
وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپور، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ. اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر مڪيش چاولا، اڳوڻي گھرو وزير سهيل انور سيال، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امتياز شيخ سوڌو 172 ڄڻن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اِي سي ايل) ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن. جعلي اڪاوئنٽن واري مامري جي جانچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ڏنل 172 نالن مان اڪثر ماڻهن جو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان يا انهي جي پارٽي سان سڌي يا اڻ سڌي طرح تعلق آهي. ان کانسواءِ سنڌ جا ڪجھ ڪامورا به اِي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ملڪ رياض ۽ هڪ اڌ ماڻهن کي ڇڏي باقي اِي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 ڄڻن مان اڪثر ماڻهن جو تعلق سنڌ سان آهي. اهي هاڻ ملڪ کان ٻاهر سفر نه ڪري سگھندا. وفاقي حڪومت اها لسٽ ملڪ جي سمورن ايئرپورٽن تي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته نالا شامل ٿيڻ کان پهريان انهن سڀني ماڻهن مان اگر ڪو پهريان ئي ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته ان کي خوشنصيبي چئي سگجي ٿو ۽ جيڪي اِي سي ايل ۾ شامل ماڻهن مان ملڪ اندر آهن اهي اِي سي ايل ۾ نالو شامل هجڻ تائين ملڪ کان ٻاهر وڃي نه سگھندا. خميس ڏينهن وفاقي ڪابينا ۾ جعلي اڪائونٽن بابت جانچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ بابت جڏهن اهو فيصلو ڪيو پئي ويو ته ان وقت ڳڙهي خدا بخش ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريب هلندڙ هئي. جڏهن وفاقي ڪابينا جي ان فيصلي جو سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪري اعلان ڪيو هو، ان وقت تائين پيپلز پارٽي جي مک قيادت اڃا خطاب نه ڪيو هو. جڏهن ورسي تقريب کي خطاب ڪرڻ لاءِ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسٽيج تي آيو ته کيس ان اعلان جو پتو پئجي چڪو هو. هن حڪومت جي ان اعلان کي پنهنجي لاءِ للڪار سان ڀيٽيو. ان کانپوءِ حڪومت جي ان فيصلي جا اثر بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير مان به جھلڪي رهيا هئا. ائين لڳي رهيو هو ته محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تقريب نه پر جي آءِ ٽي رپورٽ تي ردعمل ظاهر ڪرڻ لاءِ تقريب ٿي رهي آهي. جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ جيئن مامرا سامهون آندا ويا آهن انهن کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته نه رڳو آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ انهن جي ويجھن ساٿين پر بلاول ڀٽو زرداري لاءِ به سياسي زندگي ۾ ڏکيو وقت آهي جنهن کي کيس به منهن ڏيڻو پوندو ۽ انهن الزامن جو قانوني ويڙھ سان گڏ سياسي انداز سان به جواب ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري لاءِ مشڪل اها آهي ته جڏهن ان تي پنهنجي سياسي زندگي ۾ پهريون ڀيرو سخت وقت آيو آهي تڏهن سندس پارٽي سڪڙجي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي چڪي هئي. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ماضي جي سڀ کان وڏي جماعت تصور ٿيندڙ پيپلز پارٽي وٽ اسٽريٽ پاور واري پراڻي سگھ نه رهي آهي. گذريل ڏهن سالن کان صوبي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هجڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو جنهن ڪارڪردگي ۽ موٽ جي توقع ڪري رهيا هئا، پر پيپلز پارٽي ان تي مڪمل طور تي پورو نه لهي سگھي آهي. پر ان باوجود سنڌ جي ماڻهن 2018 جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو. ان ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف ڪارواين تي سنڌ ۾ ردعمل اچڻ جو امڪان آهي. حالتون ڳنڀير ٿي رهيون آهن، سياسي گرمي پد جون جي گرمي وانگر محسوس ٿي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت سميت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جو نالو پي ٽي آءِ حڪومت پاران اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت سنڌ جي وڏي وزير کان فوري طور تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. مطلب ته پي ٽي آءِ پاران اخلاقي بنيادن تي باضابطه طور تي مراد علي شاھ جي حڪومت جي خاتمي جو دٻاءُ وجھڻ وارو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. اگر مراد علي شاھ استعيفيٰ نه ڏيندو ته مسلسل سندس نالو اي سي ايل ۾ هجڻ کي بنياد بڻائي پي ٽي آءِ سنڌ حڪومت مٿان تنقيد جا تير هلائيندي رهندي ۽ ائين سنڌ حڪومت مٿان دٻاءُ وڌندو ويندو. سنڌ جو وڏو وزير پاڻ يا پارٽي جي هدايت تي ٽڪراءُ واري حڪمت عملي اختيار ڪري ٿو ته پوءِ معاملو ڳنڀير ٿيڻ سان گڏ Do or Die واري صورتحال اختيار ڪري سگھي ٿو. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ سان سنڌ اندر گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ يا پيپلز پارٽي ۾ ڪو فارورڊ بلاڪ قائم ڪرڻ طرف معاملو وڃي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ ڪنهن به صوبي ۾ هاڻ آئيني طور تي لامحدود وقت تائين گورنر راڄ لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي پر آئين ۾ ڏنل مختصر وقت تائين سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ موجوده حڪومت لاءِ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي، صرف گورنر کي اهو لکڻو آهي ته سنڌ ۾ حالتون ڪنٽرول جوڳيون نه آهن. ان جي ريفرنس طور علي رضا عابدي جي قتل واري واقعي، ڏکڻ آفريڪا جي گينگز جي سرگرم هجڻ سوڌو ٻيا عذر پيش ڪري سگھجن ٿا ۽ گورنر راڄ جي مدت دوران پيپلز پارٽي اندر ٽوڙ ڦوڙ جو ڪم به ڪري سگهجي ٿو. پر ان طرف حالتون وينديون يا نه، ان حوالي سان 31 ڊسمبر تائين معاملو واضح ٿي ويندو ڇو ته اسلام آباد جي سياسي حلقن ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته 31 تاريخ تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري گرفتار ٿي سگھي ٿو. اسلام آباد ۾ اڳوڻي پنجاب جي گورنر لطيف کوسه جي مبينه ليڪ ٿيل فون ڪال جو به حوالو ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ کيس اهو چوندي ٻڌي سگھجي ٿو ته سڀ ڪجھ دستاويزن سان واضح ڪيو ويو آهي، لڳي ٿو ته آصف علي زرداري گرفتار ٿي ويندو. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي ان فون ڪال کي جعلي قرار ڏيندي ان جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته گذريل حاضري وقت به اهو چيو پئي ويو ته آصف زرداري گرفتار ٿي ويندو پر ائين نه ٿيو ۽ ايندڙ حاضري به گذري ويندي. جي آءِ ٽي جي رپورٽ کانپوءِ اسلام آباد جي حلقن ۾ اهو به بحث هلي رهيو آهي ته حڪومت پاران اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ کانپوءِ حڪمران پارٽي طرفان سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪمران جماعت سنڌ ۾ جيئن مامرا هلن پيا تيئن نه ٿي هلائڻ گھري. کين معلوم آهي ته صوبي جي نئين سربراھ جي چونڊ ڪرڻ پيپلز پارٽي لاءِ آسان عمل نه هوندو ۽ اهو مامرو پيپلز پارٽي ۾ نئين ڌڙابندي ۽ اختلافن جو سبب به ٿي سگھي ٿو. ملڪي سياسي صورتحال کي ڏٺو وڃي ته اها به چوڻي ذهن تي تري اچي ٿي ته جيڪو پوکيندو اهو ئي لڻندو. پيپلز پارٽي سان به اهڙي صورتحال آهي ڇاڪاڻ ته جنهن وقت نواز شريف تي ڏکيو وقت هو ته پيپلز پارٽي ن ليگ جو ساٿ نه ڏنو ۽ هن وقت جڏهن پيپلز پارٽي جو گھيرو تنگ ٿي رهيو آهي تڏهن ن ليگ جا اڪثر اڳواڻ اهو چئي رهيا آهن ته جيڪا کين پيپلز پارٽي موٽ ڏني هئي اسان وٽان به کين ساڳي موٽ ملندي. اگر اپوزيشن کي ائين ڇڙوڇڙ رکڻ ۾ حڪومت ڪامياب ٿئي ٿي ته پوءِ مخالف ڌر پاران ڪا گڏيل تحريڪ هلڻ جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي ۽ اگر مخالف ڌر گڏجي وئي ته اڳ ئي اقتصادي بحران ۾ ڦاٿل پي ٽي آءِ جي حڪومت سياسي بحران ۾ به ڦاسي پوندي ۽ اها صورتحال ان لاءِ ڪنهن اڻ ڏٺي آفت وانگر هاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿي.