fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پڊعيدن ۾ خيرپور ميرس آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ جو فاتح

سائو وساڻ ٽيم راڻيپور جي حامد ٽڳڙ ٽيم کي هارائي ٽورنامينٽ کٽي

رانديون لاءِ ميدان نه هجڻ سبب ٽيلنٽ ضايع ٿئي ٿو، سرڪار قدم کڻي: رانديگر
ميرس آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ

پڊعيدن (رپورٽر) پڊ عيدن ۾ خيرپور ميرس جي سائو وساڻ ٽيم راڻيپور جي حامد ٽڳڙ ٽيم کي شڪست ڏئي ميموريل آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
وارڊ نمبر 6 ۾ سماجي اڳواڻ عبدالوحيد سومرو جي ياد ۾ ڪرايل ميموريل آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ خيرپور ميرس سخت مقابلي بعد راڻيپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي اعزاز ماڻيو. فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ انعامي رقم ڏني وئي.
ٽورنامينٽ ۾ قربان علي ٻرڙو والي بال ڪلب لاڙڪاڻو، سائو وساڻ والي بال ڪلب خيرپور ميرس، ڪرونڊي والي بال ڪلب، حامد ٽڳڙ والي بال ڪلب راڻيپور، دادو والي بال ڪلب، ڪوٽ لالو والي بال ڪلب ۽ مرحوم عبدالوحيد والي بال ڪلب پڊعيدن جي ٽيمن حصو ورتو.
ٽونامينٽ ۾ خاص مهمان پڊعيدن ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ عبدالوحيد سومرو هڪ سماجي اڳواڻ ھو، جنهن جي نالي سان هي والي بال ٽونامينٽ ڪرائي وئي آھي، راندين جا مقابلا ڪرائڻ تي انجنيئر صديق سومرو ۽ سومرا برادري کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو.
ٻئي پاسي يو سي ٻيلاواھ چيئرمين امداد حسين راڄپر ٻڌايو ته پڊعيدن ۽ ڀرپاسي ۾ راندين جا ميدان نه هجڻ ڪري نوجوان نسل کي ڏکياين کي منهن ڏئي رهيو آهي، راندين جا ميدان سرڪاري سطح تي ڏنا وڃن.

ڳڙهي خيري ۾ جيئي بخاري ٽيم ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ ۾ فاتح

فائنل ۾ جيئي بخاري 1-2 رائونڊن تان جيئي نورل شاهه ٽيم کي شڪست ڏني

ڪوڏي ڪوڏي ميچ جا منظر

ڳڙهي خيرو(ن پ ا)ڳڙهي خيري ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ڪوڏي ڪوڏي جا بهترين مقابلا ڪرايا ويا. مشهور درگاھ حيدر شاھ بخاري تي ٿيل هڪ ڏينهن واري ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جئي بخاري ڳڙهي خيرو ۽ جئي نورل شاھ ڏيئا وڏا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو.
جيئي بخاري ڳڙهي خيري جي ٽيم 1-2 رائونڊن تان نورل شاهه ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل کٽي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا.
جئي بخاري ڳڙهي خيرو ٽيم ۾ بابو بلوچ،رحمت الله عرف لالو بليدي،ظفر علي دستي،عبداللطيف بليدي،غلام شبير چهواڻ،محبوب علي چهواڻ،ڪوٽڙو ميرجت ۽ مدد علي چهواڻ شامل هئا، جڏهن ته جئي نورل شاھ ڏيئا وڏا ٽيم ۾ علي نواز سهتو،دشان ڏيئو،جانب سهتو،اختر علي کوسو،سيد جهان شاھ،غلام مصطفيٰ شر،دلشاد سهتو ۽ محمد نواز سهتو شامل هئا.
فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ انعامي رقم ڏني وئي، رانديگرن پنهنجي فتح تي شاندار جشن ملهايو.مئچ ڏسڻ لاءِ ڀرپاسي جي علائقن مان سوين شوقين پهچي رانديگرن کي داد ڏنو.

