اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته آصف زرداري جا گهوڙا صوفن جا مربا کائيندا هئا، سنڌ جون 50 سيڪڙو شگر ملون آصف زرداري ۽ سندس دوستن جون آهن، انهن ملز کي سنڌ بينڪ کان ڳاٽي ٽوڙ قرض ڏياريا ويا، سنڌ بينڪ پنهنجي اصل موڙي کان وڌيڪ قرض ڏنا.
اسلام آباد ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي زندگي بابت تصويري نمائش، قائد اعظم جي زندگيءَ بابت تصويرون ماڻھن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل
لوڪ ورثا ۾ “لائيف جناح” جي موضوع تي تصويري نمائش ٿي، فواد چوڌري جي شرڪت
قائداعظم جديد اسلامي رياست جو بنياد رکيو: وفاقي وزير اطلاعات فواد چڌري جون ڳالهيون
اسلام آباد (نيشنل نيوز) اسلام آباد جي لوڪ ورثي ۾ ملڪ جي باني قائد محمد علي جناح جي زندگي تي “لائف آف جناح” جي عنوان هيٺ تصويري نمائش ٿي گذري، جنهن ۾ وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات فواد حسين چوڌري سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محمد علي جناح جي زندگي جي حوالي سان مختلف تصويرون نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات فواد چوڌري چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح جديد اسلامي رياست جو بنياد رکيو، هو روشن خيال اڳواڻ هو، جيڪو انتهاپسندي جو سخت مخالف هو. سندس چوڻ هو ته محمد علي جناح پنهنجي دور جو خوش لباس ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان قائد اعظم جي فڪر کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، جڏهن ته قائد اعظم ڪرپشن خلاف خدشن جو اظهار ڪيو هو. وفاقي وزير چيو ته ڪرپشن غربت سان جڙيل آهي، قوم ڪرپشن ڪيسن جي حوالي سان عدالتي فيصلن جو انتظار ڪري رهي آهي، جڏهن ته ماڻهو بيوقوف ناهن جو ڪنهن جي پرڏيهه ۾ پيل ملڪيت بچائڻ لاءِ گهرن کان نڪرندا. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن سبب ترقي جا رستا بند ٿي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان نئين پاڪستان جو بنياد رکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نجي اسڪولن لاءِ هڪ مڪمل پاليسي ڏني وئي آهي. فواد چوڌري چيو ته ڳالهين سان مسئلن جو حل نڪري ايندو آهي.
سُپريم ڪورٽ اومني گروپ جا اڪائونٽس منجمد ڪري ڇڏيا

لاهور (رپورٽر) سُپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي رپورٽ کانپوءِ اومني گروپ جا اڪائونٽس منجمد ڪري ڇڏيا. سُپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۽ غيرقانوني اڪائونٽس ذريعي رقمن جي منتقلي واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ ٿي، جنهن دوران جي آءِ ٽي طرفان پيش ڪيل رپورٽ پروجيڪٽرز ذريعي ڏيکاري وئي. سُپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ اومني گروپ جا اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
آصف ۽ بلاول جي ڪتن جي گوشت ۽ لانڊري جا بل به جعلي اڪائونٽس مان ادا ٿيا: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول جو سوا ڪروڙ رپيا خرچ اومني ادا ڪندي هئي، جڏهن ته سندن ڪتن جو گوشت ۽ هيٽر توڙي لانڊري جا بل به جعلي اڪائونٽس مان ادا ڪيا ويندا هئا.
نواز شريف جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻ ۾ باقي ٿورو وقت
نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي فيصلو اڄ جاري ڪيو ويندو، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ
فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ وڏي انگ ۾ ليگي ڪارڪن اسلام آباد جي احتساب عدالت پهتل

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي محفوظ ڪيل فيصلو اڍائي وڳي تائين جاري ٿيڻ جا امڪان آهن. احتساب عدالت جو جج ارشد ملڪ طرفان فيصلو جاري ڪرڻ دوران نواز شريف جي عدالتي ڪمري ۾ موجود هجڻ جا امڪان آهن. فيصلو جاري ٿيڻ کان نواز ليگ جا ڪارڪن توڙي اڳواڻ وڏي انگ ۾ احتساب عدالت پهچي ويا آهن. فيصلي کان اڳ انتظاميا طرفان اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا. واضح رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان سُپريم ڪورٽ کان آخري مهلت ملڻ بعد العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
انڌي انتقام جي آخري هڏڪي: مريم نواز جو عدالتي فيصلي تي ردعمل
اڍائي سالن جي ڊگهي انتقام جهڙي احتساب باوجود ڪرپشن ثابت ناهي ٿي: مريم نواز

لاهور ( م ڊ ) نوازشريف جي نياڻي مريم نواز احتساب عدالت جي فيصلي کي انڌو انتقام قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ کي شخص کي چوٿون ڀيرو سزا انڌي انتقام جي آخري هڏڪي آهي.
مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي چيو ته اڍائي سالن جي ڊگهي انتقام جهڙي احتساب ۽ ٽن نسلن کي جاچڻ کانپوءِ هڪ ٽڪي جي به ڪرپشن ثابت نه ٿي، نه ڪڪ بيڪ ۽ ڪميشن ۽ نه ئي سرڪاري خزاني ۾ ردي برابر به خيانت ثابت ٿي.
مريم نواز چيو ته جيترا به فيصلا آيا، نوازشريف جي مرحوم والد جي ذاتي ڪاروبار جي حوالي سان آيا، انهن ۾ به ڪجهه نه مليو ته مفروضن تي سزائون ڏنيون ويون، اڄوڪو فيصلو نوازشريف جي امانت، سچائي ۽ ايمانداري تي هڪ وڌيڪ مهر آهي.
ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته انشاء الله فيصلا ختم ٿي ويندا، نوازشريف جي سچائي ۽ مخالفن تي ظلم جو بار رهجي ويندو، جنهن کي اهي ڳوليندا وتندا، حڪومت، اختيار ۽ طاقت هوندا ئي ختم ٿيڻ لاءِ آهن، وقت ۽ حالتون تبديل ٿيندي دير ناهي لڳندي، ياد رکو، ظلم جڏهن وڌندو آهي ته مٽجي ويندو آهي.
سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمينن تان قبضا هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي رپورٽ طلب
ريلوي جي زمين گهرن جي اڏاوت لاءِ ليز تي نه ڏني وڃي: سپريم ڪورٽ جو حڪم
ريلوي جي زمين ريلوي جي نه، وفاقي سرڪار جي ملڪيت آهي: سپريم ڪورٽ
اسلام آباد ( م ڊ) سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمينن تان قبضا هائڻ ۽ ايندڙ حڪم تائين هائوسنگ سوسائٽيز لاءِ زمين ليز تي نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ريلوي جي زمين ريلوي جي نه وفاقي سرڪار جي ملڪيت آهي.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ريلوي جي زمينن تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ريلوي وارو وزير شيخ رشيد به پيش ٿيو.
سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمينن تان حد دخليون هٽائي ايندڙ حڪم تائين زمينون هائوسنگ سوسائٽيز جي قيام لاءِ ليز تي نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريلوي جي زمين بابت سمورين هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالت جا اسٽي آرڊرز به طلب ڪري ورتا.
ٻڌڻي دوران وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته ريلوي جي زمين ريلوي جي ئي آهي، جيڪا ريلوي جي مقصدن لاءِ ئي استعمال ڪري سگهجي ٿي
پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر پٽڙي تان لاٿو ويو آهي: نوازشريف
ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، وڌيڪ زيادتي ڪري به نه ٿي سگهجي: اڳوڻو وزيراعظم
ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، جو ڪنڌ جهڪائڻو پوي، اميد ته انصاف ملندو
اسلام آباد (م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر پٽڙي تان لاٿو ويو آهي، مونکي ڪنهن به قسم جو ڊپ ناهي، ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، تنهنڪري وڌيڪ زيادتي ڪري به نه ٿي سگهجي، اهڙو ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، جنهن جي ڪري ڪنڌ جهڪائڻو پوي، اميد آهي ته انصاف ملندو.
العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي فيصلي کان اڳ پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته موجوده سرڪار عوامي ترقي جي سفر تي راتاهو هنيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي پٽڙي تان لاٿو ويو آهي.
نوازشريف چيو ته سندس خلاف ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، تنهنڪري ساڻس وڌيڪ زيادتي ڪري به نه ٿي سگهجي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن ايمانداري سان ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪئي، ڪرپشن ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال به ناهي ڪيو،
نوازشريف چيو ته مونکي ڪنهن به قسم جو ڊپ ناهي، ضمير مطمئن آهي، ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، جنهن جي ڪري ڪنڌ جهڪائڻو پوي
پروفيسر جو هٿڪڙين ۾ موت، سرگوڌا پوليس جا 3 اهلڪار معطل
پروفيسر جاويد احمد جي موت جا ذميوار پوليس گارڊز جا اهلڪار قرار
ايمرجنسي پوليس گارڊز جي اهلڪارن حد کان وڌيڪ محتاط ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي: رپورٽ
لاهور (م ڊ) سرگوڌا يونيورسٽي جي پروفيسر جاويد احمد جي هٿڪڙيون لڳل موت واري معاملي تي فرضن ۾ غفلت جي الزام هيٺ 3 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. لاهور پوليس جي ترجمان موجب ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور محمد وقاص نذير جي هدايت تي ايس پي ايڊمن سيد ڪرار حسين پروفيسر جي هٿڪڙيون لڳل موت جي معاملي جي جاچ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن موجب ايمرجنسي پوليس گارڊز جي اهلڪارن قانون تي عمل لاءِ حد کان وڌيڪ محتاط ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هٿڪڙيون نه کولڻ ۾ انهن اهلڪارن جي بدنيتي شامل نه هئي. لاهور پوليس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايمرجنسي پوليس گارڊز جي انچارج اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر عبدالقيوم، هيڊ ڪانسٽيبل محمد اعظم ۽ ڪانسٽيبل عمران کي فرضن ۾ غفلت تي معطل ڪيو ويو آهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان بهتر لاڳاپن ۾ آرمي چيف جو ڪردار آهي: پرويز الاهي
لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، قومي سلامتي ۽ ٻڌي لاءِ آرمي چيف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته آمريڪا، ايران ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپن جي بهتري ۾ قمر جاويد باجوه جي خاموش ڊپلوميسي شامل آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي تنهائي ختم ڪرڻ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته امن قائم ڪرڻ ۽ ٻڌي لاءِ آرمي چيف جون خدمتون تاريخ جو هڪ روشن باب آهن. پرويز الاهي چيو ته عالمي سطح تي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آرمي چيف جي دوري جو اعتراف ڪيو پيو وڃي، جنرل قمر جاويد باجوه جي دورن سان گڏيل اعتماد جي فضا پيدا ٿي آهي. هن چيو ته ڪرتارپور جي افتتاح سان ڀارتي قيادت سفارتي محاذ تي بيڪ فوٽ تي نظر آئي.
آسيا بي بي کي آزاد ڪرڻ وارو فيصلو عالمي دٻاءُ جو نتيجو آهي: فضل الرحمان
دٻاءُ ۾ ڪيل سپريم ڪورٽ جو فيصلو نٿا مڃيون، ڇا چيف جسٽس آسيا جي ڳوٺ وڃي جاچ ڪئي؟
حڪومت ملڪ جي نظرياتي سڃاڻپ ختم ڪرڻ چاهي ٿي، حڪمرانن ڊالر 145 رپين تائين پهچائي ڇڏيو
مظفر ڳڙهه (م ڊ) متحدا مجلس ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪوڙي حڪومت ملڪ جي نظرياتي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر عوام ان ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو. مظفر ڳڙهه ۾ تحفظ ناموس رسالت ملين مارچ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نئين حڪومت 10 سالن کان بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، معيشت سنڀالڻ ۽ غريبن کي گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر ٽن مهينن اندر ڊالر 145 رپين تائين پهچي ويو ۽ پني پني مُنهن جي ڦِري ويو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت اولهه جي دٻاءَ ۾ اچي آسيا بي بي کي آزاد ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو عالمي دٻاءَ ۾ ڪيو ويو، جنهن کي اسان نٿا مڃون، چيف جسٽس وڏا وڏا بار کنيا آهن، هو ڊيم به ٺاهي پيو ڏئي ۽ آبادي به ڪنٽرول ڪري رهيو آهي، ڇا چيف جسٽس ايترو عوامي بڻجڻ کانپوءِ به آسيا بي بي جي ڳوٺ وڃي ڪيس جي جاچ ڪئي؟ هن چيو ته نون نعرن ۽ نئين رنگ جي سياست سان مديني جهڙي رياست جي نالي تي قوم کي دوکو ڏنو پيو وڃي.
