fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پنوعاقل: تعلقي اسپتال ۾ مختلف ويڪسين سميت سهولتن جي کوٽ

اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجون ڪلينڪس هلائي پيسا ڪمائڻ ۾ رڌل

مهانگيون دوائون غريب مريضن کي نه پيون ملن، غريب ماڻهو دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور

پنوعاقل ( ن پ ا) تعلقي اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ ۽ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين اڻ لڀ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب مريض ۽ وارث دربدر ٿيڻ تي مجبور آهن، اسپتال جي ايمرجنسي لاءِ مقرر ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ بدران ڪلينڪون هلائي ٻنهي هٿن سان رڳو پيسا ڪمائڻ ۾ رڌل آهن.
تعلقي اسپتال ۾ مهانگو دوائون غريبن کي ڏيڻ بدران کين خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، صفائي سٿرائي جو نظام به ناقص هئڻ ڪري مريض توڙي وارث سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، الٽرا سائونڊ لاءِ گائنوڪولاجسٽ به مقرر ڪرڻ بدران سيکڙاٽ ڊاڪٽر مقرر ڪري عوام جي جانين سان کيڏڻ جو سلسلو جاري آهي، سيڪيورٽي مسئلن سبب ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون اسپتال مان چوري ٿي چڪيون آهن.
ايم ايس اسماعيل عباسي چيو ته ڪتي جي چڪ کان بچاءُ سميت ٻين انجيڪشن جي فراهمي لاءِ اختيارين کي لکيو ويو آهي، سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مريضن کي بهتر سهولتون نه ڏنيون ويون ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

حيسڪو وارن جي هٺ ڌرمي، ڪچي پل سميت مختلف ڳوٺن جي بجلي ڪٽيل، مظاهرن جو چتاءُ

قبو سعيد خان (ن-پ-ا) ڪچي پل شهر سنڌ بلوچستان جي آخري پٽي تي قائم شهر ڪچي پل پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڳهڙ سمجهيو وڃي ٿو هن شهر مان ضلع قمبر شهدادڪوٽ بد قسمتي سان بلدياتي اليڪشن ۾ يوسي ڍوري مان ڪاميابي ماڻيندڙ ضلعي چيئرمين پنهنجي ئي شهر مان چونڊجي ضلعي واريون ذميواريون سنڀالي رهيو آهي پر سائين جن کي شايد پنهنجو ئي شهر ترقياتي ڪمن ۾ نظر نٿو اچي هن شهر سميت ڀرواري ڳوٺن ۾ گذريل 4 مهينن کان وٺي حيسڪو پاران بلاجواز قبووايه ڪچي پل 11 هزاربجلي جي مين لائن قبوسعيدخان باءِ پاس کان سندس مين لائين تارون ڪٽي ڇڏيون جنهن سبب ڪچي پل شهر سميت 200ڳوٺن جي بجلي بند هجڻ سبب رهواسي عذاب واري زندنگي گذارڻ تي مجبور آهن جڏهن ته بجلي تي هلندڙ ڪاروباري مرڪز سان گڏ پورهيت به فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن بجلي نه هجڻ سبب ڪاروباري مرڪز بند هجڻ سبب هتان جا رهواسي جنهن ۾ زاهد کوسو، سرفراز کوسو، سلطان، شبير کوسو محمد مگسي مگس فياض مختيارعلي کوسو سميت ۽ ٻين پنجنجي اخبار سان دانهن هيندي چيو ته شهر ۾ ٻيا بنيادي ڪم ته پنهنجي جي جاء تي پر شهرين هڪ هفتو اڳ دوڪاندارن کان چندو ڪري بجلي جي عملدارن کي 20000هزار روپيه ڏنوسي ته مين لائين جي تارن کي مرمت ڪري فوري طورتي ڪچي پل شهر جي بند پيل بجلي بحال ڪيووڃي پر واپڊا جي ڪارن رڊن بجلي ته بحال نه ڪيو پرهنن اهو جواز ڃاڻائي هن محل تائين بجلي بند ڪري ڇڏيوته ڪجهه مهينا اڳ ڪچي پل لڳ ڳوٺ گل حسن مگسي مان ٻن نوجوانن کي بجلي جي تارهيٺ هجڻ سبب ڪرنڊ لڳڻ سب نوجوان اصغر چنو موقعي تي فوت ٿي ويو هڪ کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو مقتولن جي وارثن بجلي جي عملدارن خلاف ڪچي پل ٿاڻي تي ايس ڊي او لائين مين جي غفلت سبب ڪيس داخل ڪرايو جنهن سبب وارثن جي ڪيس مان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ ڪچي پل شهر سميت 200گهرن جي بجلي سپلاء بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب هن محل تائين شهري توڙي ڀروارا ڳوٺن جي بجلي کان محروم ٿيل آهن ۽ جڏهن ته شهرين چتا۽ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شهر کي بجلي نه ڏنو ويو ته اسان احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.

