fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي حڪومت نه پر سپريم ڪورٽ جوڙائي: شهزاد اڪبر

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي حڪومت نه سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙي وئي، جي آءِ ٽي ان ڪري ٺهي جيئن معاملي جي تهه تائين پهچي سگهجي، وزيراعظم جي صلاحڪار هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي سان تعلق هجڻ جو الزام هنيو پيو وڃي پر ان جو ثبوت به ڏنو وڃي، عدالتي حڪم تي جوڙيل جي آءِ ٽي ۾ حڪومت جي ڪا به مداخلت نه هئي، هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته عليمه خان سرڪاري عهدو ڪڏهن ناهي رکيو،جيڪڏهن اپوزيشن ان خلاف جي آءِ ٽي بڻائڻ چاهي ٿي ته عدالت وڃي،

اپوزيشن کي ماٺ رکڻ لاءِ گرفتاري لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي: بختاور ڀٽو زرداري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلي ليڊر آڻڻ لاءِ 2018 جي اليڪشن چورائي وئي، ضمني چونڊ ۾ پي ٽي آءِ سڀ ڪجهه وڃايو، سندن غيرقانوني ووٽ بينڪ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ڏجي، ضمني چونڊن ۾ شڪست باوجود تحريڪ انصاف پاڻ کي اڃا حڪمراني جو حقدار سمجهي ٿي، جنهن تي حيرت آهي، هن چيو ته حيران ۽ پريشان آهيان ته عليمه خان کان ڪمپنين ۽ ملڪيتن جي مني ٽريل ڇو نه پڇي وئي؟ هاڻي اپوزيشن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ گرفتاري جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

نوازشريف خلاف فيصلو مفروضن تي ٻڌل قرار، قانوني جنگ وڙھبي: احسن اقبال

سليڪٽيڊ وزيراعظم سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي، اپوزيشن کان انتقام ورتو پيو وڃي

پنڊي جو بدصورت نيب ترجمان آهي، حڪومت ڪرپشن جي حق ۾ آهي: راڻا ثناءُ الله/مشاهد الله

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) ميان نوازشريف خلاف عدالتي فيصلو مفروضن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو، قانون جنگ وڙهڻ جو اعلان، پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال، ن ليگ ترجمان مريم اونگزيب، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير ۽ مشاهد الله سيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوازشريف خلاف عدالت جو فيصلو مفروضن تي ٻڌل آهي، ان خلاف قانون جنگ وڙهي ويندي، سزا به عدالت ٻڌائي ۽ انصاف به اها ئي ڪندي، راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته عدالتن جو احترام آهي، نوازشريف 165 پيشيون ڀوڳي ان جو ثبوت ڏنو، هن چيو ته ڪنهن به عدالتي فيصلي خلاف ن ليگ احتجاج ناهي ڪندي، مهانگائي خلاف احتجاج ڪنداسين، هن چيو ته موجوده احتساب ن ليگ لاءِ نئون ناهي، ماضي ۾ به ان کي منهن ڏنو، پنڊي جي خوبصورت شهر ۾ هڪ بدصورت شخص رهندو آهي، پنڊي جو بدصورت شخص نيب جو ترجمان بڻيل آهي،ان موقعي تي مشاهد الله خان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت ڪرپشن خلاف نه ان جي حق ۾ آهي، بيشمار ثبوت موجود آهن، هي جيڪو موجوده فيصلو آهي، ان تي ڳالهه اسانجو قانون حق آهي، حڪومت جو هڪ تڪراري وزير هر روز عدليا يا نيب جو ترجمان بڻجي ڳالهائيندو آهي، اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جيڪڏهن اسان کي پاڪستان سان وفادار هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ته ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيون، احسن اقبال چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ملڪ ۾ سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي، حڪومت وينٽي ليٽر تي زنده آهي، اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، اسان ان خلاف قانوني جنگ وڙهنداسين،نوازشريف خلاف نيب ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، فيصلي ۾ شروع کان آخر تائين هڪ لفظ به نه هو ته ڪهڙي قسم جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، موجوده احتساب عمل ٻه رخو آهي، ليگي اڳواڻن کي جاچ دوران گرفتار ڪيو، جلد پارليامينٽ اندران ۽ ٻاهران خوشخبري ملندي، بنا فرق جي احتساب ٿيو ته اڌ ڪابينا اندر هوندي، ڇا عمران خان، جهانگير ترين، عليما خان جون آف شور ڪمپنيون ناهن؟، ملڪ ۾ مهانگو فرنس آئل آندو ويو، ڊالر مهانگائي جي انتها تي پهتو آهي، حڪومت چوي ٿي اسان کي اگهه بابت خبر ناهي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جو چوڻ هو ته احتساب جي نالي تي انتقام ورتو پيو وڃي، عليمه خان پاران ڏنڊن ڀرڻ مان ثابت ٿي ويو ته هن ڏوهه قبول ڪيو آهي پر ان جو احتساب نه پيو ٿئي، مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته عمران خان هٽلر جو مثال ڏئي پاڻ کي به هٽلر ثابت ڪيو.

