ميهڙ (ن پ ا)ميهڙ لڳ 12 ڏينهن اڳُ 11 جوابدار هٿان قتل ٿيل مقتول اعجاز نوناري جا جوابدار گرفتار نه ٿيا گهر ۾ ڪُهرام متل ميڊيڪل به جاري نه ٿيو سنڌ نيشنل تحريڪ جي چيئرمين اشرف نوناري مقتول جي وارثن وٽ پهتو ايس اين ٽي۽ آل سنڌ نوناري ويلفيئر پاران 28 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
ميهڙ ويجهو حادثي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي
ميھڙ (ن پ ا)ميهڙ انڊس هاء وي بريدارو اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار مسافر بس جو موٽر سائيڪل کي پويان ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان نديم ٻگهيو, سندس زال سومل ٻگهيو ۽ ماء مسمات ذواليخان ٻگهيو سخت زخمي ٿي پيا. روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ٽئين ڄڻن کي تعلقي اسپتال ميهڙ علاج لاء آندو ويو جتي مسمات ذواليخان ٻگهيو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو.
مٽياري ۽ ڀرپاسي پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو آپريشن،16 شڪي گرفتار
سي پيڪ منصوبن جي آسپاس وارن علائقن ۾ پاڪ فوج جي دستن سان گڏ سرچ آپريشن ٿيو
هوٽلن،ڳوٺن،بس اسٽاپن ۽ مسافر خانن مان 16 کان مٿي شڪي ماڻھن گرفتار ڪيو ويو
مٽياري(رپورٽر) مٽياري پوليس پاران ضلعي ۾ ھلندڙ سي پيڪ جي پروجيڪٽن جي آسپاس وارن علائقن ۾ پاڪ فوج جي دستن سان گڏ سرچ آپريشن ڪري 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي،ايس ايس پي مٽياري جي ترجمان موجب ايس ايس پي عمران رياض جي هدايتن ضلعي مٽياري ۾ ھلندڙ سي پيڪ جي منصوبن واري علائقن ۾ پوليس فوجي دستا ساڻ ڪري سرچ آپريشن ڪيو،کيبراڻي ٿاڻي جي حد ۾ آپريشن دوران هوٽلن،ڳوٺن،بس اسٽاپن ۽ مسافر خانن مان 16 کان مٿي شڪي ماڻھن گرفتار ڪيو ويو آھي.
”دريا بچايو“ : اياز لطيف پليجو جي سربراهي ۾ هالا کان ڀٽ شاهه تائين مارچ
ڀٽ شاھ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ هالا کان ڀٽ شاهه تائين درياءَ بچايو مارچ شروع ڪيو ويو آهي، هالا ۾ درگاهه سرور نوح روڊ تان نڪتل پيادل لانگ مارچ ۾ سوين مرد ۽ عورتون به شامل آهن، درياءَ بچايو مارچ ۾ شامل اڳواڻن جو مختلف هنڌن تي گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو ،اياز لطيف پليجو مارچ کي خطاب ڪندي چيو تـ ڪالاباغ ڪنهن بـ صورت ۾ سنڌ واسين کي قبول نـ آهي،سنڌو درياءَ تي ڪنهن بـ قسم جو ڪو ٻيو ڊئم بـ برداشت نـ ڪيو ويندو .هن چيو تـ سنڌ ۾ لاقانوعيت عروج تي آهي،بدامني ۾ بـ اضافو ٿي ويو آهي حڪومتي وزير ۽ ميمبر ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن هن چيو تـ ڪرپشن ادارن کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي، پاڻي کوٽ، گئس جي لوڊ شيڊنگ، ڪمند جي آبادگارن سان زيادتيون ۽ زرعي جنسي اگهن ۾ ڪمي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي،دريا بچايو لانگ مارچ هالا مان شروع ڪري شاهه لطيف ڀٽائي جي در تي دانهن ڏينداسين ۽ سنڌ ڌرتي جي ترقي. ان موقعي تي روشن ڪنراڻي، الطاف خاصخيلي، آغا محمود ،محمد رخشاڻي، شڪور ناز سميت ٻيا اڳواڻ بـ موجود هئا
مٽياري ۾ ڪمند جي ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،خانپور واسي فوت،ٻيو زخمي
مقامي پوليس فوتي رامون ڪولهي جو لاش ۽ زخمي کي مٽياري اسپتال کڻائي آئي،زخمي حيدرآباد منتقل
مٽياري (ن پ ا)مٽياري ڀرسان شگر ل لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ ڪمند جي ٽرالي وچم ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتجي خانپور جو رهواسي رامون ڪولهي فوت ٿي ويو جڏھن ڪمليش ڪولهي زخمي ٿي پيو مقامي پوليس فوتي ۽ زخمي کي مٽياري اسپتال کڻائي آئي جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي کي علاج لاءِحيدرآباد سول اسپتال موڪليو ويو.
ميروخان:خير شاهه جي ميلي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،هڪ ڄڻو قتل
مقتول مريد حسين جلباڻي رتيديري جو رهواسي هو،ميلو گهمڻ ويل هو
موٽرسائيڪل سوار ٻه هٿياربند ڀاءُ کي قتل ڪري ويا:مقتول جو ڀاءُ
ميروخان (ن پ ا)ميروخان لڳ ڳوٺ خير شاه بخاري جي ميلي ۾ ھٿيار بند ن جي فائرنگ ڪري رتو ديرو واسي نو جوان مريد حسين جلباڻي قتل ڪري ڇڏيو،واقعي بعد جو ابدار فرار ٿي ويا،مقتول جولاش پوليس جي تحويل سول اسپتال آندو ويو ،لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،مقتول جي ڀاء علي محمد ايو ته اسان مزدوري ڪندا آهيو ن ، خير شاه بخاري جو ميلو گهمڻ وياسين ته ٻه موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن پسٽل جا فائر نگ ڪري ڀاء مريد کي قتل ڪري فرار ٿي ويا،هن چيو ته ظلم ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي .