بوسٽن (اسپورٽس ڊيسڪ) يو ايس اوپن جونئير اسڪواش چيمپئن سپ ۾ 2 پاڪستاني رانديگر حمزه خان ۽ همام احمد فائنلز ۾ پهچي ويا. آمريڪي شهر بوسٽن ۾ جاري يو ايس اوپن جونيئر اسڪواش چيمپئن شپ جي سيمي فائنلز ۾ انڊر 13 سيمي فائنل ۾ پشارو سان واسطو رکندڙ حمام احمد آمريڪا جي احمد حق خلاف ڪاميابي ماڻي، سندس اسڪور 7-11، 6-11 ۽ 9-11 رهيو، فائنلز ۾ سندس مقابلو ڀارتي روهن گانڌي سان ٿيندو. ٻي پاسي انڊر 15 ڪيٽيگري جي سيمي فائنل ۾ پشاور جي حمزه خان ٽاپ سيڊ ميڪسيڪو جي سوسا فيڊريڪو کي هارايو. ميچ جو اسڪور 5-11، 9-11 ۽ 5-11 رهيو. ٽرافي جي فائنل ۾ حمزه خان جو مقابلو آمريڪي رانديگر ڪريني سان ٿيندو.
جونيئر اسڪواش چيمپئن شپ: ٻھ پاڪستاني رانديگر فائنل ۾
فائنلز ۾ حمام احمد جو ڀارتي روهن گانڌي، حمزه احمد جو آمريڪي ڪريني سان مقابلو ٿيندو
سرفراز بدران ناڪام رانديگرن کي ڪڍڻ گهرجي: جاويد ميانداد
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ناڪامي جو ذميوار سرفراز کي قرار ڏيڻ درست ناهي

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته پي سي بي سرفراز احمد کي قيادت تان هٽائڻ بدران اهڙن رانديگرن کي ٽيم مان ڪڍي جيڪي ناڪام رهيا آهن. هڪ انٽرويو ۾ جاويد ميانداد جو چوڻ هو ته ڪيويز خلاف تازي هو سيريز ۾ شڪست جو ذميوار سرفراز احمد کي قرار ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي، سرفراز پاڻ مٿان ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه وجهي. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته سرفراز احمد هن وقت قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت لاءِ سڀ کان بهترين ۽ مناسب آپشن آهي، ڇاڪاڻ ته کيس وڪيٽ ڪيپنگ سان گڏ بيٽنگ ۾ به مهارت حاصل آهي. هن چيو ته اسان کي اهڙن رانديگرن تي تنقيد ڪرڻ گهرجي جيڪي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام آهن، تڏهن ئي ٽيم سٺا نتيجا ڏئي سگهندي.
پي سي بي گورننگ باڊي جو اجلاس، پي ايس ايل لاءِ بجيٽ منظور
احسان ماني پي سي بي جي نئين سر جوڙڪ بابت رپورٽ پيش ڪئي، نين مقررين تي اعتماد ظاهر
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گورننگ باڊي جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سپر ليگ جي بجيٽ ۽ آڊٽ ڪميٽين جي رپورٽ پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سميت ٻين معاملن تي بحث ڪيو ويو. لاهور جي نيشنل اڪيڊمي ۾ چيئرمين پي سي بي احساني ماني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٽاسڪ فورس جي تجويز ڪيل ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جوڙجڪ تي نظرثاني ڪئي وئي. اجلاس ۾ احسان ماني پي سي بي جي نئين جوڙجڪ بابت رپورٽ پيش ڪئي. جڏهن ته پي سي بي ۾ ٿيل مقررين بابت ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو. پاڪستان سپر ليگ جي بجيٽ ۽ آڊٽ ڪميٽين جي رپورٽ تي به بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪ-ڀارت سيريز بابت ٽياڪڙ ڪميٽي ۽ هاڻوڪي مسئلن تي پڻ بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ 11 ميمبرن شرڪت ڪئي، جن پي ايس ايل 2019 جي بجيٽ جي منظوري ڏيڻ سان گڏ اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي پينشنز ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي منظوري پڻ ڏني.
ايشيائي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 141 سالن جي تاريخ بدلجڻ لاءِ تيار