دنيا جو وڏو مني لانڊرنگ نيٽ ورڪ نواز-زرداري خاندانن گڏجي هلايو: فواد چوڌري

سڀ ڄاڻن ٿا تھ ن ليگ جي ضياءُ انجنيئرنگ ڪئي،احسن اقبال تي گهڻو اعتماد هوندو هو

نواز-زرداري جي واردات هڪ جهڙي آهي، سنڌ جي 35 سيڪڙو بجيٽ زرداري گروپ ڏانهن وئي
وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٺڳز آف پاڪستان حڪومت تي الزام هنيا، دنيا جي سڀ کان وڏي مني لانڊرنگ نيٽ ورڪ کي نواز-زرداري خاندانن گڏجي هلايو، سڀ ڄاڻن ته نواز ليگ جي انجنيئرنگ ڪئي، احسن اقبال وساري ڇڏيو آهي، ن ليگ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته نوازشريف صاحب جنرل ضياءَ کان اڳ ته ڪائونسلر به نه چونڊيو هو، ن ليگ جي انجنيئرنگ ضياءُ ڪئي، احسن اقبال تاريخ وساري ڇڏي آهي، ضياءُ الحق مٿس گهڻو اعتماد ڪندو هو، هن چيو ته نوازشريف ۽ آصف زرداري جي واردات جو طريقو هڪ جهڙو آهي، پنجاب جي سڀ کان وڏي منصوبي جي رقم حسن ۽ حسين نواز ڏانهن وئي، سنڌ جي ترقي جي بجيٽ جا 35 سيڪڙو زرداري گروپ کي ملندا رهيا، عدالتي فيصلي جو جواب اهو ڏنو پيو وڃي ته اسان چور آهيون ته ڇا ٿيو؟. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي اهو مينڊيٽ آهي ته اسان کي احتساب ڪرڻو آهي، سمورا ڪيس اسانجي حڪومت کان اڳ جا آهن، اسان حڪومت اچي انهن سمورن معاملن کان پاڻ کي ڌار ڪيو، ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏنوسين، ن ليگ جاچ ۾ نيب سان سهڪار نه ڪيو، هن چيو ته جاتي امرا 100 ايڪڙن تي ٺهيل آهي، 700 ملازم آهن، نوازشريف جي پٽ جي لنڊن ۾ اربين ڊالرز جي ملڪيت آهي، ان موقعي تي حماد اظهر چيو ته نيب ۽ جي آءِ ٽي جيترو ڏکين ٽرانزيڪشن تي ڪم ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي، عليمه خان مني ٽريل ثابت نه ڪري سگهي ها ته ان سان اهو ئي ٿئي ها هنن سان ٿي رهيو آهي،، نوازشريف کي هر جاءِ تي صفائي جو موقعو مليو، هاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ به ان کي موقعو ملندو ته ٻڌائي پئسا ڪٿان آيا؟.

جي آءِ ٽي رپورٽ رياستي ناڪامي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهن: عمران خان

خبر پئي ته ملڪ ڪيئن غريب ٿيندو آهي، اڃا به لٽيرن جو دفاع ڪندڙن تي حيرت آهي

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاناما ۽ جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽون رياست جي ناڪامي کي سمجهڻ لاءِ اهم دستاويز آهن، عمران خان ٽوئيٽس ڪندي چيو آهي ته پاناما ۽ جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽس ٻڌائين ٿيون ته رياستون ڪيئن ناڪام ٿينديون آهن، رپورٽن مان خبر پوي ٿي ته ملڪ ڪيئن غريب ۽ قرضي ۾ ٻڏندو آهي، جي آءِ ٽي رپورٽس سامهون اچڻ باوجود لٽيرن جو دفاع ڪندڙن تي حيرت آهي.

”بحريا آئڪون“ پلازا زرداري ۽ زين ملڪ گڏجي ٺهرايو: جي آءِ ٽي

پلازا 50 ارب رپين جي تڪراري زمين تي ٺهرائي بن قاسم پارڪ جو وڏو حصو ان ۾ شامل ڪيو ويو

اسلام آباد: مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي ) 24 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. کربين رپين جي مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي ريت زرداري گروپ، بحريا ٽائون ۽ اومني گروپ جو ٽرائيڪا ان ڳٺ جوڙ ۾ ملوث آهي . جي آءِ ٽي رپورٽ موجب جاچ ۾ لڳ ڀڳ 29 بينڪ اڪائونٽ جعلي نڪتا آهن، جيڪي 42 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿيا آهن. جي آءِ ٽي، ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر احسن صادق ، انٽر سروسز انٽيليجنس جي برگيڊيئر شاهد پرويز، سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي محمد افضل، قومي احتساب بيورو جي نعمان اسلم ۽ فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي عمران لطيف تي ٻڌل هئي .
رپورٽ موجب، جي آءِ ٽي 924 انفرادي ۽ مختلف ڪمپنين سان لاڳاپيل 11 هزار 500 جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڳولي ورتا آهن ، جڏهن ته 19 ٺيڪيدارن جي اڪائونٽن وسيلي 36 ارب رپين جي ڪميشن پهچائي وئي، ان کان علاوه 10 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم بحريا ٽائون جي اڪائونٽن وسيلي موڪلي وئي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ملڪ رياض جو ناٺي زين ملڪ ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو اڳوڻو سيڪريٽري مشتاق احمد بحريا ٽائون جا اڪائونٽ هلائيندڙ هئا. مشتاق احمد، ماڊل ايان علي جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ به ملوث رهيو آهي .
رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ”بحريا آئڪون“ نالي تعمير ٿيل 64 ماڙ عمارت آصف علي زرداري ۽ زين ملڪ پنهنجي ڪمپني جي مک ماڻهن وسيلي اڏرائي آهي، اها عمارت تڪراري پلاٽ تي تعمير ڪئي وئي جڏهن ته بن قاسم پارڪ جو وڏو حصو پڻ انهي عمارت ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهو ڪل 50 ارب رپين جو تڪراري پلاٽ آهي. رپورٽ موجب لاهور جي بحريا ٽائون ۾ قائم بلاول هائوس زرداري گروپ جي ملڪيت آهي، شروع ۾ اها ملڪيت بحريا ٽائون پاران آصف علي زرداري کي تحفي ۾ ڏني وئي پر پوءِ زرداري گروپ پاران ان جي ڪل لاڳت 170 ملين رپين جو اڌ ادا ڪيو ويو .
جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اومني گروپ پنهنجي ڪمپنين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سنڌ بئنڪ کان غير قانوني طور تي 53 ارب رپين کان وڌيڪ جو قرض پڻ ورتو. ان کان علاوه زرداري ڪٽنب جا 12 ملين يا ان کان وڌيڪ جا خرچ اومني گرو پ پاران ادا ڪيا ويا، خرچن ۾ راندين جو سامان خريد ڪرڻ، پالتو ڪتن جي خوراڪ، قرباني جا ٻڪرا، ڪپڙا ڌوئارڻ ، هيٽر ، فرنيچر ، سالگره جي تقريبن ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي مانجهاندي وغيره تي ٿيل خرچ شامل آهي . رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته اومني گروپ پاران ورتل قرض 83 ڀيرا ري اسٽرڪچر ڪرايو ويو جڏهن ته گذريل 10 سالن کان نيشنل بينڪ کان کنيل قرض پڻ واجب الادا آهي.
رپورٽ موجب اومني گروپ مندرن، لائبريرين ۽ جمنازيم لاءِ مخصوص پلاٽن جا کاتا تبديل ڪرائي غير قانوني اڏاوتون ڪرايون ويون ، جڏهن ته ”هنڊي ۽ حوالا“ وسيلي هڪ ارب کان وڌيڪ رقم پرڏيهه منتقل ڪئي وئي.

