fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

زرعي يونيورسٽي ۾ بيچلر پروگرام لاءِ انٽري ٽيسٽ، 4 هزار اميدوار شريڪ

انٽري ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ، پوليس ۽ رينجرز مقرر

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ تدريسي سال 19-2018 لاءِ مختلف فيڪلٽين، آئي ٽي سينٽر ۽ فوڊ انسٽيٽيوٽ سميت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپورڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجيز، سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ داخلا لاءِ پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ انٽري ٽيسٽ ٿي، جنهن ۾ ڪل 4022 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 354 شاگردياڻين به پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني، انهن اميدوارن ۾ 2181 پري ميڊيڪل ۽ 1941 اميدوار پري انجنيئرنگ جا هئا، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٿيل پري انٽري ٽيسٽ ۾7- فيميل بلاڪن سميت ڪل 68 بلاڪ قائم ڪيا ويا هئا، اهڙي ريت سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل اميدوارن جي معاونت لاءِ ضلعي سطح تي مددي ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا، ٽيسٽ مقرر ڪيل ٽائيم کان منو ڪلاڪ ليٽ شروع ٿي، جڏهن ته اها ٽيسٽ 100 منٽن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ 100 ايم سي ڪيوز سوالن تي ٻڌل 100 مارڪن وارو سوال نامو ڏنو ويو هو، ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، پنهنجي ڊينز ۽ مختلف تدريسي شعبن جي سربراهن سان قائم ڪيل بلاڪن جو دورو ڪيو ۽ اميدوارن کان ٽيسٽ جي انتظامن توڙي مختلف دلچسپي تي ٻڌل سوال به ڪيا. وائيس چانسلر جي دوري دوران مختلف فئڪلٽين جا ڊينز ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، ڊاڪٽر عبدالغني لنجار، ڊاڪٽر نور محمد سومرو، ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو، سب ڪئمپس عمر ڪوٽ جو ڊائريڪٽر جان محمد مري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو پرنسپل محمد ابراهيم ڪيريو، شهيد زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جو پرنسپل عبدالغفور مگسي، رجسٽرار حفيظ الله ميمڻ، ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار، ڊائريڪٽر ايڊميشن احمد خان منگي، ڊائريڪٽر ڪئمپس محمد اشرف رستماڻي، ڊائريڪٽر هيومن ريسورسز غلام محي الدين قريشي، ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ منظور احمد مگسي، سائوٽا جو صدر پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله لغاري سميت مختلف انتظامي ۽ تدريسي شعبن جا سربراهه به موجود هئا. پبلڪ اسڪول ۾ قائم ڪيل پوري سينٽر جي چوطرف رينجرس ۽ پوليس جي سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي هئي، شاگردن کان سندن موبائيل اڳواٽ وٺي جمع ڪيا ويا هئا، اميدوارن جي سينٽر ۾ داخل ٿيڻ واري مک دروازي تي واڪ ٿروگيٽ لڳايا ويا هئا ۽ شاگردن کي ضلعي بنيادن تي قطارون لڳرائي،انهن کي ترتيب سان اندر ڇڏيو ويو،

شيخ اياز جي شاعري سنڌ جي دردن ۽ داستانن سان ڀريل آهي: ڏات ڌڻي

حيدرآباد ۾ شيخ اياز ميلي جو ٽيون ڏينهن، مختلف سيشن، لوڪ فنڪارن پاران سرن جي ورکا

شيخ اياز ميلي ۾ شريڪ ناريون

حيدرآباد(بيورو روپورٽ) ناميارن اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ سڄاڻ ڌرين چيو آهي ته شيخ اياز وڏو تخليقڪار هو، سندس شاعري ۾ جتي سنڌ جي سونهن ۽ سونڀيا جا رنگ ملن ٿا، اتي ئي سندس شاعري ۾ ڌرتي جو درد ۽ تڪليفون به نمايان نظر اچن ٿيون. اهڙو اظهار هنن خانا بدوش رائيٽرس ڪيفي ۽ شيخ اياز ميلا ڪاميٽي پاران شيخ اياز جي چوٿين ميلي جي ٽي ڏينهن تي ٿيل فڪري ويهڪن ۾ ڪيو. جڏهن ته ميلي ۾ شيخ اياز جي شاعري ۾عورت جي تصور جي موضوع هيٺ سيشن ٿيا، جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. لوڪ گيتن بابت سيشن ۾ ڳالهائيندي نامياري شاعر جمن دربدر خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي لوڪ ادب ۽ شاعري ۾ رڳو وڇوڙو ۽ درد سمايل آهي، پر شيخ اياز ٿر جي حوالي سان پنهنجي شاعري کي نوان رخ ڏنا. نامياري شاعر سرمد چانڊيو چيو ته سنڌي ادب ۾ انتهائي ذميواري سان ڪم ڪري ادب جي وڏي خدمت ڪري سگهجي ٿي، شيخ اياز اسان وٽ جيڪو سرمايو ڇڏيو آهي، اسان ان کي سمجهي نه سگهيا آهيون، هو آفاقي شاعر آهي، هن جي معيار ۽ قد ڪاٺ ماپڻ جو اسان وٽ اڃا تائين ڪو معيار ناهي. هن چيو ته لطيف تي به اڃا اهو ڪم ناهي ٿيو، جيڪو ٿيڻ گهرجي، براڊ ڪاسٽر اينڊ شاعر مختيار ملڪ چيو ته اياز جي لوڪ گيتن ۾ ڀرپور رواني رکيل آهي، لوڪ گيت اندر جو آواز ٿين ٿا، انهن ۾ خوشين ۽ دردن جو پيغام لڪيل هجي ٿو. ڀارو مل امراڻي چيو ته شيخ اياز پنهنجي تخليقي ڏات سان ٿر کي سرسبز ۽ شاداب بنائي ويو آهي. هن چيو ته ٿر جي ماڻهن ۾ لوڪ ادب سمايل آهي ۽ کين لوڪ گيت برزبان ياد رهن ٿا. ماڊيٽر ذڪيا اعجاز چيو ته اياز جي شاعري ۾ باغي عورت جو خوبصورت تصور سمايل آهي، اياز جي ماروي مضبوط لڳي ٿي، سندس مومل ۽ ليلي وٽ پڇتاءُ ناهي. امر پيرزادي چيو ته اسان وٽ شوقين فيمنسٽ هوندا آهن، پر اياز ماڊرن ۽ پورهيت عورتن تي به لکيو، شيخ اياز، عطيه دائود جي شاعري تي تبصرو ڪندي چيو هو ته ان کي برصغير جي سڄي فيمسزم کان مٿانهن شاعري قرار ڏنو هو، نامياري شاعره رخسانا پريت چنڙ چيو ته اياز انقلابي شاعر هو ۽ هن هڪ بهادر شاعر طور عورت جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي. تنوير انجم چيو ته اڳ فمينسٽ طور شاعرن کي پرکيو ويندو هو، جڏهن ته شيخ اياز جي شاعري ۾ آفاقيت آهي، فاطمه حسين چيو ته اياز خوبصورت تخليقڪار آهي.

پينو فقير ڪيس جو نئون رخ، ڪارنهن الزام ھيٺ قتل ٿيڻ جو انڪشاف

غيرت ۾ اچي فقير کي قتل ڪيو(جوابدار) سوکا جي کيسي مان پئسا ڪڍي کيس ماريو ويو: چوٻول

حيدرآباد: قتل ڪيس ۾ گرفتار ماءُ ۽ پٽ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد مان 5 ڏينهن اڳ قتل ٿيل پيرسن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته پوليس ماءُ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو يوسف پوليس موجب، پيرسن بندو عرف سوکا قتل ڪيس ۾ نئون رخ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گجراتي پاڙي مان عورت نور النساءَ ۽ سندس پٽ فيصل عرف سني کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته مقتول جا سندس امڙ سان غلط لاڳاپا هئا، جنهن تي دوستن سان گڏجي بندو عرف سوکو کي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڦٽو ڪيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پيرسن بندو عرف سوکا پينو فقير هو، جوابدارن کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي مان پئسا ڪڍيا ويا. پوليس ٽئين جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، پر سندس گرفتاري ظاهر نه ڪري رهي آهي.

ٽنڊوڄام ۾ نينگر سان مبينا بدفعلي، جوابدار گرفتار

ڪنڀار پاڙي ۾ جوابدار نينگر کي ورغلائي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو

ڊاڪٽرن پاران بدفعلي جي تصديق، پوليس جوابدار گرفتار ڪري ورتو

ٽنڊو ڄام(ن پ ا) ٽنڊو ڄام پوليس نينگر سان مبينا بدفعلي جي الزام ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو ڄام جي ڪنڀار پاڙي ۾ جوابدار اجمل مسيح نينگر حسنين راجپوت کي ورغلائي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو. نينگر جي دانهن تي وارثن کيس اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن بدفعلي جي تصديق ڪئي. پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار اجمل کي گرفتار ڪري ورتو.

پاڪستان ۾ 63سيڪڙو مائرون ٻارن کي ٿڃ نٿيون پيارين: ماهر ڊاڪٽر

حيدرآباد ۾ ٻارڙن کي ٿڃ پيارڻ بابت سيمينار

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ٻارڙن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو 37 سيڪڙو ٻارن کي مائرون پنهنجي ٿڃ پيارين ٿيون، جڏهن ته ٻين ٻارن کي وقت کان اڳ ئي هٿرادو کير ۽ ٻين کاڌن تي هيرايو وڃي ٿو. اهڙو انڪشاف پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي سهڪار سان ٿيل ورڪشاپ ۾ ٿيو. ورڪشاپ ۾ عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرياڻين کانسواءِ اسٽاف نرسن ۽ ايل ايڇ ويز به شرڪت ڪئي. ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن سلميٰ شيخ، پروفيسر جلال اڪبر، ڊاڪٽر غلام رسول ٻرڙو، ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي، ڊاڪٽر ساجده يوسفاڻي، پروفيسر روشن آرا ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڊاڪٽرن چيو ته ماءُ جو کير زندگي آهي پر گهٽ مائرون ان جي اهميت کان واقف آهن. هنن چيو ته ٻارن جي ڄم جي پهرين ڪلاڪ کان 6 مهينن تائين ٻارن کي رڳو ماءُ جي ٿڃ پيارڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ماءُ جي کير ۾ اهي سڀ وٽامنز موجود هجن ٿا، جن سان ٻار صحتمند رهي سگهي ٿو. هنن چيو ته جيڪي ٻار ماءُ جي ٿڃ کان محروم رهن ٿا، تن ۾ موت جي شرح وڌيڪ هئڻ سان گڏ ڊائريا، نمونيا ۽ ٻين بيمارين جي حملي جو به ڊپ رهي ٿو. ڊاڪٽرن چيو ته جيڪي ٻار پنهنجي گهربل عمر تائين ماءُ جي ٿڃ نٿا پيئن، تن ۾ موت جي شرح 15 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ماهرن زور ڀريو ته مائرون ٻارڙن کي 6 مهينن جي عمر تائين صرف پنهنجي ٿڃ پيارين، جڏن ته هلڪي خوراڪ سان گڏ به ٿڃ 2 سالن تائين پيارڻ گهرجي.

حيدرآباد جي واڌو واهه جي اجڙيل حالت!

واڌو واهه قاسم آباد ۾ زرعي زمينن جي آبادي واسطي وهندڙ پاڻيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ واهه جو نالو آهي، پر جڏهن کان شهر آباد ٿيو ته حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي هن واهه کي گٽر نالي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصو اڳ سپريم ڪورٽ طرفان جوڙيل واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير مسلم هاني حيدرآباد پهچي واڌو واهه جو جائزو ورتو هو ۽ هن اتي موجود عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي واڌاو واهه جي صفائي جو حڪم جاري ڪيو هو پر ان تي اڄ تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جي نااهليءَ سبب واڌو واهه مختلف حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، واڌو واهه کي سيفٽي وال نه هئڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون اڪثر واهه ۾ ڪِرڻ معمول بڻيل آهي، برساتن جي منُد دوران واڌو واهه جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري سوين گهر ٻڏڻ جو خطرو رهي ٿو. 6 ميل ڊگهي واهه جو پاڻي حيدرآباد ۾ رهندڙ انساني آباديءَ ۽ جانورن جي پيئڻ توڙي ضروري استعمال سميت زراعت لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو هو، پر اڄ ساڳيو ئي واهه مختلف حصن ۾ ورهائجي گندي نالي ۾ تبديل ٿي ويو آهي. واڌو واهه جي رڳو آبادي واري علائقي نه پر شروع کان پُڇڙي تائين مڪمل صفائي، لوهي گِرلن جي حفاظت، پِچنگ ۽ واڌو واهه تي قائم پُلين کي به خوبصورت بڻائڻ جو ڪم انتظاميا کي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
نصير چنا/ حيدرآباد

حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن واري خطاطي نمائش شروع،ماڻهن جي رش

ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ يوسف سنڌي افتتاح ڪيو

نمائش ۾ قرآني آيتون ۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون

حيدرآباد(رپورٽر)خانه فرهنگ جمهوري اسلامي جمهوريه اسلام ايران جي ٽن ڏينهن واري خطاطي جي نمائش شروع ٿي وئي،جنهن جو افتتاح ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ نامياري اديب يوسف سنڌي ڪيو.نمائش ۾ قرآني آيتون ۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون.نمائشي تصويرن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا،نمائش ۾ حصو وٺندڙ هڪ شاگردياڻي دعا اعجاز چيو ته مون هڪ هفتي جي محنت کان پوءِ خطاطي مڪمل ڪئي آهي،مصباح چيو ته مون مديني جي اڱڻ جي آئل پينٽنگ ڪئي آهي،جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مونکي 6 ڏينهن لڳي ويا،هن چيو ته اميد آهي ته منهنجي پينٽنگ ماڻهن کي پسند ايندي.

مڪاني ننڍي چونڊ جا نتيجا پڌرا: پ پ ۽ متحدھ اميدوارن کي سرسي

نوشهري فيروز جي يوسي ستابو، پير ڳوٺ جي يوسي راهوجا ۽ ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ تي پ پ اميدوارن کي شڪست

حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 ۽ 21 تي ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب، عمر ڪوٽ ۾ ف ليگ جو غازي سمون کٽي ويو

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊون پوريون ٿيڻ بعد غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 تي متحده پاڪستان جو شعيب الحسن 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ اميدوار پ پ جي عنايت علي هارائي ويو، کيس 106 ووٽ مليا. نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ مليا، جڏهن ته پنو عاقل ۾ يوسي نوراجا وارڊ نمبر 4 ۾ ڪائونسلر سيٽ تي آزاد اميدوار آدم مهر 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. پير جو ڳوٺ جي ٽائون ڪميٽي احمد پور جي وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار محمد بخش ميتلو 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته ف ليگ جي حمايت يافتا اميدوار سراج الدين کنڀڙو کي 36 ووٽ مليا. سانگهڙ جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي ڊي اي اميدوار آفاق قريشي کي 504 ووٽ مليا. عمرڪوٽ جي يوسي مردان شاهه ۾ ف ليگ جو عازي سمون 1643 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، هن سيٽ تي پ پ جي روشن راهمون کي 1354 ووٽ مليا. سکر جي يوسي 17 نيو پنڊ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار گل محمد 535 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو محمد نعيم هارائي ويو. حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 21 تي متحده جي پرويز وسيم 1045 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار امتياز عالم کي 331 ووٽ مليا. گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ 1770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ارشد لکڻ 739 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ملير جي يوسي ڪاٺوڙ تي پ پ اميدوار دادا ڪريم بلوچ 2735 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 717 ووٽ کڻي سگهيو. ماتلي جي وارڊ نمبر 7 ۾ پ پ جي عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار منير نظاماڻي کي 926 ووٽ مليا. نوشهروفيروز ۾ يوسي ڪوٽ ستابو ۾ مير محمد عالماڻي 1309ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وي، پ پ جي آصف عالماڻي 500 ووٽ مليا. پيرڳوٺ جي يوسي راهوجا ۾ آزاد اميدوار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کڻي سگهيو. ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ وارڊ 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي منور ملاح کي 355 ووٽ مليا. حيدرآباد جي يو سي 53 تي پ پ اميدوار ساجد شاهه 1393 ووٽ کڻي ڪامياب سوڀ ماڻي، متحده جي جهانگير ڪاڪا کي 687 وٽ مليا. ملير جي يوسي ڄام مراد علي تي آزاد اميدوار صدام بلوچ 1947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته پ پ جي عرفان جوکيو کي 1835 ووٽ مليا. قاضي احمد جي يوسي گهرام مري جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نياز حسين مهر 650 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.

حيدرآباد وحدت ڪالوني واسين جو گندگي خلاف احتجاج

پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ،صفائي ڪرائڻ جي گهر

صفائي ورا 4 ملازم 2 سال رٽائرڊ ٿيا وري ڪو مقرر نه ٿيو : رهواسي

حيدرآباد(رپورٽر) نيو وحدت ڪالوني ايڪشن ڪميٽي پاران نيو وحدت ڪالوني ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ صفائي عملو نه هجڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شاهد سومرو، افتخار چارڻ، غلام نبي ۽ ٻين چيو ته نيو وحدت ڪالوني جا صفائي ورا پراڻا 4ملازم 2 سال اگ رٽائرڊ ٿي ويا آهن، پر هن وقت تائين سندنجاءَ تي ڪو به صفائي وارو مقرر ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب ڪالوني جي گٽرن وارو پاڻي گهٽين ۾ بيٺل آهی، هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته نيو وحدت ڪالوني ۾ ڀنگي مقرر ڪري نيو وحدت ڪالوني ۾ صفائي ڪرائي وڃي .

حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

غوثپور واسي محمد سليمان پوليس زيادتين خلاف احتجاج ڪيو

ڪي اين شاهه واسي ميونسپل ملازم نوڪري ختم ڪرڻ تي دانهيون

حيدرآباد(ن پ ا) ڪشمور جي علائقي غوثپور جي رهواسين پوليس زيادتين خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ان موقعي تي محمد سليمان دانهيندي چيو ته جمعي جي نماز واري ٽائم تي سندس موٽر سائيڪل مسجد اڳيان چوري ٿي وئي جتي مسجد اڳيان 2 پوليس اهلڪار به موجود هئا. موٽرسائيڪل چوري جي رپورٽ غوثپور ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پوليس موٽرسائيڪل ڳولڻ جي بدران سندس کي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي ٻئي طرف خيرپورناٿن شاهه جي رهواسين سڪندر علي چانڊيو ، عبدالواحد لغاري ۽ صداقت چانڊيو پاران ميونسپل ڪميٽي ڪي اين شاه جي انتظاميه خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي، هنن چيو ته گذريل اٺن سال کان هو ڪي اين شاهه ميونسپل ڪميٽي ۾ ملازم هيا، پر ميونسپل ڪميٽي ۾ سياسي گروپ بندي هجڻ ڪري گذريل 6 سالن کان سندن جي پگهار بند ڪئي وئي آهي نوڪري ختم ڪئي وئي آهي . هنن وزير اعلي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملن جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

حيدرآباد: جامني بازار ميلي جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون

حيدرآباد: جامني بازار ميلو

حيدرآباد (رپورٽر) جامني بازار ميلي جي ٻئي ڏينهن جي تقريبن ۾ به عورتن هٿ سان ٺهيل شين ۾ دلچسپي ورتي.
جامني بازار ميلي جون تقريبون جاري آهن، ميلي جي ٻئي ڏينهن هٿ جي هنر ۽ کاڌي پيتي شين سميت مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا.
عورتن جي وڏي انگ ٻئي ڏينهن به جامني بازار ميلي جو رخ ڪيو ۽ خاص طور تي هٿ جي هنر وارين شين ۾ دلچسپي ورتي

زرعي يونيورسٽي ۾ بيچلر ڊگري پروگرام لاءَ انٽري ٽيسٽ

مختلف شهرن ۾ داخلا لاءَ 4050 اميدوارن ٽيسٽ ڏني

ٽيسٽ لاءِ 68 بلاڪ ٺاهيا ويا ،350 شاگردياڻين به حصو ورتو

حيدرآباد (رپورٽر)سنڌ زرعي يونيورسٽي جي بيچلر ڊگري پروگرام جي انٽري ٽسٽ حيدرآباد ۾ شروع ٿي وئي آهي، 4050 جي لڳ ڀڳ اميدوار مختلف فيڪلٽين ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني ، تدريسي سال 2018 لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپورڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ، سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ داخلا لاءِ لاء اها ٽيسٽ پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ ٿي رهي آهي ، جنهن ۾ ڪل 4050 جي لڳ ڀڳ اميدوار شريڪ آھن، انٽري ٽيسٽ لاءِ ڪل 68 بلاڪ ٺهيا ويا آهن، جن ۾ شاگردياڻين جا 7-بلاڪ جدا ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته 4050 شاگردن ۾ 350 جي لڳ ڀڳ شاگرياڻيون به شامل آهن. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آھن جنهن ۾ رينجرز اهلڪار به شامل آھن.

سياسي ماٺار ۽ لاش ملڻ جا سلسلا!

فيض کوسو حيدرآباد مان لکي ٿو

حيدرآباد جي سرد هوائن ۾ سياسي صورتحال جيتوڻيڪ ماٺار ۾ آهي، پر سياست جي بيٺل پاڻي ۾ پيپلز پارٽي پٿر هڻي لهرون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، ٿيو ايئن جو 15 ڊسمبر تي ڇنڇر واري ڏينهن حيدرآباد جي قاسم آباد جي ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ هڪ عام جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن کي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري خطاب ڪيو، پنهنجي هن خطاب ۾ آصف زرداري هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي تقرير ۾ هن هڪڙي ڳالهه واضع ڪئي ته جن ماڻهن کي ٽن سالن لاءِ ڪرسي ملي تن کي ملڪ جي عوام جي قسمت جا فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته انهن فيصلن جو حق صرف پارليامينٽ کي آهي، آصف زرداري اهو ٻٽي معني وارو جملو ڳالهائي هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ نيٺ هن کي اها ڳالهه واضع به ڪرڻي پئي ته جيڪي ادارا ڊيم لاءِ سرگرم آهن، تن کي انهن 9 لک ڪيسن جي به سار لهڻ گهرجي، جيڪي مختلف عدالتن ۾ التوا جو شڪار پيل آهن، پيپلز پارٽي آصف علي زرداري جي هن جلسي کي جيتوڻيڪ هڪ ڪامياب جلسو قرار ڏئي رهي آهي، پر هتان جا سياسي پنڊت اها ڳالهه برملا چون ٿا ته ڪرن شورو ڳوٺ ۾ ٿيل پيپلز پارٽي جو جلسو اهو تاثر ڇڏڻ ۾ ناڪام رهيو، جيڪو تاثر بينظير ڀٽو شهيد جي ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي جا جلسا ڇڏيندا هئا، حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي کي هيڏو ميڙاڪو ڪرڻ جي ضرورت آخر ڇو پيش آئي؟ تنهن تي به سياسي پنڊت ڳالهائين ٿا، انهن پنڊتن جو خيال آهي ته پيپلزپارٽي اصل ۾ سنڌ جي ماڻهن کي موبلائيز ڪرڻ چاهي ٿي، ته جيئن وقت ضرورت ماڻهن کي روڊن تي آڻي اهو تاثر ڏيڻ  جي ڪوشش ڪئي وڃي ته سنڌ ڪارڊ اڃا به پيپلزپارٽي جي هٿ ۾ آهي،

حيدرآباد جي ان جلسي کانپوءِ سياسي طور وري ماٺار جو شڪار آهي، پر ان شهر ۾ لاش ملڻ جو سلسلو اوچتو ئي اوچتو ڀڙڪو کائي اٿي پيو، ٿيو ايئن جو 20 ڏينهن دوران شهر جي مختلف علائقن مان پنج لاش هٿ آيا، جن مان چئن لاشن جي ته سڃاڻپ ٿي وئي، پر هڪ معصوم نينگري جي لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جنهن جو لاش ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزا ؛ڦاٽڪ وٽ ريل جي پٽڙين وٽان هٿ آيو هو، اها پڃاري ٿاڻي جي حد هئي، جنهن حد مان ٻه لاش مليا، هڪ ته نامعلوم نينگري جو لاش هو، جنهن کي لاوارث قرار ڏئي تدفين جي لاءِ ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪيو ويو، پر ساڳي ٿاڻي جي حد مان جيڪو لاش پاڻي جي ٽانڪي مان هٿ آيو هو، تنهن جي سڃاڻپ 24 سالن جيي محمد احسان قاضي جي نالي سان ٿي، محمد احسان قاضي کي سندس ئي دوست نعيم راجپوت ولد نور محمد راجپوت پئسن جي لالچ ۾ قتل ڪري سندس لاش پنهنجي ئي گهر ۾ پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، پوليس چئن ڏينهن کانپوءِ جوابدار نعيم راجپوت کان اهو اعتراف ڪرائڻ ۾ مس ڪامياب ٿي ته هن ئي پنهنجي دوست کي بيدردي سان قتل ڪيو آهي.

هن ڪيس حيدرآباد ۾ هڪ ڳڻتي جي لهر پکيڙي ڇڏي هئي، جنهن مان اهي سوال اٿيا ته ڇا جگري دوست  به پنهنجي دوست جو قاتل ٿي سگهي ٿو؟ ماڻهو انهي ڳالهه تي اعتبار ڪن يا نه ڪن پر اها هڪ حقيقيت آهي ته لالچ رشتن ناتن ۽ دوستي جي عظيم تعلقاتن کي به بخش نه ٿي ڪري، ڪيس جي حقيقتن مان جيڪي ڳالهيون سامهون آيون، انهن مان معلوم ٿيو ته جوابدار نعيم کي ان ڳالهه جي حوس هئي ته وٽس سٺو موبائيل هجي، ججها پئسا هجن، ته جيئن هو ٻين صاحب حيثيت ماڻهن جهڙو نظر اچي، لالچ ۾ ئي هن پنهنجي دوست کي گهر گهرايو، کيس ڏنڊا ۽ لوهي سيخون هڻي قتل ڪيو ۽ پوءِ هن ڊرامو رچايو ته محمد احسان پنهنجي هڪ گرل فرينڊ سان ملڻ لاءِ لاهور ويل آهي، جنهن کي پيسن جي سخت ضرورت آهي، هن انهي بهاني سان مقتول جي وارثن کان ٽي لک روپيا پڻ ورتا.

ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد مان ٻه لاش مليا، هڪڙو لاش ته ناري صبا شاه جو هو، جنهن کي پنهنجي پريمي بيدردي سان قتل ڪري لاش ٻوري ۾ بند ڪري گلشن رئس واري علائقي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، هن ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار پوليس آڏو اهو اعتراف ڪيو ته ناري صبا کيس بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو ته هن کيس قتل ڪري معاملي کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيٺ هو پوليس هٿان جهجلي پيو، ساڳي ٿاڻي جي حد مان 60 ورهين جي پيرسن بندو عرف سوکا جو ٻوري ۾ بند لاش هٿ آيو، جيڪو معاملو اڃا تائين معمو بڻيل آهي، پوليس هن ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي ڀاءِ ۽ ڀيڻ کي گرفتار ته ڪيو آهي، پر سندن گرفتاري کي لڪائي رهي آهي، هي پيرسن پنندو هو، پوليس موجب پيسن جي معاملي تان سندس جهيڙو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هو قتل ٿي ويو ، اهڙي ئي هڪ پينو فقير جو لاش جي او آرٿاڻي جي حد مان پڻ مليو، قتل ٿيل نوجوان پرڪاش هو،سندس پويان ٻانهون ٻڌل لاش جي ٽي سي گرائونڊ جي ٻوڙن مان هٿ آيو هو، هن ڪيس جا جوابدار اڃا تائين گرفتار ٿي نه سگهيا آهن، پوليس جي ڪارڪردگي هن حوالي سان سواليه بڻيل آهي جو هو پنجن مان صرف ٻن لاشن جي معاملي کي حل ڪري سگهي آهي،

حيدرآباد جون سرد هوائون جتي پنجن ڏينهن جي اياز ۽ ٻن ڏينهن جي جامني ميلي جي ڪري خوش ۽ سرهيون آهن، اتي ئي هن شهر جون فضائون جيم خاني جي صدر ۽ رٽائرڊ بيوروڪريٽ جاويد جوڻيجي جي وفات سبب سوڳوار ۽ ملول به آهن، جاويد جوڻيجو هڪ صوفي منش ماڻهو هو، هو يارن جو يار هو، ايليٽ ڪلاس جي ڪلب جيم خانه جي سياست تي هن جي گذريل 24 سالن کان ڇاپ هئي، هو انهن 24 سالن ۾ جيم خانه جي مکيه وڏن صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدن تي چونڊبو رهيو ۽ ڪڏهن به روايتي حريفن کان شڪست نه کاڌي، جيم خاني جي سياست مستقبل ۾ هلندي رهندي پر شايد اهڙي گهماگهمي هاڻي نظر نه اچي، جهڙي جاويد جوڻيجي جي موجودگي ۾ چونڊ سرگرمين دوران نظر ايندي هئي، جيم خانه جون چونڊون ٿينديون هيون ته لڳندو هو ته ڄڻ هي چونڊون ڪنهن ڪلب جون نه پر ملڪ جي ڪنهن وڏي ايوان ۾ ٿيندڙ ڪنهن وڏي عهدي جون چونڊون هجن.

شاعر بلاول اوٺو جو گهر ڊاهڻ خلاف حيدرآباد ۾ مظاهرو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ ساڃاهه وندن عوامي شاعر بلاول اوٺي جو گهر ڊاهڻ خلاف مظاهرو ڪيو. پريس ڪلب آڏو تاج جويو، نواز شاهه ڀاڏائي، عبدالواحد ڪانڌڙو ۽ ٻين مٺي ۾ شاعر بلاول اوٺي جو گهر حددخليون ڄاڻائي ڊاهڻ خلاف مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ساڃاهه وندن جو چوڻ هو ته ٿر انتظاميه عوامي شاعر بلاول جي گهر ڊاهي سامان ٻاهر اڇلائي گهر ڊاهي پٽ ڪيو آهي، اسان اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته عوامي شاعر بلاول اوٺي کي گهر جو معاوضو ۽ متبادل رهائش ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

حيدرآباد: پيرسن جي قتل ڪيس ۾ عورت سميت 2 ڄڻا گرفتار

ٽنڊو يوسف پوليس ڪارروائي ڪري شاھ فيصل ۽ نورالنساءِ کي گرفتار ڪيو

جوابدارن تي پيرسن بندو کوسا کي قتل ڪري ٻوري بند لاش اڇلائڻ جو الزام

حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد پوليس چار ڏينھن اڳ قتل ڪيل پيرسن جي ڪيس ۾ عورت سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس 4 ڏينهن اڳ قتل ڪيل پيرسن بندو عرف سوکا کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ ھڪ عورت نورالنساءِ عرف پپي ۽ شاه فيصل کي گرفتار ڪيو آھي. پوليس موجب جوابدارن پيرسن بندو کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري گلشن رئيس واري علائقي ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.