fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

مسئلا حل نٿا ٿين، ڄامشور ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ عورت ميمبر جو ڳائي احتجاج

ڪوٽڙي: اجلاس ۾ آراضي سان تعلق رکندڙ عورت ميمبر سلطان گنڀير ڪم نه ٿيڻ تي گيت ڳائيندي پنهنجي شڪايت رڪارڊ ڪرائي ته ادا تون ڪير آھين اسان کي توهان سيوهڻ مان ڇو گهرايو الله الله ، هو هو اسان کي اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو ،ڇو گهرايو ويو، اسان جا مسئلا حل ناهن ٿيندا ته اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو،اجلاس ۾ عورت ميمبر چيو ته 52 ڪروڙ .32 لک ڪيڏانهن ويا ڪٿي خرچ ٿيا اسان کي اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو،عورت ميمبر چيو ته اسان کي اجلاس ۾ پاڻي جي بوتل ملي ٿي پر چانھ جو ڪوپ ملي ناهي سگهيو، جنهن تي ٽاڪڙو مچي ويو.

گذريل سال جا ٽينڊر جاري نه ٿيا، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل پاران 18 ڪروڙ جون نيون اسڪيمون منظور

ڪوٽڙي تعلقي لاءِ 4 ڪروڙ 76، لک، ٿاڻي بولا خان لاءِ 4 ڪروڙ 69 لک، مانجھند لاءِ 4 ڪروڙ 88 لک منظور ڪيا ويا

سيوهڻ لاءِ 4 ڪروڙ 20 لک رپين جون اسڪيمون منظور، ميمبرن پاران گذريل اسڪيمن جا ٽينڊر جاري نه ٿيڻ جون دانهون

ڪوٽڙي: گذريل سال جا ٽينڊر جاري نه ٿي سگھيا آهن، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل پاران 18 ڪروڙ جون نيون اسڪيمون منظورڪيون ويون آهن. ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ضلع چئيرمين ملڪ شاهنواز جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو آھي، اجلاس ۾ 27 ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جو وائيس چئيرمين صادق شورو پهچي نه سگهيو. اجلاس ۾ گذريل سال جي اجلاس جي ڪاروائي جي بحالي، هلندڙ مالي سال 2018.19 ۾ ميمبرن پاران ڏنل اسڪيمن جي بحالي ۽ ٻين مسئلن بابت ڏنل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ اسڪيمن تي خرچ جو ڪاٿو 18 ڪروڙ 36 لک 79 هزار رکيو ويو آھي اجلاس ۾ ضلع ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاهنواز ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪيمن ۾ ضلعي جي سڀني ميمبرن کي برابري جي بنياد تي اسڪيمون ڏنيون آھن ٿاڻي بولاخان تعلقي لاء 4 ڪروڙ ،69.لک،63 هزار رکيا آھن اهڙي طرح ڪوٽڙي تعلقي لاء 4 ڪروڙ 76 لک 29 هزار ،مانجهند تعلقي لاء 4 ڪروڙ 88 لک ،78 هزار،سيوهڻ تعلقي لاء 4 ڪروڙ ،2 لک ،80 هزار مختص ڪيا آھن ميمبرن اسڪيمون فائنل ڪري ڏنيون آھن انهن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو،اجلاس ۾،ميمبرن سلطانه گنڀير،پير بخش ڇڇر،سسئي راجپر،زمان کوسو ،۽ ٻين ميمبرن اجلاس ۾ گذريل ٽن سالن ۾ ڪم ڪار نه ٿيڻ توڙي پنهنجي تڪن ۾ پيئڻ پاڻي جي کوٽ،اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ،گندگي توڙي ترقياتي اسڪيمون نه ڏيڻ ۽ آفيسرن پاران نظر انداز ڪرڻ جون دانهون ڪيون ويون ،اجلاس ۾ ميمبرن آفيسرن جي غيرموجودگي تي دانهيدي چيو ته جڏهن اجلاس ۾ آفيسر ناهن ته پنهنجا مسئلا ڪنهن آڏو پيش ڪيو آفيسر ضلعي ۾ پنهنجي من ماني هلائن پيا خالي پنهنجا ڪم ڪن ٿا باقي عوام جو ڪجھ به نٿو ٿئي. اجلاس ۾ ميمبرن سلطان کنڀير،سسئي راجپر،پير بخش ڇڇر،زمان کوسو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو گذريل ٽن سالن جو اسڪيمون اسان جو ڪيڏانهن ويون ان تي توج ڇو نه ڏني وئي اسان کي عوام ووٽ ڏئي ڪائونسل ۾ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاء موڪليو آھي اسان هڪ به عوام جو هن نظام ذريعي ڪم ناهي ڪيو ووٽرن کي ڪهڙو جواب ڏينداسين ،اجلاس ۾ ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل اسڪيمون نه ملڻ واري معامري تي ايوان جي ميمبرن کي آگاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄاڻايل ميمبرن ڊاڪٽر ڀون مل کي مداخلت ڪرڻ کان روڪيندي ضلع چئيرمين کان اسڪيمون نه ملڻ تي جواب گهريو ، اجلاس ۾ ميمبرن پاران گذريل سال واري اسڪيمن جا ٽينڊر نه ٿيڻ تي دانهون پڻ ڪيون. ميمبر نبي بخش بوزدار ڳالهائيندي چيو ته چار سال مڪمل ٿيڻ وارا آھن اڳ به اسڪميون ورتيون ويون پر انهن تي عمل نه ٿيو . هن چيو ته گذريل وقت ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، سال کان پوء عوام ڏانهن وڃڻو آهي، هن دفي ٽينڊر نه ٿيا ته استعفا ڏئي ڇڏيندس. ،جنهن بعد ضلع ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاهنواز ايوان کي ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن ۾ اسان جو اسڪيمون سرڪار منظور نه ڪيون جنهن ڪري اسڪيمن تي ڪم ٿي نه سگهيو اسان جي ڪائونسل کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ اسان ترقياتي اسڪيمن لاء 18.ڪروڙ ،36لک،79 هزار منظور ڪيا آھن ايندڙ اجلاس ۾ هيلٿ لاء رکيل بجٽ به خرچ ڪري ضلع ڪائونسل جي ماتحت هلندڙ ڊسپينسرين کي دوائون فراهم ڪنداسين.

2017 جي 6 مهينن ۾ اسڪولن جي مرمت لاءِ اضافي رقم جاري ڪئي وئي

حيدرآباد: فيبروري 2017ع کان جون 2017 تائين سنڌ جي 18 ضلعن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ 428 ملين روپيا آيا هئا ۽ ان دور ۾ مهانگائي جو جواز ڄاڻائي چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس فريد صديقي ٺيڪيدارن کي 10 سيڪڙو اضافي ادائيگي ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو هو، جنهن تي اها جاچ نگران حڪومت ۾ شروع ڪئي وئي هئي.

اضافي رقم ڏيڻ وقت سامان تمام سستو هو: رپورٽ

اضافي ريٽ لڳائي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي

حيدرآباد: ضمير عباسي جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جنهن وقت ٺيڪيدارن کي ٺيڪن تي 10 سيڪڙو اضافي رقم ڏني وئي هئي، ان وقت گهربل سامان سستو هو پر ان جي باوجود اضافي ريٽ لڳائي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي.

ايجوڪيشن ورڪس ۾ 42 ڪروڙن جا گهپلا، هڪ جاچ مڪمل، ڪامورن کي بچائڻ لاءِ جتن

چيف انجنيئر تي 428 ملين رپين جي ڪرپشن جو الزام، اينٽي ڪرپشن جي عملدارن جاچ مڪمل ڪري حوالي ڪئي

ڪجهه اعليٰ عملدارن رپورٽن تي عمل نه ڪيو، ٻيهر جاچ ڪرائي جوابدارن کي فائدو پهچاڻ جي ڪوشش