مريم نواز جي 5 مهينن کان سوشل ميڊيا تي واپسي
لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز 5 مهينن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي واپسي ڪئي آهي. مريم نواز جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ان کان اڳ ٽوئيٽ 24 جولاءِ تي ڪيو ويو، جيڪو چونڊن جي حوالي سان هو. مريم نواز 5 مهينن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي فعال ٿي آهي ۽ هن ٽوئيٽ ۾ پيءُ ۽ مرحوما ماءُ جي تصوير پوسٽ ڪندي سندن لاءِ دعا ڪئي آهي. مريم نواز لکيو آهي ته مان آخري ڀيرو ماءُ کي ڪفن ۾ ڏٺو هو ۽ آخري ڀيرو پيءُ کي کلندي پنهنجي ماءُ سان گڏ ڏٺو، الله پاڪ توهان ٻنهي تي رحم ڪري. ٻئي پاسي نواز شريف جي لاهور مان اسلام آباد روانگي جي موقعي تي مريم نواز کيس رخصت ڪندي چيو ته توهان جي ڪارڪن بڻجي توهان جي انصاف لاءِ ڪردار ادا ڪندس. ذريعن موجب مريم نواز والد نواز شريف کي چيو ته توهان کي عوام کان پري رکڻ وارا فيصلا بي بنياد ۽ مفروضن تي ٻڌل آهن. احتساب عدالت طرفان سڀاڻي نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو فيصلو ٻڌايو ويندو ، ان سلسلي ۾ نواز شريف لاهور کان اسلام آباد پهچي ويو آهي.
نواز ۽ زرداري خلاف اهم فيصلو اچڻ وارو آهي! نعيم الحق
لاهور ( م ڊ ) وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ جون حقيقتون سڀني سامهون اچي ويون آهن، اسان کي پڪ آهي ته مون کي پڪ آهي ته ملڪي دولت لٽيندڙن کي سزا ضرور ملندي. لاهور ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ اعجاز چوڌري جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي نعيم الحق چيو ته ماضي جي حڪمرانن غريب عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، زرداري ۽ نواز شريف جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن تي وڌيڪ نه ڳالهائيندس پر ڪرپٽ حڪمرانن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ تائين نظام مان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي قيادت ارب پتي آهي، آصف زرداري ۽ نواز شريف بيدردي سان ملڪ مان ڦرلٽ ڪئي، سندن ملڪ ۾ موجود ملڪيت ضبط ٿيڻ گهرجي. نعيم الحق چيو ته نواز شريف جي ذهن ۾ آهي ته هر حال ۾ کيس يا وري سندس اولاد کي اقتدار ۾ رهڻ گهرجي، سندن ذهنن ۾ اقتدار سان چنبڙي رهڻ ئي سياست آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين سان سهڪار جي فضا پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ميان شهباز شريف جي مخالف ڌر اڳواڻ ٿيڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
جولاءِ کان آڪٽوبر تائين خانگي شعبي 360 ارب رپين جو قرض کنيو: اسد عمر
اسلام آباد ( م ڊ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جولاءِ کان آڪٽوبر تائين خانگي شعبي ٽيڻ تي وڌيڪ قرض حاصل ڪيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي اسد عمر چيو ته هلندڙ سال جولاءِ کان آڪٽوبر خانگي شعبي 360 ارب ارپين جا قرض حاصل ڪيا، جڏهن ته گذريل سال ساڳي عرصي ۾ خانگي شعبي 110 ارب رپين جا قرض ورتا. هن چيو ته هلندڙ سال جولاءِ کان نومبر زرعي قرض 36 سيڪڙو وڌي 212 ارب تائين پهچي ويا، جڏهن ته گذريل سال ساڳي عرصي ۾ زرعي شعبي 156 جا قرض ورتا.
ڀاشا ۽ مهمند ڊئمن لاءِ فنڊ ۾ 8 ارب رپيا جمع، 14 کربن جي ضرورت
وزيراعظم ۽ چيف جسٽس فنڊ ۾8 ارب 89 ڪروڙ، 25 لک 9 هزار 579رپيا جمع ٿي چڪا
اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ ۾ سپريم ڪورٽ پاران ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ قائم ڪيل فنڊ ۾ جمع ٿيل رقم جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب 23 ڊسمبر 2018 تائين سپريم ڪورٽ ۽ وزير اعظم جي ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن لاءِ قائم ڪيل فنڊز ۾ 8 ارب 89 ڪروڙ، 25 لک 9 هزار 579رپيا جمع ٿيا آهن. جڏهن ته ڊيم ٺاهڻ لاءِ 14 ارب دالرن کان وڌيڪ رقم جي ضرورت آهي.