خوبصورت خوابن جو ڀوائتو نتيجو، دراني جو شڪارپور نالين جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل!

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جو شهر شڪارپور گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو، هر پاسي نالين جو پاڻي بيهجي ويو، ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين کي جعلي ڀرتين جي الزام ۾ معطل ڪري ڪارونهوار ڊي سي حوالي ٿيڻ سان ئي رهيل ڪسر به پوري ٿي وئي. سومرا محلا سميت شهر جي مڙني علائقن ۾ صفائي جا ناقص انتظام هئڻ سبب نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي. ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين سنجي سنجراڻي کي جعلي ڀرتين جي الزام ۾ معطل ڪري ڊي سي حسن رضا کي اضافي جارچ ڏني وئي. ڊي سي شهر جي حالت سڌارڻ بدران ويتر خراب ڪري ڇڏي. شهرين عبدالمجيد ڪانڌڙو، عبدالحليم بروهي، محمد سليمان سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته صفائي جي ناقص انتظامن سبب شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، جنهن جي ڪري بيمارين به ڪر کنيو آهي. هنن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کان مطالبو ڪيو ته شهر جي صفائي ڪرائي کين گندگي جي آزار کان بچايو وڃي.

شڪارپور ۾ ايس ايس پي خلاف شيعا تنظيم جو احتجاج

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ شيعا اڳواڻن کي سڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي امام بارگاھ ڪربلا کان لکيدر گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي مقصود ڊومڪي، مولانا سڪندر دل ۽ ٻين چيو ته شڪارپور ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، پر ايس ايس پي شيعا علمائن کي سڪيورٽي نه ڏئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شيعا اڳواڻن کي سڪيورٽي ڏني وڃي.

خانپور ڀرسان روڊ حادثا،نينگر ۽ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي

خانپور( رپورٽر) خانپور لڳ انڊس ھائي وي تي ٽن مختلف روڊ حادثن سبب ھڪ نينگر ۽ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا،خانپور لڳ انڊس ھائي وي تي گوھر شاخ اسٽاپ لڳ ٻن موٽرسائيڪلن م آمھون سامھو ٽڪر ٿي پيو، جنھن سبب 2 ڄڻا رحمت الله پھوڙ ء محمد سليمان منگي زخمي ٿي پيا ،جن کي خانپور اسپتال آندو جتان رحمت الله پھوڙ کي شديد زخمي ھجڻ سبب کيس سول اسپتال شڪارپور ريفر ڪيو ويو، ھوڏانھن فيضو اسٽاپ ويجھو ڪار جو سائيڪل سوار شاہ محمد منگي کي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنھن کي پڻ خانپور اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي جڏھن خانپور انڊس ھاءِ وي تي ون فائيو وٽ موٽر سائيڪل سان نينگر اڪبر ٻرڙو ٽڪرجڻ سبب نينگر۽ موٽر سائيڪل سوار عمير ڀيو ۽ ھڪ عورت (پ) زخمي ٿي پئي جن کي پڻ خانپور اسپتال آندو ويو.

پنوعاقل:ٿاڻي تان لاوارث ٻار گم ٿيڻ وارو معمو حل نھ ٿي سگھيو. شھرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ٿاڻي تي معصوم ٻارڙي جي گم ٿيڻ واري معاملي تعلقي جي پوليس جي ڪارڪردگي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. لاوارث حالت ۾ هٿ آيل معصوم ٻارڙن جو معاملو ٿاڻي تان به پراسرار نموني گم ٿي وڃڻ وارو معاملو حل نھ ٿي سگھيو.گم ٿي ويل 2 معصوم ٻارڙن جو هن مهل تائين ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو. واضح رهي ته ڪالهھ هڪ شهري علي گوهر چنه کي مهراڻ اسڪول وٽان ٻه ٻار لاوارث حالت ۾ مليا جنهن پوليس حوالي ڪيا ته جئين وارثن تائين اطلاع پهچي سگهي. پوليس اطلاع پاران اطلاع ڪرايا ويا.ايس ايچ او حڪيم لانگاهه ٻارن کي سنتري ۽ منشي حوالي ڪيو ته هنن معصوم ٻارڙن جو خيال رکيو وڃي. پوليس روايتي نااهلي سبب ٻه معصوم ٻارڙا نھ سنڀالي سگهي. ان واقعي جي ڪري ماڻهن ۾ تاء پکڙيل آهي. شهرين مطالبو ڪيو ته معصوم ٻارڙا جلد هٿ ڪري وارثن جو پتو لڳايو وڃي.

