شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جو شهر شڪارپور گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو، هر پاسي نالين جو پاڻي بيهجي ويو، ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين کي جعلي ڀرتين جي الزام ۾ معطل ڪري ڪارونهوار ڊي سي حوالي ٿيڻ سان ئي رهيل ڪسر به پوري ٿي وئي. سومرا محلا سميت شهر جي مڙني علائقن ۾ صفائي جا ناقص انتظام هئڻ سبب نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي. ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين سنجي سنجراڻي کي جعلي ڀرتين جي الزام ۾ معطل ڪري ڊي سي حسن رضا کي اضافي جارچ ڏني وئي. ڊي سي شهر جي حالت سڌارڻ بدران ويتر خراب ڪري ڇڏي. شهرين عبدالمجيد ڪانڌڙو، عبدالحليم بروهي، محمد سليمان سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته صفائي جي ناقص انتظامن سبب شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، جنهن جي ڪري بيمارين به ڪر کنيو آهي. هنن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کان مطالبو ڪيو ته شهر جي صفائي ڪرائي کين گندگي جي آزار کان بچايو وڃي.