fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

آصف زرداري سميت سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجھڻ جي اپيل، گھرو کاتي کي درخواست ڏيو: چيف جسٽس

لاهور: جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي عدالت کي درخواست ڪئي ته آصف زرداري سميت ڪيس ۾ ملوث سڀني ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان گهرو کاتي کي درخواست ڏيو، اي سي ايل بابت اهي فيصلو ڪندا.

نواز شريف جي پهچڻ کان 5 منٽ بعد جج فيصلو پڙهڻ شروع ڪيو

اسلام آباد: نواز شريف جي آمد وقت سياسي قيادت لائين لڳائي بيٺي رهي ته نواز شريف کين کيڪاريندو پر ايئن نه ٿيو. نواز شريف گاڏيءَ تان لهي سڌو عمارت اندر وڃي عدالت جي ڪمري ۾ ويٺو. نواز شريف جي ويهڻ کانپوءِ پنج منٽن اندر جج محمد ارشد ملڪ فيصلو پڙهي ٻڌايو

“مون کي ڪوٽ لکپت ۾ رکو” نواز شريف جي عدالت کي درخواست

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان نواز شريف کي اڊيالا کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. فيصلو جاري ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث درخواست داخل ڪئي ته نواز شريف کي اڊيالا جيل بدران ڪوٽ لکپت جيل ۾ رکيو وڃي. عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

فيصلو ٻڌندي ئي مريم اورنگزيب ۽ پرويز رشيد جي اکين ۾ ڳوڙها

اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ عدالتي ڪمري ۾ موجود مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب ۽ پرويز رشيد جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا. احسن اقبال، اقبال ظفر جھڳڙا، حمزه شهباز ۽ ٻين اڳواڻن جا منهن لهي ويا. مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف انتقامي سياست کي منهن ڌئي رهيو آهي،هاڻي عمران خان جي حساب جو وارو اچي ويو آهي، ن ليگ ترجمان مريم اونگزيب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان جي رد عمل ۾ چيو آهي ته الحمدالله نوازشريف خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن يا ڪميشن ثابت نه ٿي،اڍائي سالن جي سخت احتساب باوجود نيب نوازشريف خلاف ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو، نه وري پنهنجي الزامن جو ڪو ثبوت ڏئي سگهيو آهي، اڄ عمران خان جا ڪوڙا الزام بي نقاب ٿي ويا. ن ليگ ترجمان جو چوڻ هو ته فواد صاحب اوهان ٻين تي الزام لڳائڻ بدران عليمه باجي جو حساب ڏيو،جهانگير ترين جي لٽيل رقم پاڪستان واپس آڻيو، فيصلو اچڻ کانپوءِ حڪومتي ٽيم بوکلاهٽ جو شڪار آهي ته نوازشريف خلاف ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي، هاڻي عمران خان جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي ۽ عمران عليمه باجي جي نالي ٺاهيل بي نامي ملڪيت جو جواب ڏي، نوازشريف 165 پيشيون ڀوڳي تاريخ رقم ڪئي، هاڻي عمران خان جي جواب ڏيڻ جو وقت آهي.

بحريا ٽائون، زرداري ۽ اومني گروپ جا اثاثا منجمند، بلاول جي ڪِچن لاءِ به اومني وارن خرچ ڪيو: چيف جسٽس

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي، عدالت ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ جي سمري تي ٻڌل وڊيو هلائي وئي

آصف زرداري تي جعلي اڪائونٽس ذريعي ذاتي خرچ ڀرڻ جو الزام، زرداري ۽ اومني گروپ، بحريا ٽائون جي ملڪيتون خريدڻ ۽ وڪڻڻ تي پابندي

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اومني گروپ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اومني گروپ جي ملڪيتن کي منجمد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي عدالت ۾ پروجيڪٽر لڳائي جي آءِ ٽي رپورٽ جي سمري هلائي وئي، جنهن ۾ آصف زرداري ۽ اومني گروپ کي جعلي اڪائونٽس جو ذميوار قرار ڏنو ويو. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس سان آصف زرداري جي ذاتي خرچن جون ادائيگيون ڪيون ويون، بلاول هائوس جي ڪتي جو کاڌو ۽ صدقي جي 28 ٻڪرن جو خرچ به جعلي بئنڪ اڪائونٽ مان ڏنو ويو. جي آءِ ٽي سربراهه ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل احسان صديقي پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۽ لاهور بلاول هائوس جا پئسا جعلي اڪائونٽ ذريعي ادا ڪيا ويا، جڏهن ته بلاول هائوس لاهور جي ايراضي زرداري گروپ جي ملڪيت آهي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ايراضي گفٽ ڪئي وئي ته پئسا ڇو ادا ڪيا ويا؟ ڇا گفٽ قبول نه ڪيو ويو هو؟ ان تي جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته زرداري گروپ 53.4 ارب رپيا قرض حاصل ڪيو هو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايان علي ڪٿي آهي؟ ڇا هوءَ بيمار ٿي پاڪستان کان ٻاهر هلي وئي؟ ڪو بيمار ٿي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ته واپس آڻڻ جو ڪهڙو طريقيڪار آهي؟ ان موقعي تي ايف آءِ اي عدالت کي اپيل ڪئي ته سمورن ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان گهرو وزارت کي درخواست ڏيو، اي سي ايل بابت اها فيصلو ڪندي. چيف جسٽس جي آءِ ٽي رپورٽ ڌرين کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي چيو ته رپورٽ تي اوهان جواب جمع ڪرايو. چيف جسٽس پاڪستان اومني گروپ جي ملڪيتن کي ڪيس جي فيصلي سان مشروط ڪندي چيو ته اهي ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي اهو پاڪستان ناهي جيڪو پهريان هو، جتي سرڪاري زمينن جي ونڊ ورڇ ڪئي ويندي هئي، جيڪڏهن ڪو پيمپر ۾ آهي ته ان سان گڏ ئي ويندو. چيف جسٽس چيو ته زرداري ۽ بلاول جي گهر جا خرچ به اهي ڪمپنيون هلائين ٿيون ۽ انهن جي ڪتن جو کاڌو ۽ هيٽر جا بل به ڪو ٻيو ڏيندو هو. جي آءِ ٽي پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بلاول فيملي جو هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ماهوار خرچ ان ڪمپنين مان ادا ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور جي بلاول هائوسز جي اڏاوت لاءِ به جعلي اڪائونٽس مان رقم منتقل ٿي. عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 31 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

نواز شريف خلاف فيصلي سان سچ سامهون اچي ويو: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نواز شريف خلاف فيصلي تي وزير اعظم عمران خان جو به رد عمل سامهون اچي ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته حڪمرانن اقتدار ۾ اچي رڳو دولت بڻائي ۽ نواز شريف جي خلاف سان سچ سامهون اچي ويو آهي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف احتساب عدالت جي فيصلي تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته وزير اعظم عمران خان کي فيصلي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته احتساب جو عمل مڪمل ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، نواز شريف جي خلاف فيصلي سان سچ سامهون اچي ويو آهي، حڪمرانن اقتدار ۾ اچي رڳو دولت بڻائي، رڳو 10 سالن ۾ 24هزار ارب رپيا قرض ورتو ويو. پر ايتري وڏي قرضي کان پوءِ به عوام جي حالت بدلي نه سگهي پر ان جي ابتڙ عوام غريب کان غريب ٿيندو ويو.