ڪارنهن الزام هيٺ آيل شخص جي ڳوٺ کان گذرڻ تان واقعو پيش آيو

لکي غلام شاهه: علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٽي مهينا اڳ عبدالقادر انگاري خروس مٿان ڪارنهن جو الزام هو جنهن کانپوء اهو اڄ صبح عبدالقادر انگاري خروس ڳوٺ جي رستي تان گذريو پئي ته سجاول واري ڌر روڪيو جنهن تي جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ چار ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ علائقي ۾ خوف واري صورت برقرار آهي ڪنهن به وقت تڪرار ٿي سگهي ٿو.

پيپلزپارٽي شڪارپور ۾ اختلاف،2 گروپ ٺھي ويا

ضلعي صدر عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ ۾ يوٿ ونگ جي عهدن تان اختلاف

محترمه جي ورسي تي اختلاف ظاهر، عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ الڳ ڪمپيون لڳايون
عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) پيپلزپارٽي شڪارپور ضلعي ۾ اختلاف، ڌڙابندي جو شڪار، پ پ ضلعي صدر ايم اين اي مير عابد ڀيو ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ وچ ۾ پ پ يوٿ ونگ ۾ من پسند ماڻهن کي عهدا ڏيڻ تان اختلاف شروع ٿيا جڏهن ته آغا سراج دراني ۽ ڪماريو ڀائرن ۾ اليڪشن ۾ مڪمل طور مدد نه ڪرڻ ڪري اختلافن جا چئوٻول پڻ هلندڙ هئا جيڪي هن ڀيري شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ دوران پڌرا ٿي چڪا آهن، ٻنهي اڳواڻن پاران ڌار ڌار ڪيمپون قائم ڪيون ويون جيڪي سڄو ڏينهن جيالن کان خالي رهيون، جڏهن ته امتياز احمد شيخ ۽ عابد ڀيو ڌار ڌار پينافيلڪس ٺهرايا جن تي هنن رڳو پنهنجون پنهنجون الڳ تصويرون لڳايون، جنهن بعد ٻئي اڳواڻ الڳ گاڏيون سجائي پنهنجي بنگلن تان جٿن جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ويا، ٻئي پاسي شڪارپور پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو پڻ شڪارپور هائوس تي پهچي امتياز شيخ سان گڏ ڪيمپ تي پهتو هو جڏهن ته آغا سراج دراني ڳڙهي ياسين مان جيالن جي جٿي سان الڳ ڳڙهي خدا بخش لاءِ روانو ٿيو، شڪارپور ضلعي اندر پ پ اڳواڻن ۾ عام عام چونڊن کان اڳ ٽڪيٽن ۽ چونڊن کان بعد هڪٻئي جي تڪن تي مدد نه ڪرڻ ۽ تازو يوٿ چونڊن ۾ من پسند ماڻهن کي سليڪٽ ڪرڻ تان اختلاف شروع ٿيا هئا، ياد رهي ته هڪ سال اڳ امتياز شيخ جي پ پ ۾ اچڻ ۽ کيس ٽڪيٽ ڏيڻ تان آغا تيمور پٺاڻ پ پ ڇڏي چڪو آهي.

پکي ۾ عام واهپي وارين شين جا اگهه ٻيڻا، گوشت ۽ سبزيون به مهانگيون

پکو(ن پ ا) پکي ۾ عام واهپي وارين شين جا اگهه ٻيڻا، گوشت ۽ سبزيون به مهانگيون،عوام پريشان، خبر موجب، پکو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ پاڻمرادو واڌ ڪري شهرين کي ڦريو پيو وڃي. وڳڻ، نصير آباد ۽ ٻين شهرن ۾ سرڪاري ريٽ لسٽن تي عمل نه ٿيو. دڪاندار ننڍو گوشت 800، ننڍو گوشت 350، مڇي 300رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته سبزين جي اگهن ۾ به واڌ ڪري پٽاٽا 50رپيا، ٽماٽا 60رپيا، گوبي 50رپيا، پالڪ 40 رپيا، ڀينڊيون 80 رپيا، توريون 70 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيون پيون وڃن. انتظامي نااهلي سبب دڪاندار فروٽن ۽ ميون جي اگهن ۾ به واڌ ڪري صوف 180رپيا في ڪلو، نارنگي60، ڏاڙهون 200 رپيا، گجر 50، زيتون50 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته خشڪ ميون جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن زاهد خشڪ، رضا علي سامٽيو، سرائي سامٽيو، دلمراد ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مارڪيٽ ڪاميٽي جي مقرر ريٽ لسٽن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، دڪاندار شهرين کان هٿ ٺوڪيا اگهه اوڳاڙي رهيا آهن، پر ڪير ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