پاڪستان هٿان پريڪٽس ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا اليون کي شڪست

بينوئي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان پريڪٽس ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا انويٽيشن اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ جي ٽئين ڏينهن 197 رنسن جي هدف جي جواب ۾ امام الحق ۽ حارث سهيل جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان گهربل هدف 4 وڪيٽن تي حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي. بينوئي ۾ کيڏيل پريڪٽس ميچ جي ٽئين ڏينهن حارث سهيل 73 ۽ امام الحق 66 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. هوڏانهن ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان جي ٽيمن ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل پهرين ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين سنچورين ۾ کيڏي ويندي.

پي ايس ايل جا نشرياتي حق وڪرو ڪيا ويا،دلچسپي وٺندڙ سڀني اميدوارن جا ٿورائتا آهيون: احسان ماني

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي نشريات وارا حق وڪرو ڪري ڇڏيا. پي سي بي جي پڌرائي موجب نشرياتي ۽ لائيو اسٽريمنگ جي معاملا طئي ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان ٻين تفصيلن تي غور ويچار ڪندي ميڊيا کي ڄاڻ ڏني ويندي.
پي سي بي موجب بلز ڪنسورشيم سان ٽن سالن جو معاهدو ڪيو ويو آهي، هن سال جي معاهدي سان بورڊ کي گذريل معاهدي جي ڀيٽ ۾ 358 سيڪڙو وڌيڪ پئسا ملندا.
هوڏانهن چيئرمين پي سي بي احسان ماني جو چوڻ هو ته هدف کان وڌيڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، معاهدو ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته شوقين اسپانسرز جي پي ايس ايل ۾ گهڻي دلچسپي آهي. هن چيو ته نشرياتي حقن ۾ دلچسپي وٺندڙ سڀني اميدوارن جا ٿورائتا آهيون.

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا اليون ۾ پريڪٽس ميچ جاري

بابر اعظم ۽ اظهر علي جي سينچرين پاڪستان کي پهرين اننگز ۾ بچايو

ميچ جو آخري ڏينهن، ڏکڻ آفريڪا اليون جي 174 رنسن جي برتري، 5 وڪيٽون باقي
پاڪستاني رانديگر ڏکڻ افريڪا م پريڪٽس ڪندي

بينوني (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڏکڻ آفريڪا جي ڊگهي دوري تي پنهنجي پهرين امتحان پريڪٽس ميچ کان شروعات ڪئي آهي. ٽن ڏينهن جي پريڪٽس ميچ جي ٻي ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 306 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي، بابر اعظم ۽ اظهر علي شاندار راند ڪندي ناٽ آئوٽ سينچريون اسڪور ڪيون. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا اليون 5 وڪيٽن جي نقصان تي 161 رنسون ٺاهي 174 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، ٽئين ڏينهن جي راند جاري آهي، ڏکڻ آفريڪا اليون طرفان اين برانڊ 71 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته پاڪستان طرفان محمد عامر 3 شڪار ڪيا.

ڊينس لِلي ورات ڪوهلي جو مداح نڪتو

اڳوڻي فاسٽ بالرڪوهلي جي رويي جو دفاع

ڪوهلي اسٽار آهي، سندس جارحاڻو رويو ميچ ۾ جان وجهي ٿو
ورات ڪوھلي

ايڊليڊ (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر ڊينس لِلي ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي جو مداح نڪتو. ڊينس للي جو چوڻ آهي ته ڪوهلي دنيا جو بهترين بيٽسمين آهي، ان ۾ ڪو شق ناهي ته هو ٻين سڀني کان اڳتي آهي، وٽس بال کي اڳ ۾ ڏسڻ جي صلاحيت آهي، جيڪا هڪ وڏي بيٽسمين جي نشاني آهي. پنهنجي فاسٽ بالنگ سان بيٽسمينن ۾ خوف پيدا ڪندڙ ڊينس للي چيو ته ڪوهلي ارادي، تيڪنيڪ ۾ بهترين آهي. ڊينس للي پاران ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت ڀمرا جون به تعريفون ڪيون. ياد رهي ته ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ 26 ڊسمبر کان شروع ٿيندي.