ڪيڏانهن وٺي پيا وڃو؟ نواز شريف جو جيل انتظاميا کان سوال

اسلام آباد: جڏهن نواز شريف کي پوليس ۽ انتظاميا جيل وٺي وڃڻ جي تياري ڪئي ته نواز شريف اچرج مان هنن کان پڇيو ته کيس ڪيڏانهن پيا وٺي وڃو؟ انتظاميا کيس ٻڌايو ته رات اڊيالا جيل ۾ هوندا ان بعد کيس لاهور منتقل ڪيو ويندو، جنهن تي نواز شريف روبڪار تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر بعد ۾ راضي ٿي صحيح ڪئي، ان بعد کيس پوليس تحويل ۾ اڊيالا جيل موڪليو ويو.

ڪرپشن ناهي ڪئي، ضمير مطمئين آهي: نواز شريف

مشرف وانگر ڊڄندو ناهيان، الله حوصلو ڏيندو آهي

مريم کي امان وٽ ڇڏي آيو آهيان، منهنجي ڀرپاسي بيٺل اڳواڻ پارٽي هلائيندا

اسلام آباد: سزا بعد نواز شريف کان مشرف بابت سوال پڇيو ويو ته جواب ۾ چيائين ته ”حوصلو الله پاڪ ڏيندو آهي، ڊڄندو ناهيان.“ نواز شريف اهو به ٻڌايو ته مريم نواز مون سان گڏ احتساب عدالت اچڻ پئي چاهيو پر مون کيس روڪي ڇڏيو ۽ چيوته مونسان گڏ هلندينءَ ته پريشان ٿيندينءَ. مريم پنهنجي ڏاڏيءَ سان تمام گھڻو پيار ڪندي آهي. مريم کي چيم ته منهنجي امڙ سان گڏ رهي. منهنجي امڙ روئيندي آهي ته منهنجي دل به روئيندي آهي. هن ننڍي ڀاءُ بابت پڇيل ان سوال ته ”شهباز شريف جيل ۾ آهي، اوهان به جيل وڃي رهيا آهيو ته پويان پارٽي ڪير هلائيندو؟“ جي جواب ۾ چيو ته منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هن وقت جيڪي اڳواڻ بيٺل آهن اهي پارٽي هلائيندا. نواز شريف اهو به چيو ته ڪڏهن ڪرپشن ناهي ڪئي نه ئي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. منهنجو ضمير مطمئن آهي.

گم ڪيلن جي مسئلي جي حل لاءِ آرمي چيف سان ملڻو پوندو: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان کنڀيلن جي مسئلي جي حل لاءِ اختر مينگل کي آرمي چيف سان ملاقات جي صلاح ڏني آهي. بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقت ڪيم، هن ٻڌايو گم ڪيلن جي مسئلي جي حل لاءِ آرمي چيف سان ملاقات ضروري آهي، مون چيو مانس ته آرمي چيف سان هر جاءِ ۽ هر وقت ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هن وڌيڪ چيو ته گم ڪيلن جي مسئلي جو حل ئي بلوچستان جي معاملن جي نبيري جي چاٻي آهي.

شاهد خاقان، مهتاب عباسي ۽ ٻين کي عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه ملي

