fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ جي مهان قوي شيخ اياز جي 21هين ورسي، لفظي ڀيٽا پيش

ڀٽ شاهه (ن پ ا) سنڌ جي مهان قومي شيخ اياز جي 21 هين ورسي تي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته سندس آخري آرامگاهه تي گل نڇاور ڪري خاص دعائون به گهريون ويون. ڀٽ شاهه ۾ يادگار ڪاميٽي طرفان شيخ اياز جي 21هين ورسي ملهائي وئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر، تاج جويو، گاگن داس، دانش جتوئي، محسن جويو، نور سنڌي، نسرين الطاف ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. شاعرن، اديبن، دانشورن، صحافين سوڌو مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان واڳيل ماڻهن شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي گلن جون چادرون چاڙهي کيس لفظي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي تقريب ۾ شامل تاج جويو ۽ ٻين چيو ته شيخ اياز جي قومي شاعري سبب نوجوانن ۾ اُتساءَ آيو.

شاهپور چاڪر ڀرسان ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار زخمي

شاهپور چاڪر(ن پ ا) شاهپور چاڪر ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿي پيو. مين روڊ تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو. حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار 16 سالن جو محمد نواز سنجراڻي زخمي ٿي پيو. مقامي ماڻهن زخمي نوجوان کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي.

ڀٽ شاهه ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڀٽ شاهه )ن پ ا)ڀٽ شاهه ڀرسان ڳوٺ سليم راهو ۾ بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري 16 ورهيه نوجوان فوت ٿي ويو ،ڳوٺ سليم راهو ۾ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري 16 ورهين جو رميش ولد پهلاج مينگهواڙ زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال نيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، وارثن موجب فوتي ٿيل نوجوان پاڻي جي موٽر سان موٽر سائيڪل کي ڌوئي رهيو هو تـه کيس تار مان ڪرنٽ لڳو، جنهن کي بروقت اسپتال پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر هو رستي ۾ فوت ٿي ويو ـ واقعي تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ وارث زاروقطار روئيندا رهيا.

سانگهڙ لڳ ڪار جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر، عورت سميت 5 ڄڻا زخمي

سانگهڙ(ن پ ا) سانگهڙ ويجهو ڪار جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 5ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. راوتياڻي آئل فيلڊ وٽ ڪار جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ پيرسن جنت شيخ، 10 سالن جي سردار خاتون، دلبر، شير علي ۽ امجد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي جو شڪار رهواسي اسپتال مان علاج ڪرائي واپس وڃي رهيا هئا ته حادثي ۾ زخمي ٿي پيا، کين سانگهڙ جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

“سانگهڙ ۾ هاڃو” گهر اندر ڀِت ڪرڻ سبب ٻن ٻارن سوڌو 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڳوٺ گهنڊڻ ۾ ڀِت ڪرڻ سبب عورت پوپري، نينگر گلستان ۽ گلشن فوت

زخمي نينگر گُلزار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو
واقعي کان پوءِگھر ۾ ڪھرام متل

سانگهڙ ن پ ا) سانگهڙ ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻار فوت ٿي ويا. ڳوٺ گهندڻ ۾ ڳوٺاڻي پير بخش چانگ جي گهر ۾ صبح ساڻ ورانڊي جي ڀِت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ورهين جي پوپري، 9 ورهين جو گلستان ۽ 5 سالن گلشن فوت ٿي ويا، جڏهن ته نينگر گلزار کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتلا منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ علائق ۾ سوڳ واري لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته ڳوٺاڻي پير بخش جي گهر ۾ قيامت صغريٰ جهڙا منظر برپا ٿي ويا.

سانگھڙ: گھر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت سميت 2 نينگريون فوت

ڳوٺ گھنڊڻ ۾ صبح جو اوچتو گھر جي ڇت ڪري پئي.ھڪ ٻارڙو بھ زخمي

سانگھڙ(ن پ ا)ڳوٺ گھنڊڻ ۾ گھرجي ڇت ڪرڻ سبب عورت سميت 2 نينگريون فوت ٿي ويون جڏھن تھ ھڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيو. ٻار کي اسپتال پھچايو ويو.گھر ۾ موجود ماڻھو صبح جو ناشتو ڪري رھيا ھئا تھ اوچتو ڌماڪي سان گھر جي ڇت ڪري پئي.واقعي سبب ڳوٺ ۾ قيامت برپا ٿي وئي.

ٽنڊي آدم ۾ نوجوان گهرڀاتين کان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي

ٽنڊوآدم (ن پ ا)ٽنڊي آدم ۾ نوجوان گهرڀاتين کان ناراض ٿي زهر پي ڇڏيو،ان ڏس ۾ٽنڊوآدم جي علائقي رشيد ڪالوني ۾ 25 ورهيه نوجوان محمد نذير پٽ محمد مائٽن کان ناراض ٿي زهريلي دواپي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن تعلقي آسپتال آندو .

سانگھڙ:2 موٽر سائيڪلن جي ٽڪر ۾ ھڪ ڄڻو فوت.3 زخمي

زخمي سانگھڙ اسپتال منتقل. ھڪ زخمي گل مير پٺاڻ جي حالت خراب

سانگهڙ(ن پ ا)راوتياڻي وٽ ٻن موٽر سائيڪلن جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو حسين بخش سنجراڻي فوت ٿي ويو آهي ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ شهمير ڀٽي، ارشاد ڀٽي ۽ گل مير پٺاڻ شامل آهن. جڏهن ته گل مير پٺاڻ جي حالت تمام خراب ٻڌائي پئي وڃي، زخمين جو تعلق شاهپور چاڪر ٻڌايو آهي جيڪي سانگھڙ سول اسپتال ۾ آهن.

گرھوڙ شريف:گرھوڙي جي درگاھ ۽ شھر بنيادي سھوليتن کان محروم

درگاھ تي پري پري کان ايندڙ ھزارين زائرين مسافر خاني ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ بھ پريشان

گرهوڙ شريف (ن پ ا ) شھيدعبدالرحيم گرهوڙي جي درگاه جي حوالي سان مشھور سنڌڙي تعلقي جو شھر گرھوڙ شريف بنيادي سھوليتن کان وانجھيل. 15 هزار جي آبادي جو شهر گرهوڙ شريف بنيادي مسئلن جي ور چڙھيل. سهولتن کان محروم درگاه گرهوڙشريف جي مزار تي ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو. سانگهڙ ميرپورخاص جي قومي توڙي صوبائي سيٽن تي چونڊ وڙھندڙ اميدوار درگاه گرهوڙ شريف تي حاضري ڀرڻ کان پوء پنھنجي چونڊ مھم شروع ڪندا آھن پر اليڪشن ۾ ڪاميابي کان پوء ھن درگاه توڙي شھر تي ڪوبه توجھھ ڏيڻ لاء تيار نه آھي جنهن ڪري هي تاريخي شھر هن وقت کنڊرات وارو ڏيک ڏي ٿو. هن شھر ۾ گذريل 10 سالن کان ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو چونڊيل نمائندن عوام سان وعدا ڪيا جيڪي پڻ وفا نه ٿي سگهيا. درگاه گرهوڙ شريف تي هر نئين چنڊ جي پهرين سومر تي سائو سومر جي ڏينهن ميلو پڻ لڳندو آھي جتي هزارين زائرين مرد، عورتون ۽ معصوم ٻار درگاه تي حاضري ڀرڻ لاء پنجاب، بلوچستان سميت ٻين صوبن کان حاضري ڀرڻ ايندا آھن پر درگاه جو مسافرخانو توڙي پيئڻ جي پاڻي جي حوالي سان انھن کي وڏي مشڪلات کي منهن ڏيڻو ٿو پوي.

مها قوي شيخ اياز جي 21هين ورسي 28 ڊسمبر تي ملهائڻ جو اعلان

شيخ اياز يادگار ڪميٽي ۽ ثقافت کاتي جي سهڪار سان ورسي تقريب ڪوٺائي ويندي

ڀٽ شاهه جي ڪراڙ ڪپ تي شيخ اياز جي ابدي آرام گاهه تي محفل منعقد ٿيندي

ڀٽ شاهه (رپورٽ: راجا بوزدار) ـ سنڌ جي مهان ڪوي شاعر جي 21 وين ورسي 28 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ ملهائي ويندي ـ شيخ اياز يادگار ڪميٽي پاران ثقافت کاتي ۽ سنڌ صحافي سنگت جي سهڪار سان ورسي کي شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ورسي جي موقعي تي نالي وارا اديب ـ دانشور ـ شاعر ـ صحافي ـ سياسي سماجي اڳواڻ ـ ثقافت کاتي جا عملدار ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪندا ـ ثقافت کاتي طرفان ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر جي اڳواڻي ۾ وفد شيخ اياز جي مزار تي گلن جي چادر سان ڀيٽا پيش ڪندا ـ ان سلسلي ۾ شيخ اياز يادگار ڪميٽي جي چيئرمين ديوان گاگن داس صحافين سان ڳالهائيندي چيو تـ هن دفعي شيخ اياز جي ورسي کي شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو ٿيو آهي ـ مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ بعد راڳ رنگ جي محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي ـ جنهن ۾ مقامي فنڪار ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعر سان فن جو مظاهرو ڪندا ۽ لنگر نياز پڻ تقسيم ڪيو ويندو.

ٽنڊو آدم ويجھو رڪشا ڪلٽي، ٻارڙي فوت، 7 ڄڻا زخمي

ٽنڊوآدم ( ن پ ا ) ٽنڊوآدم لڳ چنگچي رڪشه ڪلٽي 8 سالا ٻارڙي فوت ،5 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي اسپتال داخل رپوٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ احمد ٻرڙا ويجهو تيز رفتار چنگچي رڪشا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ باگڙي خاندان جي 8 سالا ٻارڙي ديوي ڀارتي ڌيءَ ڪنيها ٿڏي تي فوت ٿي ويئي جڏهن ته 5 عورتون لڇمي زال لڇمڻ، لونگي زال ڀڳوان ، جوڳي ڌيءَ لڇمڻ ، سعيده ڌيءَ لڇمڻ، جيوڻي زال ڀيرو سميت ڪرشن ۽ ڀيرو زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ٽنڊوآدم سٽي ۽ بي سيڪشن پوليس حادثي کان بي خبر رهيا ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار باگڙي خاندان شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ شهدادپور وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو

کپرو پوليس موٽرسائيڪلون چورائيندڙ گروهه جي 4 جوابدارن کي پڪڙي ورتو

کپرو(ن پ ا)کپرو پوليس جو سول اسپتال ڀر سان مينهن جي واڙي تي ڇاپو چار موٽر سائيڪلون ۽ 6 گاڏين جون نمبر پليٽون هٿ ڪري اويس قائم خاني کي گرفتار ڪيو ويو،گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي واحد رند، اسحاق رند ۽ ماجد جٽ کي حراست ۾ وٺي حارث قائمخاني جي فرياد تي 5 جوابدارن تي ڪيس ڪري ورتو آھي ،ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کپرو مان موٽرسائيڪل جي چورين جي وارداتن جي وڌڻ تي تفتش ڪئي ٿه ڄاڻ ملي ته هڪ گروه اوچتو سرگرم ٿي ويو آھي.خفيه ڄاڻ تي سول اسپتال ڀر سان قائم مينهن جي واڙي تي ڇاپو هنيو جنهن دورانهن چار موٽر سائين ۽ 6 کان وڌيڪ گاڏين جا نمبرپليٽ هٿ آيا آھن جوبدارن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيو .

مقصودي رند ۾ باھ لڳڻ سبب 2 گھر سڙي ويا، الھھ تلھھ سڙي رک

مقصودو رند (ن پ ا) مقصودورند لڳ ڳوٺ لنڊو ۾ باھھ لڳڻ سبب 2 گھر سڙي ويا. پورھيت سورجو ڀيل ۽ تاريو ڀيل جي ڪکاون گهرن کي چلهي مان چڻنگ اٿڻ ڪري باهھ وڪوڙي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻئي گھر سڙي ويا، گھر ڀاتين ۾ رڙيون پئجي ويون، باھ لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو.

عمران خان جو منشور ئي اپوزيشن جو خاتمو آهي: نويد ڏيرو

سانگھڙ( رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نويد ڏيرو چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان نه ڪو قائد اعظم جي ڏنل سبقن مان سکيو آهي نه ئي قائد عوام جي ڏنل درس تي هلي رهيو آهي ان جو هڪ منشور آهي ته اپوزيشن کي ختم ڪيو وڃي. سانگھڙ ۾ قائد اعظم جي جنم ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوامي ليڊر جي هڪ نشاني آهي ته هو ڪا ڳالهه ڪندو ته سئو ڀيرا سوچي ڳالهه ڪندو پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جيڪا قائد اعظم جي منشور تي هلي رهي آهي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ نثار حمد ميمڻ جو چوڻ هو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي ڪيل ملڪ لا۽ خدمتون اڻوسرندڙ آهن سندن ڪيل خدمت ي سبق سمجهي اسان ي مدد ڪرڻ گھرجي ملڪ ۽ قوم جي لا۽ عوام کي گڏجي قائد اعظم جي ڏنل سبق تي هلي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪنداسين سانگھڙ ضلعي ۾ عوام جي خدمت ڪندو رهندس ضلعي چيئرمين خادم حسين رند جو چوڻ هو ته قائد اعظم جي زندگي بابت روشني وڌي . سالگرهه تقريب ۾ دپٽي ڪمشنر سانگھڙ نثار آحمد ميمڻ ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر يار محمد بالادي.پي پي ٽڪٽ هولڊر معشوق چانڊيو،ڊسٽرڪٽ سانگھڙ جي نمائندن،۽ ليڊيزاڳواڻن۽ چيمبر آف ڪامرس ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کپرو: ڪئنال کي گهارو 10 ڪلاڪن بعد بند،پاڻي 5 ڳوٺن ۾ داخل، فصل ٻڏي ويا

700 ايڪڙن کان مٿي بيٺل ڪڻڪ،سونف، توريو ۽ اسپنگر جا فصل ٻڏي ويا، ڪروڙن جو نقصان

کپرو)ن پ ا)کپرو واھ کي ڪئنال کي لڳل 50 فٽ گهارو سخت جفاڪشيءَ بعد ڏھن ڪلاڪن بعد آبپاشيءَ عملدارن غلام مجتبي ڌامراه، شاهد ميمڻ ۽ آبادگارن عمر گل هنڱورجو،فقير الهبچايو منڱريو،يامين هنڱورجو،دائود هنڱورجو،الهبچايو ٿيٻو ۽ ٻين علائقي واسين جي ڪوشش بعد بند ڪيو ويو.گهاري سبب ڳوٺ متل درس،مبين درس،علي غلام ڀنڀرو،آچار هنڱورجو،حاجي جمال الدين هنڱورجو ۾ غريب هارين ۽ پورهيتن جا گهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.جڏھن ته پاڻيءَ گهرن ۾ اچڻ ڪري،ڳوٺاڻا سخت سيءَ ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت محفوظ هنڌن تي کليل آسمان هيٺ پناھ ورتي.جڏھن ته ست سو ايڪڙن کان مٿي بيٺل ڪڻڪ،سونف،توريون،بصر ۽ اسپنگر جو فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويو.