرڪار پاڻ کي ان ذميواري کان آجو نٿي ڪري سگهي.
گادي واري شهر ۾ دهشتگردي جي آيل نئين لهر ڪٿي پراڻين لهرن جي واپسي ته ناهي؟ ڇا ڪاڻ جو اها دعويٰ ڪئي پئي وئي ته دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي. موجوده صورتحال حڪومت توڙي ذميوار سمورن قانون لاڳو ڪندڙن لاءِ چئلينج آهي. سنڌ سرڪار توڙي واسطيدار ادارن کي نه رڳو ماڻهن جي دلين تي ڇانيل ڊپ کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن پر ان سان گڏوگڏ جوابدارن جي گرفتاري ۽ قتل جي پويان اصل سببن کي پڻ وائکو ڪرڻ گهرجي. ايئن نه ٿئي جو ڳالهه ڊگهي بحر ۾ هلي وڃي جيئن عام طور تي سياسي قتل جي واقعن ۾ ٿيندو رهيو آهي..

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of