اسلام آباد:مريم اورنگزيب کانپوءِ ن ليگي قيادت راجا ظفرالحق، احسن اقبال، بيريسٽر ظفرالله ۽ ٻيا پهتا جن کي به پوليس اجازت ملڻ کانپوءِ عمارت اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. پر اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، سردار مهتاب عباسي سميت ٻين کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي. هڪ موقعي تي سيڪيورٽي اهلڪارن شاهد خاقان عباسي کي چيو ته اوهان اڪيلا اندر وڃو جنهن تي هن انڪار ڪندي چيو ته ”مون سان ويهارو کن ماڻهو آهن انهن کي مون سان گڏ ڇڏيو!“ انتظاميا ان تي انڪار ڪيو ۽ هو تيستائين ٻاهر بيٺو رهيو، جيستائين پوليس ن ليگ جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ آنسو گئس جو استعمال نه ڪيو.
ڪارڪن نواز شريف کي عدالت وڃڻ کان روڪيندا رهيا
اسلام آباد: ٺيڪ 2 لڳي 15 منٽن تي نواز شريف عدالتي عمارت ۾ داخل ٿيو. گاڏيءَ تي گل ورکا ٿيل هئي ڇو جو ڪارڪنن سندس ڪشمير هاءِ وي تي استقبال ڪيو ۽ کيس عدالت ۾ وڃڻ کان روڪيو،
نواز شريف جي پهچڻ کان 5 منٽ بعد جج فيصلو پڙهڻ شروع ڪيو
اسلام آباد: نواز شريف جي آمد وقت سياسي قيادت لائين لڳائي بيٺي رهي ته نواز شريف کين کيڪاريندو پر ايئن نه ٿيو. نواز شريف گاڏيءَ تان لهي سڌو عمارت اندر وڃي عدالت جي ڪمري ۾ ويٺو. نواز شريف جي ويهڻ کانپوءِ پنج منٽن اندر جج محمد ارشد ملڪ فيصلو پڙهي ٻڌايو
“جائين تو جائين ڪهان” سزا بعد نواز شريف جو شاعراڻو انداز
سمجھيگا ڪون يهان، اي دل ڪهين اور چل، ڍوند لي اب ڪوئي گھر نيا
اسلام آباد: سزا ٻڌڻ کانپوءِ صحافين نواز شريف سان غير رسمي سوال ڪيا جن جي جواب ۾ نواز شريف هڪ شعر پڙهيو ته“جائين تو جائين ڪهان، سمجھيگا ڪون يهان” ۔۔”ان سان گڏ ئي نواز شريف هڪ انڊين فلم جو گانو ڳايو ته “اي ميري دل ڪهين اور چل، ڍوند لي اب ڪوئي گھر نيا”.
ڪرپشن ناهي ڪئي، ضمير مطمئين آهي: نواز شريف
مشرف وانگر ڊڄندو ناهيان، الله حوصلو ڏيندو آهي
مريم کي امان وٽ ڇڏي آيو آهيان، منهنجي ڀرپاسي بيٺل اڳواڻ پارٽي هلائيندا
اسلام آباد: سزا بعد نواز شريف کان مشرف بابت سوال پڇيو ويو ته جواب ۾ چيائين ته ”حوصلو الله پاڪ ڏيندو آهي، ڊڄندو ناهيان.“ نواز شريف اهو به ٻڌايو ته مريم نواز مون سان گڏ احتساب عدالت اچڻ پئي چاهيو پر مون کيس روڪي ڇڏيو ۽ چيوته مونسان گڏ هلندينءَ ته پريشان ٿيندينءَ. مريم پنهنجي ڏاڏيءَ سان تمام گھڻو پيار ڪندي آهي. مريم کي چيم ته منهنجي امڙ سان گڏ رهي. منهنجي امڙ روئيندي آهي ته منهنجي دل به روئيندي آهي. هن ننڍي ڀاءُ بابت پڇيل ان سوال ته ”شهباز شريف جيل ۾ آهي، اوهان به جيل وڃي رهيا آهيو ته پويان پارٽي ڪير هلائيندو؟“ جي جواب ۾ چيو ته منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هن وقت جيڪي اڳواڻ بيٺل آهن اهي پارٽي هلائيندا. نواز شريف اهو به چيو ته ڪڏهن ڪرپشن ناهي ڪئي نه ئي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. منهنجو ضمير مطمئن آهي.
ڪيڏانهن وٺي پيا وڃو؟ نواز شريف جو جيل انتظاميا کان سوال
رات توهان اڊيالا جيل ۾ هوندا، بعد ۾ لاهور منتقل ڪيو ويندو: پوليس اهلڪار جو جواب
ن ليگ جي قائد پهرين روبڪار تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو بعد ۾ راضي ٿي ويو
اسلام آباد: جڏهن نواز شريف کي پوليس ۽ انتظاميا جيل وٺي وڃڻ جي تياري ڪئي ته نواز شريف اچرج مان هنن کان پڇيو ته کيس ڪيڏانهن پيا وٺي وڃو؟ انتظاميا کيس ٻڌايو ته رات اڊيالا جيل ۾ هوندا ان بعد کيس لاهور منتقل ڪيو ويندو، جنهن تي نواز شريف روبڪار تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر بعد ۾ راضي ٿي صحيح ڪئي، ان بعد کيس پوليس تحويل ۾ اڊيالا جيل موڪليو ويو.

