fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڇا آصف زرداريءَ کي پڪ ٿي وئي آهي ته وچين مدي واريون چونڊون ٿيڻ وڃن پيون؟

علي قاضي

 

ڪجهه ڏينهن اڳ ٽنڊو الهيار ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري مذاق واري موڊ ۾ ئي پر اهو به چيو ته، ”کيس اشارو مليو آهي ته مڊٽرم چونڊون ٿيڻ واريون آهن!“ پر باخبر تجزيا نگارن جِي دعويٰ آهي ته اوچتو ڄامشورو ۽ ٽنڊو الهيار ۾ بنا ڪنهن سياسي موسم ۽ موقعي تي  زرداري صاحب  پاران ڪيل جلسن جو سبب مڊٽرم چونڊن جو ڪو اشارو نه پر پنهنجي خلاف ڪارروائي جي زرداري صاحب کي آيل ڌپ آهي. آصف زرداري جنهن کي سندس نقاد به اقتداري سياست ۾ صحيح ٽائيم تي صحيح ڌڪ هڻڻ جو ماهر قرار ڏين ٿا پر سڀني کي 2015ع ۾ آصف زرداري جي ان مهل ڏنل بيان تي حيرت ٿي هئي جڏهن هن اسٽيبلشمينٽ سان سڌي ٽڪراءُ ۾ ايندي ”اينٽ سي اينٽ بجادون گا“ وارو بيان ڏيندي اهو به چيو هو ته ”توهان ته ٽن سالن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندؤ“  ان مهل جنرل راحيل شريف ملڪ ۾ آرمي چيف هيو ۽ اهڙي بيان کانپوءِ زرداري صاحب کي پاڻمرادو جلاوطن ٿيڻو پئجي ويو هيو. هاڻ تازو وري جڏهن زرداري صاحب ڄامشورو ۾ ٽن سالن ۾ رٽائر ٿيڻ واري ڳالهه ڪئي آهي ته سياسي مبصر سندس ٽائمنگ تي  حيران آهن. ڇاڪاڻ ته (1) هن مهل هو پاڻ ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر صاحبه عبوري ضمانت تي آهن(2) سندن خلاف جي آءِ ٽي تيزي سان جاچ ڪري رهي آهي(3)  وفاقي حڪومت به نواز شريف بدران عمران خان جي آهي، جنهن جا خيالات زرداري صاحب لاءِ لڪيل ڪونهن (4) امريڪا، افغانستان جي مسئلن جي حل لاءِ اسانجي اسٽيبلشمينٽ جي مدد لاءِ واجهائي رهيو آهي(5) نواز شريف مان في الحال ڪا مدد ملڻ جي اميد بنهه گهٽ آهي جو هو پاڻ ڏچي ۾ آهي، غرض ته ڪنهن به پاسي کان نظر نٿو اچي ته زرداري صاحب کي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ جي صورت ۾ ڪا مدد ملندي، پوءِ آخر زرداري صاحب پاران ٽڪراءُ ۾ اچڻ لاءِ هاڻوڪي وقت جي چونڊ جي پويان منطق ڇا آهي؟

20 گريڊ مان رٽائر ٿيندڙ هڪ ڪاموري جنهن زرداري صاحب جي حڪومتي ٽيم ۾ ڪم به ڪيو آهي جو چوڻ هيو ته “زرداري صاحب ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ 2018ع جي چونڊن کان اڳ جيڪا ”وقتي هم آهنگي“ ٿي هئي، اها مختلف سببن جي ڪري جٽادار نه پئي ثابت ٿئي ۽ زرداري صاحب ڪنهن به ريت پنهنجو سياسي ڪردار ڇڏي ڏيڻ يا بنهه گهٽائڻ جي لاءِ تيار ناهي،“ هن اڳوڻي ڪاموري جو چوڻ هيو ته ”آصف زرداري پنهنجي سڄي سياسي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به اهو دل يا دماغ سان ناهي قبوليو ته مٿس جيڪي ڪرپشن يا ٻين معاملن جا الزام آهن، اهي مٿس ماڻهن يا حال ۾ ايندڙ ڏکيائين جا ڪارڻ آهن بلڪه سندس خيال آهي ته اهي سڀ معاملا پاور گيم سان جڙيل آهن ۽ اقتداري راند ڪرپشن وغيره ٻئي کي هيسائڻ ۽ دٻائڻ لاءِ مڙئي اشوز هجن ٿا ۽ اصل معاملا پس پرده هجن ٿا!!“

مٿي ڄاڻايل ڪاموري جو تجزيو پنهنجي جڳهه تي پر هيءَ 1980 يا 1990ع جو دور ناهي، بلڪه بدلجندڙ دنيا جا اثر اسانجي ملڪ جي سياست تي به پئجي رهيا آهن جنهن ۾ هڪ وڏو فيڪٽر راءِ عامه جو به آهي، جيڪو سياسي پارٽين، اسٽيبلشمينٽ توڙي ٻين ڌرين لاءِ هڪ وڏو چيلينج آهي، گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ راءِ عامه جي فيڪٽر اسانجي اقتداري راند جي رانديگرن لاءِ ڪيترائي ڏچا ۽ مسئلا پيدا ڪيا آهن پر پاڻ انهن جي تفصيل ۾ وڃڻ بدران رڳو صرف گذريل ٻن سالن ۾ جڙيل پنجاب ۾ ان پبلڪ اوپينيئن(راءِ عاما) کي ڏسون ته جيڪا پنجاب ۾ هر خاص و عام ماڻهو جي چپن تي هئي ته  ”ڇا ڪرپشن رڳو شريف خاندان ڪئي آهي، باقي پاڪستان ۾ سڀ جا سڀ ڪرپشن کان پاڪ آهن؟“  ان راءِ عامه کي نظر انداز ڪرڻ وارن سان منهنجو ماضي ۾ به اختلاف رهيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پنجاب جي سڀني کان مقبول سياسي قيادت ته ڪرپشن جي الزامن هيٺ سوگهي ٿئي پر ملڪ ۾ ٻين هنڌن تي هٿ هلڪو رکيو وڃي، پر ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن زرداري صاحب کي نئين سال جي شروعات ۾ پابند سلاسل ڪيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ پي پي حڪومت جو رد عمل ڇا هوندو ۽ زرداري صاحب، پنهنجي گرفتاري جي صورت ۾ پنهنجي حڪومت کي ڪهڙي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ چوندو؟ جيڪڏهن پي پي صرف بطور هڪ سياسي پارٽي جي ٿورن گهڻن جلسن، جلوسن يا بک هڙتالن تي زور ڏنو ته چئبو ته خير آهي پر جيڪڏهن پي پي جي سنڌ حڪومت به جارحاڻو رويو اختيار ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪئي ته پوءِ اهڙي عمل کي اسانجي ملڪ ۾ ادارن جي ٽڪراءُ سان تعبير ڪيو ويندو آهي جيڪو رياستي ادارن لاءِ ڪنهن به ريت قابل قبول نٿو هجي.

جيتوڻيڪ آصف زرداري جي گرفتار ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو معاملو عدالتي فيصلن تي منحصر هوندو پر پي پي ان سڄي عمل کي وفاقي حڪومت جي ڳچيءَ ۾ وجهندي ان کي سياسي انتقام جو نالو ڏيندي، تنهنڪري رد عمل به عمران خان جي حڪومت جي خلاف ئي هوندو پر پي پي، نواز ليگ جيان صرف ڪا اپوزيشن جي پارٽي ناهي بلڪه هڪ صوبي جي حڪمران جماعت آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت خلاف ٽڪراءُ ۾ آئي ته ان جو منطقي انجام آئيني بحران جي صورت ۾ ئي نڪرندو.

ڪجهه سياسي مبصرن جو خيال آهي ته پي پي قيادت ڪنهن سڌي ٽڪراءُ کان پاسو ڪندي ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳڻ يا سنڌ اسيمبلي ۾ پي پي جي ميمبرن جو فارورڊ بلاڪ ٺهڻ وارن آپشنز تي ڪم شروع ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ جهوني سياستدان چواڻي آصف زرداري پنهنجن امڪاني ڏکين ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت جهڙو موثر ادارو وڃائڻ نه چاهيندو بلڪه سندس حڪمت عملي اها هوندي ته سنڌ حڪومت جي فورم تان هو پنهنجي رليف لاءِ صرف ايترو پريشر وجهي جيڪو ٽڪراءُ جي ذمري ۾ نه اچي، جيئن هن ماضي ۾ رينجرز جي ڪارروائين بعد سنڌ ۾ ٿيل بحران دوران به ڪيو هيو پر سنڌ حڪومت ماضي ۾ به”ريڊ لائين“ ڪراس نه ڪئي هئي ۽ هينئر به پي پي بطور سياسي پارٽي سياسي رد عمل ظاهر ڪندي پر سنڌ حڪومت حدون اورانگهي وفاق سان سڌو ٽڪراءُ ۾ نه ايندي.

جيتوڻيڪ آصف زرداري کي ايندڙ مهيني جي 7 تاريخ تائين ضمانت ملي وئي آهي پر مٿس ڪنهن ڪارروائي ٿيڻ واري تلوار اڃا لٽڪي پئي ۽ اسلام آباد جي هڪ صحافي چواڻي ته سومر جي ڏينهن نواز شريف بابت ايندڙ فيصلي کي زرداري صاحب سان ايندڙ ويجهي مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪارروائين کي الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي، سولي سنڌي ۾ پاڻ اهو چئي سگهون ٿا ته ايندڙ ڏينهن ملڪ جي معاشي بحران سان گڏوگڏ اقتداري سياست ۾ وڏي اٿل پٿل ٿيندي صاف نظر اچي پئي.

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of