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ)26 ڊسمبر ايشيائي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو اهم ڏينهن هوندو، ان ڏهاڙي ايشيا جون ٽي وڏيون ٽيمون پهريون ڀيرو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ آمهون سامهون هونديون. باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ تمام وڏي اهميت هوندي آهي، هر رانديگر ان شرڪت کي اعزاز سمجهندو هو، هاڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 141 سالن جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هوندو، جڏهن ته پاڪستان، ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون هڪ ئي ڏينهن ٽيسٽ کيڏنديون. پاڪستاني ٽيم سرفراز احمد جي قيادت ۾ جوهانسبرگ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ کيڏندي، ڀارتي ٽيم ويرات ڪوهلي جي ڪپتاني ۾ آسٽريليا خلاف ميلبورن جي تاريخي ميدان تي چئن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جون ٽيون مقابلو کيڏندي، ۽ سريلنڪن ٽيم دنيش چنديمل جي اڳواڻي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ مقابلو ڪندي.
رانديگرن کي پنهنجي غلطين مان سکڻ گهرجي: يونس خان
غلطيون ڪندو هيس، پر انهن غلطين مان سکندو هيس: يونس خان جون ڳالهيون
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڀلوڙ رانديگر يونس خان چيو آهي ته رانديگرن کي پنهنجا بنياد مضبوط ڪرڻا پوندا، هو جلد آئوٽ ٿي ويندو هو پر انهن غلطين کي سڌارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو. ڪراچي ۾ پي سي بي ايڪڊمي مان عورت ڪرڪيٽرن کي يونس خان ليڪچر ڏنو، جنهن ۾ ڪوچ به موجود هئا. يونس خان چيو ته جڏهن هو ڪريز تي ويندو هو ته پهريان ست اٺ بال کيڏڻ ڏکيو هوندو هو، راند کان وڌيڪ زندگي جو پريشر کي قابو ڪرڻ سکو. هن چيو ته عورت ڪرڪيٽر حساس هونديون آهن، ڪوچ ان دوران سندن خاص خيال رکندا آهن، ڪوچز کي عورتن جي راند تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي گهرجي، جڏهن ته عورتون ميدان ۾ اچي ويون آهن ته کين گهڻيون قربانيون ڏيڻيون پونديون.
پي سي بي جو ٻيهر ڪرڪيٽ آسٽريليا سان رابطي جو فيصلو
پي سي بي ون ڊي سيريز جون 2 ميچون ڪراچي ۾ ڪرائڻ لاءِ ٻيهر درخواست ڪندو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ آسٽريليا سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پي سي بي ڪرڪيٽ آسٽريليا سان جنوري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رابطي ڪندو ۽ پاڪستان ۾ ون ڊي ميچون کيڏڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 19 کان 31 مارچ تائين گڏيل عرب اماراتن ۾ شيڊيول آهي. پي سي بي جي خواهش آهي ته پي ايس ايل جي ميچن بعد گهٽ ۾ گھٽ 2 ون ڊي ميچون ڪراچي ۾ کيڏيون وڃن. ان حوالي سان شروعاتي ڳالهه ٻولهه به ڪرڪيٽ آسٽريليا سان ڪئي وئي، پر معاملو اڳتي نه وڌي سگهيو هو. پي سي بي جنوري مهيني وچ ۾ وارن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ آسٽريليا سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ۾ درخواست ڪندو ته پاڪستان ۾ ميچون کيڏڻ بابت فيصلو پي ايس ايل جي ميچن کي ڏسي ڪيو وڃي. پي سي بي ڪرڪيٽ آسٽريليا سان پي ايس ايل جي ميچن لاءِ پنهنجو وفد به پاڪستان اماڻڻ جي به درخواست ڪندو.
پرٿ ٽيسٽ:ڪوهلي ۽پين اٽڪي پيا،سخت جملن جي ڏي وٺ
ٽم پين ورات ڪوهلي کي چيو ته تون ڪول بڻجڻ جي ڪوشش ڇو پيو ڪرين؟

پرٿ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ دوران ٽيمن جي ڪپتانن ورات ڪوهلي ۽ ٽم پين ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي، ٽيم دوران ٻنهي ڄڻن پاران جارحاڻو انداز اختيار ڪيو. ٻنهي رانديگرن ۾ جملن جي ڏي وٺ ان وقت ٿي جڏهن ڪينگرو ڪپتان ڀارتي ڪپتان ڪوهلي کي چيو ته توهان ايڏوڪول ٿيڻ جي ڪوشش ڇو پيا ڪيو، جنهن تي ڪوهلي پڻ جملا چيا. امپائر گيفيني معاملي کي ڏسندي کين هدايت ڪئي ته توهان ٻئي ڪپتان آهيو، راند تي ڌيان ڏيو. ان دوران هو هڪٻئي سان ٿوري دوري کان ٽڪرائجڻ کان رهجي ويا. ٻنهي وچ ۾ لفظي جنگ ان وقت ختم ٿي، جڏهن محمد شامي جي بال تي ٽم آئوٽ ٿيو ۽ ڪوهلي مٿس خاموشي سان ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
فٽبال جي بادشاهه ميسي جو بارسلونا لاءِ نئون رڪارڊ
ميسي بارسلونا کي پنهنجي ڪيريئر ۾ 323 هين فتح ڏياري رڪارڊ جوڙيو
هڪ ميچ ۾ هيٽرڪ سان گڏ ٻن گولن ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جو رڪارڊ پڻ ميسي نالي

بارسلونا (اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا جو اسٽار رانديگر ۽ فٽبال جو بادشاهه رانديگر ليونل ميسي پنهنجي فٽبال ڪلب بارسلونا لاءِ نئون رڪارڊ جو ڙي ورتو آهي. فٽبال ڪلب ليوانتي خلاف ميچ ۾ بارسلونا ٻڙي جي مقابلي ۾ 5 گولن تان شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن جو سڄو ڪريڊٽ ليونل ميسي ڏانهن وڃي ٿو. ميچ ۾ بارسلونا ڪنگ گولن جي هيٽرڪ ڪندي مخالفن کي بيحال ڪري ڇڏيو، پر ڳالهه اتي ختم نه ٿي، هن ميچ ۾ ٻه وڌيڪ گول اسسٽ ڪيا، سندس مدد سان بارسلونا 5 گول ڪري ليوانتي ڪلب کي بدترين شڪست ڏني. ميسي لا ليگا جي 323 ميچ ۾ بارسلونا کي ڪاميابي ڏياري اڳوڻي فٽبال اسٽار زاوي جو 322 ميچن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ميسي يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ سيزن ۾ 24 گول ڪرڻ يا مدد ڪرڻ جو رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو.
پاڪستان ايشين رسه ڪشي چيمپئن شپ جو ميدان ماري ورتو
ايونٽ ۾پاڪستان 2 سونا، هڪ-هڪ چاندي ۽ پتل جا ٻلا کٽي ورتا
پاڪستان پهرين، سريلنڪا ٻئين ۽ ڀارت ٽئين پوزيشن ماڻي
ڪولمبو(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ايشين رسه ڪشي چيمپئن شپ ۾ ميدان ماري ورتو، چيمپئن شپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ڪولمبو ۾ ٿيل رسه ڪشي چيمپئن شپ جي مقابلن ۾ پاڪستان 2 سونا، هڪ-هڪ چاندي ۽ پتل جا ٻلا کٽي ورتا. ايونٽ ۾ پاڪستان پهرين، سريلنڪا ٻئين ۽ ڀارت ٽئين پوزيشن ماڻي. جڏهن ته چيمپئن شپ ۾ پاڪستان سميت 6 ملڪن مقابلن ۾ حصو ورتو، جن م مين اينڊ ويمن ڪمبائن مقابلا 600 ڪلو ڪيٽيگري ۾ ٿيا.
سنڌڙي ڀرسان پنوعاقل ٽيم والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتو
هڱورني ۾ مزمل ڪلب ٽنڊي الهيار جي ٿيٻا ڪلب کي هارائي اعزاز ماڻيو
ٽئين آل سنڌ شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ٽورنامينٽ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو

سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان پني عاقل جي ٽيم مزمل ڪلب ٽيون آل سنڌ شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شوٽنگ والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتو. هڱورني ۾ ٿيل ٽورنامينٽ ۾ مزمل ڪلب ٽنڊي الهيار جي ٽيم ٿيٻا ڪلب کي سخت مقابلي بعد 10-12 تان شڪست ڏئي اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. ان موقعي تي خاص مهمان راندين جي اڳوڻي وفاقي وزير پير آفتاب شاھ جيلاني جي پٽ پير حسن شاہ، ھڱورنو ٽائون جو چيرمين ميرعلي رضا ٽالپر ۽ ٻين فاتح ٽيم کي انعام ڏنا. جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ کپري سميت مختلف شهرن جي 16 ٽيمن حصو ورتو.
زلمي اسڪول ليگ ٽرافي اي پي ايس جي شهيدن نالي

پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 4 سال مڪمل ٿيڻ تي پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي چيو آهي ته زلمي اسڪول ليگ جي ٽرافي سدائين شهيد ٻارڙن جي نالي سان ٿيندي. جاويد آفريدي جو چوڻ هو ته اسڪول ليگ کي آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن نالي ڪرڻ سان شهيدن جي ياد سدائين ڏياريندي رهندي ۽ نئين نسل ۽ شاگردن کي ڏکين حالتن ۾ زندگي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌائڻ ۽ کين همٿ ڏيڻ جو مثال به جوڙيندي.
پي ايس ايل فرنچائزز جو ٽيڪس ڇوٽ لاءِ عدالت وڃڻ جو امڪان

لاھور (اسپورٽس ڊيسڪ) پي ايس ايل فرنچائزز طرفان ٽيڪس ۾ ڇوٽ لاءِ ايندڙ هفتي عدالت وڃڻ جو امڪان آهي، سومر تي قطعي فيصلو ٿيندو. ميڊيا رپورٽن موجب پي ايس ايل جي گذريل ٽنهي ايڊيشنز ۾ لاڳت کان وڌيڪ خرچ اچڻ تي پريشان فرنچائزز مالڪ انتظار ۾ آهن ته حڪومت سندن درخواست تي همدردي طور غور ڪندي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪندي. هڪ فرنچائز ذريعن موجب ڀارت ۾ آءِ پي ايل فرنچائزز کي 10 سالن تائين ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي هئي. پي ايس ايل کي به سهولت ڏني وڃي ته مالي مسئلا گهٽجي ويندا، اميد آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر طرفان هاڪاري جواب ملندو. ذريعن موجب ٻي صورت ۾ عدالت وڃي فرنچائزز پنهنجو موقف پيش ڪنديون. ان سلسلي ۾ اڳڀرائي لاءِ فرنچائزز حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، جنهن تي سڀاڻي کان غور ويچار ڪيو ويندو.
شاهد آفريدي سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو
سرفراز ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏي ون ڊي ۽ ٽي 20 ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏي: شاهد آفريدي

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي هاڻوڪي ڪپتان سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ گهرجي، کيس گهرجي ته هو ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي. هن چيو ته عالمي ڪپ ويجهو آهي، سرفراز احمد ذهني طور اڳ ئي تيار رهي، آئون اڳ ٽنهي طرز واري ڪرڪيٽ ۾ سرفراز احمد جي ڪپتاني جي حمايت ۾ هئس، پر هاڻي سرفراز احمد کي گهرجي ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي تي ڀرپور ڌيان ڏئي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد آفريدي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي ۾ امن واپس آيو آهي، سڄي ملڪ ۾ امن ۽ امان جي صورتحال بهتر آهي، ملڪي حالتن جي بهتري جو ڪريڊٽ اسانجي سڪيورٽي ادارن ڏانهن وڃي ٿو، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي هو.
پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين سيريز کٽڻ جوموقعو آهي:مڪي آرٿر
پاڪستاني بالنگ ڏکڻ آفريڪا کان گهڻي بهتر آهي، نوجوان بيٽسمين به سٺو کيڏين پيا
ڪيپ ٽائون (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته پاڪسستان ٽيم جي بالنگ ڏکڻ آفريقا جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي، پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين سيريز کٽڻ جا امڪان آهن. ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي پهچڻ بعد مڪي آرٿر دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جي نوجوان بيٽنگ لائن هاڻي پاڪستان جي هوم گرائونڊ گڏيل عرب امارات کان وڌيڪ پرڏيهه ۾ بهتر بيٽنگ ڪري ٿي، ڇو ته هاڻي پاڪستاني بيٽسمين ليگ اسٽمپ تي نٿا بيهن، جڏهن ته هر بالر کي سٺي نموني منهن ڏين ٿا. مڪي آرٿر چيو ته اسان لاءِ اصل چيلنج 350 کان 400 رنسون ٺاهڻ آهي، جيڪڏهن ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين ته اسان ڪهڙي به ڪنڊيشنز ۾ 20 وڪيٽون وٺڻ جي صلاحيت رکون ٿا.
پاڪستاني ڪرڪيٽرن اڪمل ڀائرن جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽرن ڪامران اڪمل، عمر اڪمل ۽ عدنان اڪمل جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ماءُ جي لاڏاڻي جي خبر ڏيندي عدنان اڪمل ماڻهن کان مغفرت جي دعا لاءِ درخواست ڪئي. ملتان ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران لاهور وائٽس ۽ راولپنڊي ريجن جو ٽيمون ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ڊريسنگ روم گڏ ٿي اڪمل ڀائرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اڪمل ڀائرن جي ماءُ جي لاڏاڻي تي مختلف ماڻهن پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار به تعزيت جو اظهار ڪيو.