احتساب عدالت جو فيصلو تاريخي آهي، نواز شريف دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن ۾ شامل آهي: فواد چوڌري

حڪومت تي انتقامي ڪارروائي جو الزام مڙهيو پيو وڃي، اصل انتقام عمران خان کان ورتو ويو

نواز شريف کي ٻار بچائڻ لاءِ نه آيا، حسين ۽ حسن ڏيهه ورندا ته کين سزا ملندي: وفاقي وزير
وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته احتساب عدالت جو فيصلو تاريخي آهي، نواز شريف دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن ۾ شامل آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت تي انتقامي ڪارروائي جو الزام مڙهيو پيو وڃي، پر اصل انتقام عمران خان کان ورتو ويو هو، کانئس 40 سالن جي ملڪيت ۽ ڪاروبار جا ثبوت ۽ دستاويز گهريا ويا هئا. فواد چوڌري چيو ته نواز شريف کي ٻار بچائڻ لاءِ نه آيا، حسين ۽ حسن ڏيهه ورندا ته کين سزا ملندي.

اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ ليگي ڪارڪنن تي دھشتگردي ڪيس داخل

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد ۾ پوليس پٿراءَ جو نون ليگ ڪارڪنن تي ڪيس داخل، دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا، احتساب عدالت ٻاهران ن ليگ ڪارڪنن پاران پوليس اهلڪارن تي پٿراءِ واري معاملي جو رمناني ٿاڻي تي ن ليگ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ڏنڊن ۽ پٿرن سان ڪارڪنن اهلڪارن کي حملو ڪري زخمي ڪيو، جوابدارن سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪري خوف ۽ هراس پکيڙي پکيڙيو، جيڪو دهشتگردي ايڪٽ ۾ اچي ٿو.

”هم تو هين پٿر ڪي لوگ، يه دُک بهي سهه لينگي“: نوازشريف جو فيصلي تي شاعراڻو تبصرو

نواز شريف

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ شاعراڻي انداز ۾ مختصر گفتگو ڪئي، نوازشريف ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”هم تو هين پٿر کي لوگ، يه دک به سهه لينگي ، جائين تو جائين ڪهان، ڪوئي سنتا هي ڪهان؟“ سندس چوڻ هو ته ڪرپشن نه ڪرڻ تي ضمير مطمئن آهي.

سنڌ ۾ گيس بندش آئيني ڀڃڪڙي قرار، سينيٽ ڪاميٽي ۾ ميمبرن جو احتجاج

صوبي ۾ گيس کپت گھٽ ۽ پيداوار گھڻي آهي، گئس فراهمي ناهي ٿي: امام الدين شوقين

70 سيڪڙو گئس ڏيندڙ صوبي جي گيس بند، سنڌ واسي سراپا احتجاج آهن:شيري رحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پيٽروليم ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ مان چونڊيل ميمبرن 70 سيڪڙو گئس پيداوار ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ گيس لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪندي ان عمل کي آئين جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. سنڌ جي ميمبرن پاران سئي سدرن گئس ڪمپني جي بريفنگ تي عدم اطمينان جو اظهار تفصيل موجب سينيٽر محسن عزيز جي سربراهي ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران سنڌ ۾ گئس لوڊشيڊنگ واري مامري تي غور ڪيو ويو. ڪاميٽي اجلاس ۾ احتجاج ڪندي سنڌ مان چونڊيل سينيٽر امام الدين شوقين چيو ته سنڌ ۾ ايڪسپورٽ صنعت کي گئس فراهمي بند ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ گيس جي کپت گھٽ ۽ پيداوار گھڻي آهي پر ان هوندي به سنڌ ۾ اڄ به گئس جي فراهمي نه ٿي آهي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته سنڌ 70 سيڪڙو گئس جي پئداوار ڏئي ٿي. سنڌ جي گئس ڪاڏي وڃي رهي آهي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج آهن. گئس جو مامرو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ڪيس آهي پر حڪومت آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي سسئي پليجو چيو ته آئين چوي ٿو ته قدرتي گئس سميت قدرتي وسيلن جي پئداوار تي پهريون حق پئداوار ڏيندڙ صوبي جو آهي پر ائين نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پهريان تحريڪ انصاف چوندي هئي ته نواز حڪومت ننڍن صوبن کي نظرانداز ڪري رهي آهي، هن وقت نواز حڪومت نه آهي پر جنهن پاليسي جو تحريڪ انصاف ذڪر ڪندي هئي اها تبديل نه ٿي آهي. سنڌ ۾ گئس لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي فوري حل ڪيو وڃي. سئي سدرن گئس ڪمپني جي مينيجنگ ڊاريڪٽر امين راجپوت ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته 115 ملين مڪعب فٽ روزاني جو شارٽ فال آهي. ڪاميٽي جي ميمبر سينيٽر شيري رحمان چيو ته سنڌ جا چلها وسامي چڪا آهن، اوهان ڪيئن ٿا چئو ته مسئلو حل ٿي ويو آهي. شيري رحمان چيو ته سنڌ حڪومت سئي سدرن جي جواب مان مطمئن نه آهي. سئي سدرن جي ايم ڊي چيو ته 660 ايم ايم سي ايف ڊي گئس گھريلو ۽ ڪمرشل شعبي کي ڏيئي رهيا آهيون. هن چيو ته زيرو ريٽڊ صنعت کي 165 ايم ايم سي ايف ڊي گئس مهيا ڪري رهيا آهيون. سئي سدرن جي مئنيجنگ ڊاريڪٽر چيو ته عام صنعت کي 75 ملين مڪعب فٽ گئس ڏني پئي وڃي. هن چيو ته 65 ايم ايم سي ايف ڊي گئس سي اين جي جي شعبي کي ملي رهي آهي. ايم ڊي چيو ته 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪي اليڪٽرڪ کي مهيا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان کي هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي. جنهن تي سينيٽر شيري رحمان چيو ته نه، اهڙي طرح ته سيارو ئي گذري ويندو. هن چيو ته ماڻهو چئي رهيا آهن ته وٽن گئس ڪونهي ۽ سئي سدرن تفصيلن پيش ڪرڻ لاءِ هڪ هفتو گھري رهي آهي. تنهن تي ايس ايس جي سي جي سربراھ چيو ته مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هن سال ڪيپٽوَ بجلي گھرن لاءِ گئس جي رسد بند ڪئي آهي. ايم ڊي چيو ته چئن ڏينهن ۾ لوڊ مئنيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان گھريلو گئس جي رسد وارو مسئلو حل ٿي ويندو. سينيٽر امام الدين شوقين چيو ته سنڌ گئس جي پئداوار ڏئي ٿي پر اسان کان ٻاهريان گھرايل گئس واريون قيمتون ورتيون پيون وڃن. هن چيو ته نئين ڪنيڪشنن ۾ قيمتون ڇو ٿيون وڌايون وڃن. سينيٽر امام الدين شوقين چيو ته اها سنڌ سان زيادتي آهي. ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر محسن عزيز چيو ته قلات، زيارت، مستونگ ۾ گئس پريشر جو مسئلو هو اهو حل ڪيو ويو جيڪو رڳو پندرنهن ڏينهن ٺيڪ رهيو. سئي سدرن جي ايم ڊي ڇيو ته مستونگ ڏانهن ويندڙ پائيپ لائين ۾ مسئلو آهي ان کي ٺيڪ ڪيو ويندو. سئي ناردرن گئس پائيپ لائين جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر امجد لطيف چيو ته اسان جو گئس لاسز 2014-15 ۾ 10.9 سيڪڙو هو. هن چيو ته 2016-17 ۾ اسان جو گئس لاسز 39 هزار 268 ملين مڪعب فٽ هو جيڪو 8.8 سيڪڙو ٿئي ٿو. ايم ڊي ناردرن گئس چيو ته 2016-17 ۾ پنجاب ۾ 7.31 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخواھ ۾ 21.7 سيڪڙو لائين لاسز هئا. هن چيو ته ڪرڪ ۾ گئس چوري بابت ڪاميٽيءَ خيبرپختونخواھ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو. سئي سدرن جي ايم ڊي چيو ته بلوچستان ۾ زيارت، قلات ۾ مسئلو آهي جتي 25 هزار روپين تائين بل اچي ٿو ۽ ماڻهو اهو بل ادا نه ٿا ڪري سگھن. هن چيو ته انهن علائقن لاءِ 2000 فڪس ٽيرف جي تجويز آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ 49 سيڪڙو لائين لاسز آهي. ڪاميٽي جي چيئرمين چيو ته 2000 هزار جو بل سمجھ کان ٻاهر آهي.

پ پ جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، 26 ڊسمبر تي حڪمت عملي پڌري ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت ۽ جي آءِ ٽي ۾ ڳٺ جوڙ آهي، رپورٽ مخالفن ٺاهي: نيئر بخاري/فرحت الله بابر

بشير ميمڻ بغض رکي ٿو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر بيگناهه آهن: شيري الرحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، 26 ڊسمبر تي حڪمت عملي واضح ڪرڻ جو فيصلو، اسلام آباد ۾ پيپلز پاڙتي جي اڳواڻن نيئر بخاري، فرحت الله بابر ۽ شيري رحمان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي سسئي پليجو، نذير ڌوڪي ۽ ٻيا به موجود هئا. پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اسان جي سياسي مخالفن ٺاهي آهي. پهرئين ڏينهن کان بشير ميمڻ اسان سان پنهنجي دل ۾ بغض رکي ٿو. 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف جي آءِ ٽي رپورٽ ٺهي هئي ۽ هاڻي آصف زرداري خلاف جي آءِ ٽي رپورٽ ٺاهي وئي آهي. اسان کي اڃا تائين جي آءِ ٽي جي تصديق ٿيل رپورٽ نه ملي آهي. الزام ثابت ٿيڻ تائين آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور بيگناھ آهن. هن چيو ته پارڪ لين ڪمپني جو جڏهن بنياد رکيو ويو تڏهن بلاول ڀٽو جي عمر هڪ سال هئي. پيپلز پارٽي ريفرنسن کان گھٻرائڻ واري نه آهي. پيپلز پارٽي جي 26 ڊسمبر تي ٿيندڙ سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وڏا فيصلا ڪيا ويندا. پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته اسان گھٻرائڻ وارا ناهيون، ٻڌايو وڃي ته وزير اعظم جو خصوصي معاون ايف آئي اي ۾ ڇا ڪري رهيو هو. احتساب سڀني جو ٿيڻ کپي، ٻٽو معيار نه هجڻ کپي. حڪومت اپوزيشن کي دٻائڻ چاهي ٿي ته اسان جا وڪيل عدالت ۾ ثابت ڪندا ته جي آءِ ٽي رپورٽ جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي. پيپلز پارٽي جو هڪ طرفو احتساب ٿي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته حڪومت ۽ جي آءِ ٽي جو ڳٽ جوڙ نظر اچي رهيو آهي. احتساب جي آڙ ۾ انتقام ورتو پيو وڃي.