حيدرآباد: سنڌ ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ۾ گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي،  اها رقم سنڌ جي 18 ضلعن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت جي حوالي سان ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي ملي هئي، جنهن جي جاچ تي سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي جا ڪجهه آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا آهن، جڏهن ته کاتي جا ٻيا آفيسر هن ڪيس کي ثابت ڪرڻ لاءِ سرگرم بڻيل آهن، اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن وٽان مليل دستاويزن موجب سنڌ جي ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ 2017ع جي شروعات ۾ ٺيڪيدارن کي مختلف اسمن جي مد ۾ 10 سيڪڙو اضافي رقم ادا ڪئي وئي، جنهن تي هڪ غيرسماجي تنظيم اينٽي ڪرپشن کاتي کي خط لکيو ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي چيف انجنئر فريدالدين صديقي انهن ٺيڪن جي مد ۾ 428 ملين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، هن درخواست جي بنياد تي چيف سيڪريٽري سنڌ جاچ جي منظوري ڏني، ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ون هيڊڪوارٽر ضمير عباسي کي هن معاملي جي جاچ جو آفيس مقرر ڪيو، ذريعن موجب ضمير عباسي 15 آگسٽ 2018ع تي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ فيبروري 2017ع کان جون 2017ع تائين ٿيل ٺيڪن جي مد ۾ 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي ڪرپشن ٿي آهي، پنهنجي رپورٽ ۾ هن سفارش ڪئي آهي ته ان ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري، کين گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڪجهه بالا آفيسرن ان رپورٽ تي عمل ڪرڻ بدران اها جاچ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اي) سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد جي عرفان علي ارباب جي حوالي ڪئي، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ لاڳاپيل عملدارن کي ڪرپشن ڪرڻ کان آجو قرار ڏيندي،  پنهنجي بالا آفيسرن ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف صرف کاتيوار ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليگل رضوان احمد ترمزي پاران ضمير عباسي جي رپورٽ کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اعليٰ عملدارن ڏانهن اماڻڻ بدران پاڻمرادو معاملي جي ٻيهر جاچ هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان ارباب حوالي ڪئي، جڏهن ته قانون مطابق اها جاچ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي معرفت اماڻڻ گهرجي ها، پر ذاتي مفادن خاطر اها انڪوائري سڌي ريت هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڏانهن اماڻي وئي، ذريعن موجب هن معاملي تان اينٽي ڪرپشن جي عملدارن وچ ۾ شديد اختلاف هلندڙ آهن ۽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذاڪر سمون، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي ارباب جي جاچ تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد کان ليگل اوپينئن وٺڻ بعد هن ڪيس جي جاچ ٻيهر شروع ڪرائي  آهي ۽ سرڪل آفيسر حيدراباد شير محمد سانگي کي جاچ حوالي ڪندي، کانئس 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي‏. ذريعن موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻيل ليگل اوپينيئن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل ڄاڻايو آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير عباسي جي رپورٽ ميرٽ ۽ ثبوتن تي ٻڌل هئي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي ارباب جي جاچ رپورٽ جوابدارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ جوڙي وئي آهي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته ضمير عباسي جي رپورٽ جي روشني ۾ هن ميگا ڪرپشن جو ڪيس جوابدارن خلاف داخل ڪيو وڃي.

مالي گھوٽالو، تعليمي بورڊز جي ڪاميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو

حيدرآباد: سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمين جي گروپ تي ٻڌل ڪاميٽي مالي بحران کي ڪيئن منهن ڏجي جي حوالي سان جلد گڏيل اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين محمد ميمڻ تعليمي بورڊ ميرپورخاص، تعليمي بورڊ سکر ۽ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمينن سان رابطا ڪري ورتا آهن، انهن بورڊن جي چيئرمينن جو جلد گڏيل اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ بورڊن کي درپيش مالي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪري سنڌ حڪومت کي گڏيل طور تي گرانٽ جاري ڪرڻ ڄي درخواست ڪئي ويندي.

حڪومت 35 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪئي، آخري 5 ڪروڙ رپيا رهيل