نظر کان بچائڻ لاءِ پٽ اذهان جو تصويرون جاري نه ڪيون: ثانيه مرزا

ثانيھ مرزا پنھنجي پٽ اذھان سان گڏ

حيدرآباد دکن (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر جي گهر واري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا چيو آهي ته خراب نظر کان بچائڻ لاءِ پنهنجي پٽ جون تصويرون منظر عام تي نه آنديون. هڪ انٽرويو ۾ ثانيه مرزا چيو ته توهان اسان کي قدامت پسند يا بيوقوف به چئي سگهو ٿا، پر منهنجو نظر لڳڻ تي يقين آهي. هن چيو ته آئون ۽ شعيب فيصلو ڪيو ته جيترو ممڪن ٿي پنهنجي پٽ کي عوامي نظرن ۾ آڻڻ کان بچائينداسين، ان لاءِ اسان سوشل ميڊيا تي سندس منهن واريون تصويرون جاري ناهيون ڪندا، هاڻي اذهان انهن شين لاءِ تمام ننڍو آهي. ثانيه مرزا جو چوڻ هو ته ٽينس کي ياد ڪري رهي آهيان ۽ ٻيهر کيڏڻ لاءِ وڌيڪ انتظار نه ٿي ڪري سگهان. هن چيو ته آپريشن ذريعي ٻار جي پيدائيش ۽ پراڻي انجريز سبب گهربل فٽنيس حاصل ڪرڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. ثانيه مرزا چيو ته ڪا تاريخ ته نٿي ڏئي سگهان پر ايندڙ سال ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي جو ارادو آهي.

پکو ۾ دوستاڻي والي بال مئچ، ينگ اسٽار فاتح، شوقينن جون جھمريون

پکو ينگ اسٽار مئچ 15- 24 تان کٽي، سجاد ڀٽو ۽ عبدالحميد مغيري ميچ جا هيرو

پکو ۾ دوستاڻي والي بال مئچ

پکو (رپورٽ محمدرفيق مغيري) پکو شھر جي مين انڊس ھاءِ وي جي ڀر واري گرائونڊ تي والي بال جي سينيئر رانديگر شاھنواز کونھارو جي اڳواڻي ۾ لٽل شوٽنگ والي مئچ ۾ ينگ اسٽار ۽ شھباز اليون وچ ۾ دوستاڻي مئچ ٿي گذري. مئچ ۾ ٻنھي ٽيمن جي نوجوان رانديگرن خوب راند جو مظاھرو ڪيو. شروعاتي ھاف ۾ شھباز اليون جا رانديگر ينگ اسٽار جي رانديگرن مٿان حاوي ٿي پوانئٽون حاصل ڪندا رھيا. پھرئين هالف ۾ شھباز اليون 12-20 جي اسڪور سان برتري حاصل ڪري ورتي، جڏھن ته مئچ جي ٻئي ھاف شروع ٿيڻ سان ئي ينگ اسٽار جي رانديگرن سجاد ڀٽو ۽ عبدالحميد مغيري بھترين راند جو مظاھرو ڪندي مخالف ٽيم شھباز اليون جي رانديگرن کي والين سان خوب ڪٽڪو ڏنو. ينگ اسٽار جي رائيٽ سائيڊ تي بيھندڙ رانديگر عبدالحميد مخالف ٽيم کي مسلسل واليون ھڻي 15- 24 جي اسڪور سان مئچ پنھنجي نانءُ ڪري ورتي. اھڙي طرح ڪنڌي ۾ ھوڪرا پئجي ويا ۽ شوقين فاتح ٽيم جي رانديگرن کي ڪلھن تي کڻي گرائونڊ ۾ گھمايو ۽ مٿن نوٽ گھوريندا رھيا. دوستاڻي والي بال مئچ کي ڏسڻ لاءِ تر جي مختلف ڳوٺن جي سوين شوقينن حصو ورتو ۽ تاڙيون وڃائي رانديگرن کي خوب داد ڏنو. مئچ جي پڄاڻي تي عبدالحميد مغيري ۽ سجاد ڀٽو کي بھترين راند پيش ڪرڻ تي مئچ جو ھيرو قرار ڏنو ويو جن کي سينيئر رانديگر شاھنواز کونھاري انعام ڏنو. ان موقعي شاھنواز کونھاري پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته راندين جا اھڙا ايونٽ ڪرائڻ سان نوجوانن ۾ تندرستي سان گڏ حوصلا افزائي ٿئي ٿي، سنڌ جي ٻھراڙين ۾ والي بال جا سٺا رانديگر آھن پر انھن جي پٺڀرائي ۽ سپورٽ نه ھجڻ ڪري اڳتي وڌي نه ٿا سگھن پر ان جي باوجود پنھنجي ڪوشش تحت اھڙا ايونٽ ڪرائي ٻھراڙين جي اھڙن رانديگرن جي ٽيلينٽ کي اڳتي آندو وڃي. سينيئر رانديگر سنڌ سرڪار ۽ راندين جي صوبائي اداري کان گهر ڪئي ته سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ضلعي سطح جا ايونٽ ۽ ٽرائل ڪرائي نوجوان رانديگرن جي چونڊ ڪئي وڃي.

بي پي ايل کيڏڻ لاءِ حفيظ کي اين او سي ملي ويو

آل رائونڊر بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ راجشاهي ٽيم جي نمائندگي ڪندو

محمد حفيط

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آلرائونڊر محمد حفيظ کي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ پي سي بي اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي. محمد حفيظ 3 جنوري تي بي پي ايل ۾ شرڪت لاءِ ڍاڪا روانو ٿيندو. ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ پي ايس ايل ۾ لاهور قلندرز جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.

اسٽيو سمٿ جي قسمت خراب، بي پي ايل ۾ شرڪت تي به پابندي

بنگلاديش جي فرنچائيز پاران اعتراض کانپوءِ سمٿ تي پابندي لڳائي وئي

سمٿ بال ٽيمپرنگ ڪيس ۾ پنهنجي ملڪ پاران لڳايل پابندي جو شڪار آهي
اسٽيو سمٿ

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پاران اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ تي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ شرڪت ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. بنگلاديش پريميئر ليگ پاران اعتراض واريو هو ته سندس ٽورنامينٽ ۾ شرڪت قانون جي خلاف آهي، جنهنڪري ايندڙ بي پي ايل جي ايڊيشن ۾ سندس شرڪت کان روڪيو وڃي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پاران فرنچائيز جي شڪايت کانپوءِ اسٽيو سمٿ کي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو. واضح رهي ته اسٽيو سمٿ، ڊيوڊ وارنر آسٽريليا طرفان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ۾ بال خراب ڪرڻ جي ڪيس ۾ هڪ سال جي پابندي کي منهن ڏئي رهيا آهن.

قومي ٽي 20 ٽورنامينٽ: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ميچون کٽي ورتيون

قومي ٽي 20 ٽورنامينٽ

ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اسلام آباد ريجن ۽ راولپنڊي ريجن ميچون کٽي ورتيون. اسلام آباد ريجن فاٽا ريجن کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني. فاٽا ريجن طرفان مليل 146 رنسن جو هدف اسلام آباد ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.
ٻي ميچ ۾ راولپندي ريجن پشاور ريجن کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني. جنهن ۾ ڪاشف ڀٽي 34 رنسون، سميع الله 29 ۽ عادل امين 27 رنسون ٺاهيون. ٻي ميچ ۾ پشاور 4 وڪيٽن تي 153 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سعد علي 46 رنسون، نبي گل 32، فواد خان 30 ۽ محمد محسن 25 رنسون ٺاهيون. روالپندي ريجن هدف 4 وڪيٽن تي مڪمل ڪيو. محمد نواز ۽ حماد اعظم 37-37 سميع اسلم 25 ۽ زاهد منظور 20 رنسن جي اننگ کيڏي.

بيگ بيش ليگ شروع، بيٽ سان ٽاس جو نئون طريقو متعارف

ايڊليڊ اسٽرائيڪرز پهرين ميچ ۾ 147 رنسن جو حدف 5 وڪيٽن تي حاصل ڪيو، برسبين هيٽ ۽ ايڊليڊ اسٽرائيڪرز ۾ ميچ جي ٽاس سڪي بدران بيٽ اڇلي ڪئي وئي

بيٽ سان ٽاس جو نئون طريقو متعارف

ايڊليڊ (اسپورٽس ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا بگ بيش ليگ جي نئين سيزن ۾ سڪي بدران بيٽ سان ٽاس ڪرڻ جو قانون متعارف ڪرائي ڇڏيو. آسٽريليا جي ٽي ٽوئنٽي ليگ بگ بيش جي شروعات ٿيوئي، برسبين هيٽ ۽ ايڊليڊ اسٽرائيڪر جي افتتاحي ميچ ۾ ٽاس لاءِ بيٽ اڇلي وئي. ايڊليڊ ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. برسبين هيٽ جي ٽيم پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 146 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ عادل راشد 3 وڪيٽون ورتيون. ايڊليڊ اسٽرائيڪر 5 وڪيٽن جي نقصان تي حدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.

مصباح جو ٻارڙن جي دل جي مفت سرجري اسپتال ٺاهڻ جو اعلان

اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق

فيصل آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) عمران خان بعد مصباح الحق به ملڪ ۾ اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق ٻارڙن جي دل جي مفت سرجري جي پهرين اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. لاهور ۾ 2 ارب رپين جي لاڳت سان ٺاهي ويندڙ اسپتال 125 بسترن تي ٻڌل هوندي، جتي ساڳئي وقت 5 سينيئر اسپيشلسٽ مقرر ڪيا ويندا.

خيرپور ۾ ارسلان اليون آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ارسلان اليون آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽي ورتو. سپيريئر سائنس ڪاليج جي ميدان تي آل سنڌ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سمير اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 78 رنسون ٺاهيون. جنهن بعد ارسلان اليون چئن وڪيٽن جي نقصان تي 78 تي چئن اوورن ۾ هدف ماڻي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.جنهن ۾ ارسلان اليون جي ڪامران اويسي 36 رنسون ٺاهي نمايان رهيو ۽ کيس ميچ جو پهرين رانديگر قرار ڏنو ويو. ٽورنامينٽ جا خاص مهمان ضلع ڪائونسل چيئرمين شهريار وساڻ، اي ايس پي راءِ مظهر اقبال، لالا فرقان شيخ ۽ ٻيا هئا. جن فاتح ٽيم کي ٽرافي ڏني. ٽورنامينٽ ۾ خيرپور، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڪوٽڏيجي ۽ گمبٽ سميت سنڌ جي مختلف شهرن جي 28 ٽيمن حصو ورتو. جڏهن ته ٽورنامينٽ ڏسڻ لاءِ شهر توڙي ڀرپاسي جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري بهترين راند تي رانديگرن کي داد ڏنو.

پاڪستاني ٽيم جي آفريڪي دوري تي پهرين آزمائش

گرين شرٽس انوائيٽيشن اليون خلاف 3 ڏينهن جي پريڪٽس ميچ کيڏندي

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز)  ڏکڻ آفريڪا ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو امتحان شروع ٿي ويو آهي، اڄ پهرين ننڍي امتحان ۾ گرين شرٽس آفريڪا جي انوائيٽيشن اليون خلاف 3 ڏينهن جي پريڪٽس ميچ بينوني ۾ کيڏندي. ڏکڻ آفريڪا ۾ پاڪستاني ڪپتان توڙي ڪوچ بيٽنگ جي بهتري لاءِ پراميد آهن. پاڪستان ٽيم اڳ ۾ ئي ڏکيائين جو شڪار آهي، انجريز سبب سندس اهم هٿيار محمد عباس، فخر زمان زخمي ٿيل آهن، جڏهن ته شاداب خان پڻ زخمين جي لسٽ ۾ شامل آهي. ٽي ڏينهن جي پريڪٽس ميچ 21 ڊسمبر تائين جاري رهندي، جڏهن ته کيڏي ويندڙ گرائونڊ 26 ڊسمبر واري گرائونڊ کان 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.