لکي غلام شاهه ڀرسان ڪارنهن تڪرار،وڌيڪ هڪ زخمي فوت،مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو

مارجي ويلن ۾ سجاول خروس، سندس پٽ بلاول ۽ ڀائٽيا عابد ۽ نعمت الله شامل،ڌريون مورچا بند

مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ لکي غلام شاهه منتقل ڪيا ويا،آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس ورتو

لکي غلام شاھ(رپورٽ:فھيم حيدر منگي ) لکي غلام شاھ لڳ محمود آباغ ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن تڪرار جي معاملي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت ٿي ويو آهي،جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو،ڳوٺ متارو خروس ۾ ڪارنهن تڪرار تان خروس برادريء جي ٻن ڌرين عبدالقادر عرف انگاري خروس ۽ سجاول خروس جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان بدنام ڌاڙيل عبدالقادر عرف انگاري خروس ڌر جي ماڻهن جديد هٿيارن سان ڳاڙھي (عورت واري ڌر) سجاول خروس جي گهرن تي حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ سجاول خروس جي ڌر جا پيءُ ،پٽ سجاول ۽ بلاول ،ڀائٽيو عابد خروس نعمت الله سميت 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. جڏهن ته هڪ ڄڻو موج علي خروس زخمي ٿي پيو ،واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو. ڌريون مورچا بند آهن جڏهن ته آباد ملاڻي ايٽ محمود آباد پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ لکي سول اسپتال منتقل لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو .چئني مقتولن جا لاش ڳوٺ متارو خروس پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو . جڏھن ته ٻنهي ڌرين ۾ وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي،هوڏانهن آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

لکي غلام شاهه ۾ زميني تڪرار 3 حياتيون ڳڙڪائي ويو، آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو

خانپور ڀرسان ڪچي ۾ خروس برادري جي هڪ ڌُر جي هٿياربندن جو اوطاق تي حملو

ڌُريون مورچابند، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

شڪارپور(ن پ ا) ڳوٺ نادر شاهه ۾ اوطاق تي هٿياربندن جي حملي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ 3 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ نادر شاهه جي رهواسين موجب پراڻي تڪرار سبب لاڙڪاڻي لڏي ويل سجاول خروس، سندس پٽ بلاول ۽ ڀائيٽو عابد خروس گهمڻ لاءِ ڳوٺ آيا ته هٿياربندن اوطاق تي حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران انڌاڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽئي ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو نعمت الله خروس زخمي ٿي پيو.
حملي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ٽن ڄڻن جي مارجي وڃڻ بعد ڇڪتاڻ سبب ڌريون مورچابند ٿي ويون، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
ڳوٺاڻن موجب واقعو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار جو نتيجو آهي، جنهن تان هڪ ڌر جا ماڻهو شڪارپور مان لاڙڪاڻي لڏي ويا هئا، جنهن بعد جرڳي ذريعي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ڪرايو ويو هو، اڄ جيئن ئي ٽئي ڄڻا گهمڻ لاءِ ڳوٺ آيا ته هٿياربندن حملو ڪيو.

ميان صاحب: 220 وولٽ جون تارون باھ لڳڻ سبب ٽٽي پيون

ھوٽلن تي ويٺل ماڻھن ۾ ڀاڄ. ٽانوري سيد ۽ راجپوت پاڙي جي بجلي بند ٿي وئي

ميان صاحب(ن پ ا) ٽانوري محلي ۾ اڄ صبح بجلي جي 220 وولٽ جي تارن کي اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب صبح دڪانن ۽ هوٽلن تي چانھھ پيئندڙ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي تارن کي باھ لڳڻ سبب 220 وولٽ جون ٽيئي تارون ٽٽي هيٺ ڪري پيون پر صبح جو سويل ماڻهن جي گهر هجڻ ڪري ڪو بھ نقصان نھ ٿيو جڏهن تھ تارن جي ٽٽي ڪرڻ سبب ٽانوري سيد ۽ راجپوت پاڙن جي بجلي بند ٿي وئي.اطلاع باوجود سيپڪو وارا آخري اطلاع تائين اڃان نھ پھتا ھئا