حيدرآباد: معلوم ٿيو آھي ته سنڌ حڪومت تعليمي بورڊ حيدرآباد لاءِ گذريل سال مجموعي طور 35 ڪروڙ رپيا مالي گرانٽ منظور ڪئي هئي، جنهن مان سنڌ سرڪار تعليمي بورڊ حيدرآباد کي 3 قسطن ۾29 ڪروڙ 24 لک رپيا فنڊ جاري ڪيو هو، جڏهن ته آخري گرانٽ جي قسط جا رهيل ساڍا 5 ڪروڙ رپيا اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن، جنهن سبب هن مهيني بورڊ جا ملازم پگهارن ۽ پينشن کان به محروم ٿي ويندا، اهڙي مالي بحران واري صورتحال کي تعليمي بورڊ ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو بورڊ پڻ منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت طرفان تعليمي بورڊ حيدرآباد جي رهيل مالي گرانٽ ساڍا 5 ڪروڙ رپيا رقم جاري نه ٿيڻ سبب هن وقت بورڊ جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ صرف 8 لک روپين جي رقم موجود آهي. جنهن مان تعلمي بورڊ حيدرآباد جي 400 ملازمن کي اڍائي ڪروڙ رپيا پگهار جي ادائگي ناممڪن بڻجي وئي آهي،

سنڌ جي تعليمي بورڊز کي گرانٽ نه ملي، مالي گھوٽالي جو شڪار

صوبائي حڪومت 2017ع ۾ سمورن بورڊز کي داخلا ۽ امتحاني في وٺڻ کان روڪي ڇڏيو هو

تعليمي بورڊز کي في اوڳاڙڻ کان روڪيندي کين مالي گرانٽ جاري ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو هو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جا تعليمي بورڊ سرڪارپارن گرانٽ نه ملڻ سبب مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار پاران گذريل سال 2017ع ۾ تعليمي ايمرجنسي جي سلسلي ۾ صوبي اندر پرائمري کان انٽر تائين مفت تعليم فراهم ڪرڻ واري پاليسي بعد سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي تعليمي بورڊن کي شاگردن کان داخلا ۽ امتحاني فارمن جي مد ۾ فيون نه وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جڏهن ته حڪومت طرفان بورڊن کي مالي معاملا هلائڻ لاءِ خاص مالي گرانٽون جاري ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو هو، جنهن بعد حڪومت تعليمي بورڊن کي گهربل گرانٽ وقت تي جاري نه ڪري سگهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جا پنج ئي تعليمي بورڊ شديد مالي گهوٽالي جي ور چڙهي ويا آهن، پنجن ئي تعليمي بورڊن ۾ ڪم ڪندڙ بورڊن جي چيئرمينن، امتحانن واري ڪنٽرولرن سميت هزارين ملازم پگهارن ۽ رٽائرڊ ملازم پينشن سميت ٻين مراعتن کان محروم ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي، سمورن تعليمي بورڊن جا اڪائونٽ خزاني کان خالي ٿي چڪا آهن، هن وقت بورڊن جي اڪائونٽن ۾ ڪروڙن جي رقم بدران صرف ڪجھ لک رپيا موجود آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار فوري طور تعليمي بورڊن کي مالي گرانٽ جاري نه ڪئي ته حيدرآباد تعليمي بورڊ سميت سمورن بورڊن جي ملازمن کي هلندڙ ڊسمبر جي مهيني جي پگهار توڙي پينشن نه ملي سگهندي، اهڙي صورتحال ۾ تعليمي بورڊن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين ملازم سخت پريشان ٿي ويا آهن.

زرداري مافيا خوشحال سنڌ کي بدحال بڻائي ڇڏيو:قادر مگسي

زرداري مافيا سنڌ جي خزاني ۽ زمينن کي مال غنيمت سمجهي ڦرلٽ ڪري رهي آهي

قومپرستن پاران اليڪشني سياست نه ڪرڻ سبب ڀوتار سياست تي حاوي ٿي ويا

ٽنڊوالھيار (رپورٽر)ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ۾ زرداري مافيا جي حڪومت شاهوڪار سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري سنڌ واسين کي بک ۽ بدحاليءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ عالمي يتيم خانو بنائڻ لاءِ حڪومتون مٽائيندڙ حڪمران پنهنجي حقيقي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ڌارين جي لوڌ موڪلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارين سازشن ۾ رُڌل آهن. چمبڙ م واپاري ايسوسيئيشن پاران ڏنل آجياڻو م صحافين سان ڳالھندي چيو ته سنڌ حڪومت تي قابض زرداري مافيا سنڌ جي خزاني ۽ زمينن کي مال غنيمت سمجهي ڦرلٽ ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڌارين کي شناختي ڪارڊ نه ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ حڪومت جو موقف چٽو ناهي تنهن ڪري اسين سمجهون ٿا ته عمراني حڪومت ۽ زرداري مافيا گڏجي سنڌ جي معاملن کي منجهائي رهيا آهن.
قومپرستن پاران اليڪشني سياست نه ڪرڻ سبب ڀوتار اليڪشني سياست تي حاوي ٿي ويا آهن ۽ جاگيرادري نظام سبب سنڌ ۾ قومپرست ڪاميابي نٿا ماڻين. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي روين بابت تحفظات آهن. جنهنڪري گڏجڻ بدران هڪ ئي مقصد تي الڳ الڳ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، گهارو ۽ ڳاڙهو ۾ قديم ڳوٺن جي زمينن تي حڪومتي سرپرستيءَ ۾ قبضا مافيا قبضا ڪري مقامي ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ وارين سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين.

سنڌ کي سمجهڻ لاءِ شيخ اياز کي سمجهڻو پوندو،اياز مارڪس کان گهٽ نه هو:ساڃاهه وند

اياز تي ڳالهائڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۽ اياز کي سمجهيو وڃي: عزيز گوپانگ،اختر درگاهي ۽ ٻين جو اياز ميلي کي خطاب

حيدرآباد ۾ ٿيل شيخ اياز ميلو

حيدرآباد)رپورٽر) سنڌي اديبن دانشورن محققن ۽ تخليقڪارن چيو آهي ته شيخ اياز جديد سنڌي ادب جو سرواڻ شاعر آهي، شيخ اياز کي تيستائين سمجهي نه ٿو سگهجي، جيستائين سنڌ کي نه سمجهندا، هن جي شاعري ۾ انسان دوستي ۽ اشتراڪيت جا رنگ شامل آهن، اهڙو اظهار هنن خانا بدوش رائٽرس ڪيفي ۽ شيخ اياز ميلا ڪاميٽي پاران حيدرآباد ۾ جاري چوٿين اياز ميلي جي چوٿين ڏينهن تي ٿيل فڪري ويهڪن ۾ ڪيو، پهرين فڪري ويهڪ اياز جو گيڙو فڪر جي موضوع تي ٿي، جنهن جي ابتدا ۾ نامياري شاعر ۽ راڳي جمن دربدر شيخ اياز جي شاعري توکي ڪهڙي، مونکان سنڌ نه وسري پل واري وائي ڳائي ڪئي.هن فڪري ويهڪ کي خطاب ڪندي نامياري شاعر اياز گل چيو ته سمورا شاعر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان تصوف سان لاڳاپيل آهن،خود رومانوي ۽ انقلابي شاعري ۾ به تصوف جو اثر ملي ٿو، هن چيو ته اياز پاڻ کي منصور سان ڀيٽي ٿو يا ان جو پوئڳ سڏائي ٿو، هن شاعري ۾ هنڌين ماڳين منصور جو ذڪر ڪيو آهي.
نامياري ليکڪا سحر گل ڀٽي چيو ته اياز غزل کي گيڙو جو رنگ پارايو آهي ۽ هن پنهنجي شاعري ۾ انقلابيت ۽ آزاد خيالي کي به سمايو آهي، هن جي شاعري ۾ جتي انسان دوستي جو رنگ موجود آهي، اتي ان ئي شاعري ۾ اشتراڪت جا رنگ به ملن ٿا، هن چيو ته اياز پنهنجي شاعري ۾ نيون روايتون وڌيون ۽ نظم ۾ به باه جا شعلا ڀري ڇڏيا آهن، هن چيو ته اياز غزل ۾ به تبديليون آنديون، ڪٿي هو انقلابي آهي ته ڪٿي هو وي اشتراڪي نظر اچي ٿو، هن چيو ته اياز جي شاعري جديد تصورن سان آراستا شاعري آهي، هن چيو ته شاعر کي مجموعيت ۾ ڏسڻ گهرجي،
نامياري ليکڪ ۽ شاعر عزيز گوپانگ چيو ته اياز تي ڳالهائڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۽ اياز کي سمجهيو وڃي، اسان اياز کي سمجهڻ ۾ غلطيون ڪيون آهن، اسان مان جيڪو صوفي آهي، اهو ان کي صوفيت ۾ ڳولي ٿو، انقلابي کيس انقلاب م ڳولين ٿا ۽ مذهبي سندس دعائون ڳولي پڙهن ٿا، سندس شاعري ۾ ڪٿي به اياز کي ڳولڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته نثر لکي ها ۽ تحقيقي ڪم ڪري ها ته هو ڪارل ماڪس کان هرگز گهٽ نه هجي ها، هن ويهڪ جو ماڊريٽر اختردرگاهي هو، جنهن چيو ته شخ اياز سنڌ جو فڪر ۽ سنڌ جي شاعري جو فڪر آهي، هن چيو ته دنيا جا شاعر آفاقي هوندا آهن، هو جديد شاعري جو سرواڻ شاعر هو، گيڙو فطرت جو آهي ۽ گيڙو رتو فڪر سنڌيت به آهي، اياز به پنهنجي شاعري ۾ سنڌيت جو رنگ ڀريو آهي.
سنڌ ۾ شاعري جا ٻه مها راڻا هڪڙو ڀٽائي ۽ ٻيو شيخ اياز آهي:ڀارو مل امراڻي
انيڪ فنڪارن شيخ اياز کي ڳائي مقبول به ٿي ويا:سميع بلوچ
پليجي نه رڳو زرينه بلوچ پر اسانکي به شيخ اياز جي شاعري جهونگارڻ تي اتساهيو:مريم پليجو
حيدرآباد؛ شيخ اياز جي ميلي چوٿين ڏينهن واري تقريبن جي ٻئي ويهڪ شيخ اياز جا راڳي جي موضوع تي ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي نامياري براڊ ڪاسٽر ۽ شاعر سميع بلوچ چيو ته استاد ارباب خان کوسي سڀ کان پهرين شيخ اياز جي گيت جي ڌن ٺاهي ۽ بيدل مسرور سندس گيت ڳايو، جيڪو استاد ارباب خان جو شاگرد آهي، هن چيو ته سندس انقلابي شاعري کي بيدل مسرور سان گڏ جيجي زرينه به ڳايو، سنڌ ۾ سر ۽ موسيقي انتهائي وسيع آهي، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿي سگهي، پر سنڌ مان تخليق ڄڻ ته ختم ٿي وئي آهي، فنڪارن ۾ شعوري تعليم جي ڪمي آهي ۽ شعور بنا شاعري کي سمجهي ڳائڻ مشڪل آهي، هن چيو ته ڪوبه سٺو فنڪار تيستائين پيدا نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين هو شاعري کي نه ٿو سمجهي، هن چيو ته انهن ميلن مان اسانکي لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي، استاد منظور علي خان کان ويندي، نئين ٽهي جي انيڪ فنڪارن شيخ اياز جي شاعري کي ڳايو آهي جنهن ڪري اهي مقبول به ٿيا آهن، عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل نامياري نقاد سياستدان ۽ اديب رسول بخش پليجي جي ڀيڻ مريم پليجو جيجي زرينه بلوچ تي ڳالهائيندي چيو ته رسول بخش پليجو نه رڳو زرينه بلوچ پر اسانکي به شيخ اياز جي شاعري جهونگارڻ تي اتساهيو، هن چيو ته رسول بخش پليجو اسانجي خاندان ۾ سرن کي آزاد ڪرڻ وارو شخص هو، هو شيخ اياز جا نظم کڻي آيو ۽ اسان جي امڙ سميت سڀني کي انهن جون ڌنون ٺاهڻ لاءِ پابند ڪيو، هن چيو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ شيخ اياز اسان جي گهر جو ڀاتي هو، نامياري ليکڪ ڀارو مل امراڻي شيخ اياز جي راڳي صادق فقير تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي شاعري تاريخ ۾ انيڪ راڻا پيدا ڪيا آهن، پر سنڌ ۾ شاعري جا ٻه مها راڻا آهن، هڪڙو ڀٽائي ۽ ٻيو شيخ اياز آهي، هن چيو ته ماڻهو لوڪ گيتن کي ٻڌن ٿا، پر ٿر سان واسطو رکندڙ ماڻهو ماءِ جي ٿڃ سان گڏ لوڪ گيتن تي پلجن ٿا، هن چيو ته صادق فقير جي سڃاڻپ اياز جا گيت به آهن ۽ هن اياز جي شاعري کي روح واري محبت ڳايو، هن چيو ته صادق فقير جي خواهش هئي ته ماڻهو کيس اياز جي راڳي طور سڃاڻين، هن ويهڪ جو ماڊريٽر ناميارو براڊ ڪاسٽر شاعر ۽ اديب نصير مرزا هو، جنهن چيو ته نئين ٽهي جا راڳي شيخ اياز جي شاعري کي ڳولهي ڳولهي لهن ٿا، هن چيو ته شيخ اياز جي راڳ کي ڳائيندڙ فنڪار اياز جا راڳي سڏجڻ لڳا آهن ۽ هي هن صدي ۾ نئون ٽرم متعارف ٿيو آهي، هن چيو ته شيخ اياز جي شاعري ترنم سان ٽمٽار آهي ۽ موسيقارن کي ڌنون ٺاهڻ تي پاڻ اتساهي ٿي. هن چيو ته شيخ اياز جو پهريون راڳي بيدل مسرور آهي.

پ پ-نوازليگ قيادت نيب ڪاررواين جي حقدار آهي: فاروق ستار

نيب قانون تي تنقيد ڪندڙن پنهنجي دور ۾ ان کي بهتر ڇو نه بڻايو؟

پي ٽي آءِ جو احتساب ڪير ڪندو؟ ڪرپٽ سياسي ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجن

حيدرآباد (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان بحالي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپٽ سياسي ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي قيادت سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي هو ان جا حقدار آهن، حيدرآباد ۾ پروفيسر ادريس جي پونئرن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اڄ پ پ ۽ ن ليگ جي ڪرپشن جي حوالي سان سياسي پنڊتن ۽ تجزيه ڪارن کان داستان ٻڌون پيا، هونئن ته پي ٽي آءِ چيو پئي ته اسين ٽيون آپشن آهيون، پر جيڪا صورتحال نظر اچي پئي ان مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ به حڪومت کانپوءِ انهن ٻن وڏين پارٽين وانگر ساڳيا ئي الزام کڻي ويندي.
هن چيو ته ته احتساب ۽ سياسي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، انصاف ٿيڻ گهرجي، ملڪ مان ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو عمل مڪمل طور تي تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن موروثي سياست جو خاتمو ايندو، ڪرپشن ۾ ملوث ٻين پارٽين جو ته احتساب ٿئي پيو پر پي ٽي آءِ جو احتساب ڪير ڪندو؟ انهي ڪري آئون انهي ڳالهه جو حامي آهيان ته ملڪ مان ڪرپٽ سياسي ڪلچر جو خاتمو اچڻ گهرجي.
هن چيو ته نيب قانون تي تنقيد ڪندڙ پ پ ۽ ن ليگ پنهنجي دور حڪومت ۾ انهي قانون کي بهتر ڇو نه بڻايو؟ نيب اڄ جيڪو به انهن سان ڪري پئي، اهي ٻئي جماعتون انهي عمل جون مستحق آهن، هاڻي جڏهن انهن جي هٿان ڳالهه هلي وئي آهي، نانگ جو ليڪو ڪٽيندا ته ڪو به فائدو نه ٿيندو، اهو ملڪ جي وقار لاءِ به ڪا سٺي ڳالهه ته ناهي جو اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم تي ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا الزام لڳن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي ٻيهر سزا ڏئي، انهي ڪري به نااهل ڪيو آهي، جيئن هو پارٽي جو سربراهه نه رهي سگهي
ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته حيدرآباد جو دورو تنظيم بحالي ڪميٽي واري رابطن کي برقرار رکڻ آهي، پروفيسر ادريس به اسان جو همدرد دوست هيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي 1986ع واري نظرياتي پارٽي جهڙو بنائڻ لاِءِ ڪارڪنن تنظيم کي مستحڪم ڪيو.

حيدرآباد: رينجرز آفيس ٻاهران دستي بم هٿ ڪيو ويو، علائقي کي ڪڙو

رينجرزجي آفيس ٻاھران ھٿ آيل دستي بم

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي مان رينجرز آفيس ٻاهران دستي بم هٿ ڪيو ويو آهي. قاسم آباد ۾ رينجرز جي آفيس ٻاهران شڪي ٿيلهو موجود هجڻ جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي آفيس جو معائنو ڪيو ۽ ٿيلهي مان دستي بم هٿ ڪيو ويو. اُن موقعي تي رينجرز اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ رينجرز آفيس جي چوڌاري گاڏين جي اچ وڃ کي بند ڪيو ويو.

حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن واري خطاطي نمائش شروع، ماڻهن جي رش

حيدرآباد(رپورٽر)خانه فرهنگ جمهوري اسلامي جمهوريه اسلام ايران جي ٽن ڏينهن واري خطاطي جي نمائش شروع ٿي وئي،جنهن جو افتتاح ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ نامياري اديب يوسف سنڌي ڪيو.نمائش ۾ قرآني آيتون۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون.نمائشي تصويرن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا،نمائش ۾ حصو وٺندڙ هڪ شاگردياڻي دعا اعجاز چيو ته مون هڪ هفتي جي محنت کان پوءِ خطاطي مڪمل ڪئي آهي،مصباح چيو ته مون مديني جي اڱڻ جي آئل پينٽنگ ڪئي آهي،جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مونکي 6 ڏينهن لڳي ويا،هن چيو ته اميد آهي ته منهنجي پينٽنگ ماڻهن کي پسند ايندي.

حيدرآباد ۾ پينو فقير ڪيس ۾ نئون رخ، ڪارنهن ھيٺ قتل جو انڪشاف

بندو عرف سوکا جو 5 ڏينهن اڳ ٻوري بند لاش مليو، پوليس عورت کي پٽ سوڌو گرفتار ڪري ورتو

غيرت ۾ اچي فقير کي قتل ڪيو(جوابدار) سوکا جي کيسي مان پئسا ڪڍي کيس ماريو ويو: چوٻول

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد مان 5 ڏينهن اڳ قتل ٿيلپيرسن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته پوليس ماءُ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو يوسف پوليس موجب، پيرسن بندو عرف سوکا قتل ڪيس ۾ نئون رخ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گجراتي پاڙي مان عورت نور النساءَ ۽ سندس پٽ فيصل عرف سني کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته مقتول جا سندس امڙ سان غلط لاڳاپا هئا، جنهن تي دوستن سان گڏجي بندو عرف سوکو کي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڦٽو ڪيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پيرسن بندو عرف سوکا پينو فقير هو، جوابدارن کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي مان پئسا ڪڍيا ويا. پوليس ٽئين جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، پر سندس گرفتاري ظاهر نه ڪري رهي آهي.

ڪامريڊ وشنو مل عوامي جمهوري پارٽي جو نئون صدر چونڊجي ويو

حيدرآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي ڪنوينشن، مرڪزي باڊي چونڊي وئي

خادم ٽالپر جنرل سيڪريٽري، سيد لعل شاهه ۽ لال محمد چانڊيو نائب صدر ٿي ويا

حيدرآباد ( ن پ ا) عوامي جهموري پارٽي جا مرڪزي عهديدار چونڊيا ويا آهن، وشنو مل پارٽي جو صدر چونڊجي ويو آهي.حيدرآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي مرڪزي عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي، ڪنوينشن دوران وشنو مل کي صدر پارٽي جو صدر چونڊيو ويو.سيد لعل شاه ۽ لال محمد چانڊيو کي نائب صدر، خادم حسين ٽالپر کي جنرل سيڪريٽري، نظير بانو لاشاري کي جوائنٽ سيڪريٽري، ڪليم ملڪ کي خزانچي چونڊيو ويو، ظهور احمد کوسو رابطه سيڪريٽري ۽ نظير قريشي کي آفيس سيڪريٽري طور چونڊيو ويو آهي.ڪنوينشن ۾ نورنبي راهوجو کي تعليمي سيڪريٽري، منظور احمد کوسو کي ليگل ايڊ اينڊ هيومن رائٽس سيڪريٽري ۽ ارشاد سومرو کي ثقافتي سيڪريٽري طور  چونڊيو ويو، عوامي جمهوري پارٽي جا سمورا نوان عهديدار بنا مقابلي چونڊيا ويا.