ايان ايتري عرصي کان ڪهڙي بيماري جو علاج پئي ڪرائي؟: چيف جسٽس

ايان علي

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ وقت ماڊل ايان علي جو به ذڪر نڪتو، هڪ موقعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ کان حيرت مان پڇا ڪئي ته ته هوءَ ايتري ڊگهي وقت تائين ميڊيڪل بنيادن تي ڪيئن پرڏيهه ۾ ترسيل آهي. ”هوءَ (ايان علي) نوجوان ڇوڪري آهي، هوءَ ايتري عرصي کان پرڏيهه ۾ ڪهڙي بيماري جو علاج ڪرائي رهي آهي؟“ واضع رهي ته ايان علي ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪافي عرصي کان دبئي ۾ ترسيل آهي.

فريال ٽالپر کي زرداري ۽ بحريه گروپس جي ڪمپني هڪ ارب 22 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا

ملڪ رياض

اسلام آباد: جي آءِ ٽي جي رپورٽ موجب فريال ٽالپر کي زرداري ۽ بحريه گروپس جي ڪمپني JV-OPAL-225 پاران هڪ ارب 22 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي. انهي ڪمپني جي عمارت جنهن پلاٽ تي قائم ڪئي وئي تنهن جو مالڪ حاڪم علي زرداري آهي.

سليڪٽيڊ وزيراعظم سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي: ن ليگ

عليمه خان جو احتساب ڪير ڪندو؟ ملڪ ۾ مڙهيل حڪومت وينٽيليٽر تي زنده آهي

نواز ليگ اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪري رھيا آھن

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ملڪ ۾ سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي، حڪومت وينٽي ليٽر تي زنده آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، اسان ان خلاف قانوني جنگ وڙهنداسين، نوازشريف خلاف نيب ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، فيصلي ۾ شروع کان آخر تائين هڪ لفظ به نه هو ته ڪهڙي قسم جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، موجوده احتساب عمل ٻه رخو آهي، ليگي اڳواڻن کي جاچ دوران گرفتار ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ ان جي اڳواڻن خاص رعايت حاصل آهي، هن چيو ته هڪ اهڙي حڪومت مڙهي وئي آهي جيڪا وينٽي ليٽر تي زنده آهي.

سپريم ڪورٽ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو نئون بورڊ ٽوڙي ڇڏيو، ياسمين راشيد کي توهين عدالت جا نوٽيس

سُپريم ڪورٽ طرفان ياسمين راشد سوڌو ٻين ميمبرز کي ٻن ڏينھن ۾ جواب ڏيڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ جي منظوري کانسواءِ ميمبرز جي مقرري نھ ڪئي وڃي: عدالت

لاهور( م ڊ ) سپريم ڪورٽ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو نئون بورڊ ٽوڙيندي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدالت جي منظوري کانسواءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن بابت معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪميشن جو نئون بورڊ جوڙڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بورڊ کي ٽوڙي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو بورڊ جوڙڻ تان پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري صحت ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري صحت کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ اختيارين کي ٻن ڏينهن اندر توهين عدالت نوٽيس جو جواب ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ تجويز ڪيل نالا عدالت آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر سپريم ڪورٽ جي منظوري کانسواءِ بورڊ جي ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

پوليس سُپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي احاطي مان ن ليگي ايم اين اي افضل کوکر کي گرفتار ڪري ورتو

افضل کوکر کي سرڪاري زمين تي قبضي جي ڪيس ۾ داخل ڪيو ويو

افضل کوکر خلاف سرڪاري زمين تي قبضي جو ڪيس داخل ٿيل آهي: پوليس

لاهور( م ڊ ) سرڪاري زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ ليگي ايم اين اي افضل نديم کوکر کي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري مان گرفتار ڪيو ويو.
لاهور پوليس سپريم ڪورٽ ۾ پيشي بعد عدالت مان ٻاهر نڪرڻ شرط ئي نون ليگ جي ايم اين اي افضل نديم کوکر کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب افضل کوکر خلاف نواب ٽائون ٿاڻي ۾ شهري جي درخواست تي زمين جي قبضي جو ڪيس داخل آهي، ڪيس جي متن موجب زمين تي قبضي بعد اتي افضل کوکر جي رهائشگاهه کوکر پئليس ٺاهي وئي آهي.

شهبازشريف آصف زرداري کان وڏو چور آهي: شيخ رشيد

خورشيد شاهه جون رڙيون ٻڌائين ٿيون ته سندس تاريخ پڪي آهي: شيخ رشيد

حڪومت جي ڪوشش هوندي ته چور ۽ ڦورو قانون جي پڪڙ ۾ اچن: وفاقي وزير

ڪراچي ( ن پ ا ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهبازشريف آصف زرداري کان وڏو چور آهي، خورشيد شاهه جون رڙيون ٻڌائين ٿيون ته سندس تاريخ پڪي آهي، ملڪ ۾ ٺڳن ۽ چورن معيشت تي قبضو ڪري 20 ڪروڙ عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو، عمران خان حڪومت جي ڪوشش هوندي ته انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي.
ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي وفاقي وزير شيخ رشيد ڪراچي پهچي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ هن عظيم شخصيت جي ڪري اسان کي آزاد ملڪ مليو.
شيخ رشيد چيو ته ٺڳن ۽ چورن ملڪ جي معيشت تي قبضو ڪيو ۽ 20 ڪروڙ عوام جي زندگين کي امتحان ۾ وڌو، وفاقي سرڪار جي ڪوشش هوندي ته انهن چورن ۽ ٺڳن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
خورشيد شاهه جون رڙيون ٻڌائين ٿيون ته سندس تاريخ پڪي آهي، جهانگير ترين زبردست ماڻهو آهي پر ايل بي ڊبليو ٿي ويو.

پهريون فيصلو آهي، جيڪو بند ڪمري ۾ ٻڌايو ويو: شاهد خاقان

عدالتن جو احترام آهي پر فيصلا عوام ۽ تاريخ قبول نه ٿي ڪري: اڳوڻو وزيراعظم

ڪي به ثبوت ناهن، نوازشريف کي ٻئي ڪيس ۾ به بري ڪرڻ گهرجي ها: شاهد خاقان

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پهريون فيصلو آهي، جيڪو بند ڪمري ۾ ٻڌايو ويو، عدالتن جو احترام آهي پر فيصلا عوام ۽ تاريخ قبول نه ٿي ڪري، ٻنهي ڪيسن ۾ نوازشريف کي بري ڪرڻ گهرجي ها. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي فيصلي بعد ردعمل ظاهر ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان سمجهيون ٿا ته نوازشريف کي ٻئي ڪيس ۾ به بري ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته العزيزيه ڪيس ۾ نه ڪي ثبوت آهن ۽ نه ئي شاهد آهن. شاهد خاقان عباسي چيو ته هي پهريون فيصلو آهي، جيڪو بند ڪمري ۾ ٻڌايو ويو، اڄ هٿ ٺوڪي جمهوريت آهي، ٻنهي ڪيسن ۾ ڪرپشن ثابت ناهي ٿي، عدالتن جو احترام آهي پر فيصلا قوم ۽ تاريخ قبول نه ٿي ڪري هن چيو ته احتساب عدالت جي فيصلي تي تمام گهڻا شڪ پيدا ٿين ٿا، پر اپيل اسان جو حق آهي، اسان سدائين عدالتن جو رستو اختيار ڪيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ڪفن پوش ليگي ڪارڪنن جي نعريبازي

انتظاميا سيڪيورٽي ڪليئرنس کانسواءِ نواز شريف کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو: طارق فضل

اسلام آباد (رپورٽر) نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ وڏي تعداد ۾ نواز ليگ ڪارڪن اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهرا گڏ ٿي ويا. عدالت ٻاهران نواز ليگ نواز ليگ ڪفن پوش ڪارڪنن مظاهرو ڪيو ۽ نواز شريف جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. اُن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته عدالتي فيصلي کان اڳ اسلام آباد انتظاميا سان رابطو ڪيو ويو، پر انتظاميا نواز شريف کي سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ کانسواءِ ٻاهر نڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اسلام آباد انتظاميا عدالتي عملدارن سان رابطو ڪرڻ بعد ٻڌايو ته فيصلي ۾ دير آهي.

پاناما جي آءِ ٽي جو سربراهه واجد ضيا آءِ جي ريلوي پوليس ٿي ويو

اسلام آباد ( م ڊ ) پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضيا ريلوي پوليس جي آءِ جي جو عهدو سنڀالي ورتو. آءِ جي ريلوي پوليس جي مقرري بعد واجد ضيا عهدي جي چارج سنڀالي ورتي، جنهن دوران ڊي آءِ آپريشنز شارق جمال خان کيس ريلوي پوليس جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي واجد ضيا جو چوڻ هو ته ريلوي پوليس جي بهتري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندس. 21 هين گريڊ جي آفيسر واجد ضيا جي ايف آءِ اي مان ريلوي پوليس ۾ بدلي ڪئي وئي هئي، ايف آءِ اي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران واجد ضيا کي پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جو سربراهه بڻايو ويو هو.