پنوعاقل: شهر ۾ هڪ ئي رات ۾ ٻن دڪانن مان لکين رپين جي چوري، پوليس اگھور ننڊ ستل، دڪاندار پريشان

چوري سون ۽ ڪپڙي جي دڪانن مان لکين رپين جي چوري ڪيا ويا: متاثر دڪاندار

فوري طور چورن کي پڪڙي سامان واپس ڪرايو وڃي: متاثر دڪاندارن جي اپيل

پنوعاقل ) ن پ ا ) شهر ۾ هڪ رات ۾ چوري جا 2 واقعا پيش اچڻ تي واپارين ۾ تاءُ پکڙجي ويو، چور سون ۽ ڪپڙي جي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جي چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.
اڻڄاتل چور رات دير سان محمد حنيف سوناري جي دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سون ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا، ساڳي ئي رات هيري مل جي ڪپڙي جي دڪان جا تالا ٽوڙي 30 هزار روڪ ء ڪپڙن جا 15 ٿان چوري ڪيا ويا.
دڪاندارن چوري جي ٻنهي واقعن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي سبب بدامني وڌي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به ٻن دڪانن مان چوري ٿي هئي، نه انهن واقعن جا جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي چوري واپس ڪرائي وئي آهي.
متاثر دڪاندارن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته چوري جي تازن واقعن جو نوٽيس وٺي بدامني کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن

شڪارپور ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت،ٻيو زخمي

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ڀرسان سنڌ واھ لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار رستم واسي 40 سالن جو غلام محمد مهر عرف ڪوڙو مھر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو عبدالله مهر سخت زخمي ٿي پيو جن کي پوليس ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور پهچايو، جتي پوليس اهلڪارن ٻڌائيندي چيو ته ڪار سوار رستم ڏانهن ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولها ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هنن فوتي جي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، ٻئي پاسي آربي يو ٽي سول اسپتال انتظاميا خانپور جي حد ڄاڻائي فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ خانپور کڻي وڃڻ لاءِ چيو، جنھن بعد فوتي جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي سندس وارث روئيندا پٽيندا رستم کڻائي ويا،جڏهن ته زخمي نوجوان کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

شڪارپور ۾ مچ ڪچهري،سگهڙن ڏور،بيت ۽ ڳجهارتن ذريعي محفل مچائي ڇڏي

شڪارپور(ن پ ا) سماجي تنظيم دن پاران سياري جي سرد راتين ۾ مچ تي محبتن جا ميلا جاري، ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو ۾ ” سگهڙ ڪچهري” ۾ سگهڙن ڏور، بيتن ۽ ڳجهارتن ذريعي محفل کي مهو بڻائي ڇڏيو، سياري جي سرد راتين ۾ ” مچ ” تي محبتن سان ڀرپور سگهڙ ڪچهريون منعقد ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم دن سرگرم عمل آهي انهي سلسلي ۾ ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو ۾ ” مچ ” تي شاندار ” سگهڙ ڪچهري” منعقد ڪري محبتن سان ڀرپور ميلو مچايو ويو”سگهڙ ڪچهري” ۾ ناليوارن سگهڙن حاڪم ڪوري، علي محمد ڀيو، اعجاز ڪلهوڙو ۽ ٻين ڳجهارتون، ڏور ، بيت ۽ سينگار پيش ڪري محفل ۾ واه واه جي ڌوم مچائي ڇڏي، رات جو دير تائين مچ تي مچايل محفل کي سماجي تنظيم ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشنس نيٽ ورڪ (دن )جي چيف ايگزيڪيوٽو مجاهد ڀٽو، سماجي اڳواڻن، سلطان رند، حاڪم گل مهر ۽ دن جي پروگرام مئنيجر جميل ايوب مهر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين، درويشن ۽ ساڃاه وندن جي سرزمين آهي جتان محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ملندو رهيو آهي انهن چيو ته اڄ دنيا مذهبن، فرقن، قبيلائي توڙي نسلي نفرتن ۾ ورهائجي وئي آهي جنهن کي صوفين ۽ درويشن جي محبت ڀري نظريي سان ميڙي مٺ ڪري خدا جي ٺاهيل ڪائنات کي جنت نظير نڻائي سگهجي ٿو اڳواڻن زور ڀريو ته سنڌ جي روائتي مچ ڪچهرين ۽ سگهڙ ڪچهرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر آباد ڪجي ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڪچهريون محبتن کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون.