fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پٽ کانسواءِ زندگي ڪهڙي؟ نوجوان پٽ جي وڇوڙي پيءُ کان به حياتي کسي ورتي

خانپورمھر ( ن پ ا) گذريل ڏينهن آپگهات ڪندڙ نوجوان جي پيءُ به جگر جي ٽڪڙي جو وڇوڙو برداشت نه ڪندي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.گذريل ڏينھن گھرو نوجوان ڪيلاش ڪمار پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو، جنهن جي وڇوڙي پيءُ جو جيءُ جهوري ڇڏيو ۽ 50 ورھين جو چيت رام نوجوان پٽ جي جدائي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هن به گاسليٽ پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيوعلائقي ۾ چوٻول آهن ته متاثر خاندان جو مائيٽن سان سڱاوتي معاملو هلندڙ آهي، جنهن سبب نوجوان پريشانين کي منهن ڏئي رهيو هو

برساتن جي مند ۾ نئين گاج جو 30 کان 50 فوٽ وهڪرو

ڊيم ٺھڻ کان پوء پائيپ وڇائي روز 50 ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو

ميهڙ: نئين گاج اونهاري توڙي سياري ۾ بلوچستان توڙي کير ٿر جبلن ۾ پوندڙ برساتن کان پوء وهندي آھي جنهن ۾ پاڻي 30کان 50 فوٽن تائين وهندو آھي ۽ جنهن هنڌ تي گاج ڊيم ٺاهيو وڃي پيو ان هنڌ کان اولهه توڙي اوڀر کان هزارين فوٽ اوچا جبل آھن جتان پاڻي تيز رفتاري سان لهندوآهي. پاڻي انگريزن جي دور جي ڏنل تير ڀت سان ٽڪرا ئجي جوهي تعلقي جي ڪاڇي جي ميداني علائقي مان گذرندو وڃي يوسي ساڙو ڇني جي بهاول جي گنڍي کان ٿيندوروهل واري علائقي کان منڇر ۾ ڇوڙڪندو آھي جيڪو تير ڀت جتي گاج ڊيم ٺھي پيو ان کان 54 ڪلو ميٽر مفاصلي تي آھي. گاج ڊيم ٺھڻ کان پوء پائيپ وڇائي روز 50 ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو. ڊيم مان 34 ڪلو ميٽر ڊگهو 12 فوٽ ويڪرو ڪئنال ڪڍيو ويو آھي. اهو جوهي، خير پور ناٿن شاه ۽ ميهڙتعلقي تائين يوسي منگواڻي قمبر ڇوڙ ماڏي واري علائقي يوسي مٺوٻٻر يوسي ڪڪڙ ڳوٺ مزار ڀرڳڙي قصبو راڃو ديرو ڊگه بالا ڳوٺ پٽ گل محمد ڳوٺ حاجي خان ڳو ٺ ڇڪلڻي ڳوٺ ڪرڪلي يوسي ڇني يوسي ساڙو واهي پانڌي گاجي شاه لنڊن لغارين ۽ ڪلوئي برادري جي ڪيترن وڏن ننڍن ڳوٺن جي لڳ ڀڳ 4لک ايڪڙزمين کي سيراب ڪندو.

منصوبي ۾ گهوٻين جي اطلاعن جو نيب نوٽيس وٺي چڪو

ميهڙ: نئين گاج منصوبي جي فنڊن ۾ گهوٻين جي اطلاعن جو نيب نوٽيس ورتو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جاچ لاءِ حڪومت کان رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جا حڪم به نظرانداز، ڪو نمائندو معائني لاءِ نه پهتو

ڊيم جي لاڳت 62 ارب ٿي وئي، 16 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا: سپريم ڪورٽ کي آگاهي

ميهڙ: سپريم ڪورٽ ۾ گاج ڊيم جي اڏاوت بابت داخل پٽيشن ۾ گاج ڊيم تي62 ارب خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جن مان 16 ارب خرچ ٿي چڪا آهن ۽ باقي 46 ارب رپيا خرچ ٿيڻا آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ٻڌايو ويو آهي ته ڊيم جو ڪم 51 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي باقي 49 سيڪڙو ڪم رهيل آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت، واپڊا ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته خرچ ڪيل 16 ارب ضايع نٿا ڪري سگهجن گاج ڊيم کي جنهن کي به پئسا ڏيڻا آهن ڏئي ۽ منصوبو مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڏنل حڪم کي 10 ڏينهن کان مٿي جو عرصو گذرڻ باوجود گاج ڊيم جي رهيل ڪم کي ٺاهڻ لاءِ ڊيم ٺاهيندڙ ڪمپني جو ڪو ماڻهو آيو آهي نه وفاقي ۽ سنڌ حڪومت نه ئي واپڊا وارن ڪو تحرڪ ورتو آهي.

علائقي واسين ۾ ڊيم جي مخالفت به موجود

ميهڙ:ڪاڇي جي يوسي ساڙو يوسي ڇني جي رهواسين روهل خان لغاري، محمد نواز، دوست محمد رودناڻي۽ ٻين رابطي ڪرڻ تي نئين گاج تي ڊيم اڏڻ کي منڇر لاء ۽ يوسي ڇني ساڙو جي لاء خطرناڪ قرار ڏيندي ڇيو ته نئين گاج ڊيم ٺھڻ سان قدرتي وهڪرا بند ٿيندا، منڇر۾ پاڻي نه ايندو جنهن سان ماحولياتي مسئلو پيڍا ٿيندوگاج نئين جي قدرتي وهڪرن سان جيڪا سندن هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آھي اها غير آباد ٿي ويندي سندن جرکارو ٿي ويندو جر جي پاڻي جي سطح ھيٺ ٿي ويندي انڪري اسان کي گاج ڊيم جي اڏاوتي منصوبي تي تحفظات آھن ان لاء منڇر۾ پاڻي ۽ ڊيم مان اسان جي علائقي ۾ پاڻي زرعي آبادي لا ء پاڻي ڪيئن ايندو اعتماد ۾ ورتو وڃي.

لياقت جتوئي رڳو افتتاح ڪيو، فنڊ ۽ ڪم پ پ حڪومت ڪرايو: پ پ اڳواڻ

نواز شريف وزير اعظم ٿيو ته هن گاج ڊيم لاء فنڊ روڪي ڇڏيا: عرفان لغاري

اڳوڻي وفاقي وزير جي پارٽي هاڻ وري اقتدار ۾ آهي، فنڊ جاري ڪرائي: عزيز جوڻيجو

ميهڙ:گاج ڊيم جي منصوبي جي حوالي سان پ پ پ جي ميهڙ ۽ خير پور ناٿن شاه مان چونڊيل ايم اين اي عرفان لغاري، ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو چيو ته گاج ڊيم جي لاء فنڊ ۽ ڪم اسان جي وفاقي حڪومت ۾ ٿيو جڏهن 2013ع جي چونڊن کان پوء وفاق ۾ مسلم ليگ نون جي حڪومت ٺھي ۽ ميان نواز شريف وزير اعظم ٿيو ته هن گاج ڊيم لاء فنڊ روڪي ڇڏيا. فنڊ جاري نه ڪرڻ ڪري 2018ع ۾ مڪمل ٿيندڙ ڱاج ڊيم هن وقت تائين مڪمل ٿي نه سگهيو آھي.هنن چيو ته پرويز مشرف جي حڪومت ۾ لياقت جتوئي رڳو تختي لڳائي افتتاح ڪيو هو پاڻي ۽ بجلي جو وزير هوندي به فنڊ نه رکرايا ۽ نه ڪم شروع ٿيو هو. هاڻي وفاق ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آھي لياقت جتوئي دادو ضلعي جي عوام سان سچو آھي ته فنڊ جاري ڪرائي ڪم شروع ڪرائي پ پ پ جي سنڌ حڪومت تعاون ڪندي.

دادو ضلعي جي خوشحالي وارو گاج ڊيم منصوبو 11 سالن کان التوا جو شڪار، لاڳت ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ

ڪاڇي جي 80 هزار ايڪڙ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ٿي نه سگهيو، سياسي مخالفتن ۽ مفادن جي ور چڙهي ويو

مشرف دور ۾ لياقت جتوئي 2007ع ۾ افتتاح ڪيو، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي حڪومتن رٿا تي ڪو به ڌيان نه ڏنو

ميهڙ(رپورٽ:)دادو ضلعي جي ڪاڇي واري جابلو علائقي ۾ 80 هزار کان وڌيڪ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ نئين گاج تي گاج ڊيم 11 سال گذرڻ باوجود ٺهي نه سگهيو آهي ڊيم نه ٺهڻ ڪري ڪاڇي جون زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري آباد نه ٿي رهيون آهن جنهن سبب ڪاڇي ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي ڪاڇي ۾ رهندڙ لکين انسان غربت بک بدحالي ۾ مبتلا آهن مليل معلومات موجب گاج ڊيم جو منصوبو پرويز مشرف جي دور ۾ 2007ع ۾ جوڙيو ويو ۽ آگسٽ 2007ع ۾ وفاقي وزير لياقت علي جتوئي افتتاح ڪيو هو. ڊيم جي مڪمل تعمير جي لاءِ 11 ارب رپين جو خرچ جو ڪاٿو لڳائي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو. ڊيم 2011ع جي آگسٽ مهيني ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر 2008ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومتون ٺهڻ ۽ لياقت علي جتوئي جي چونڊون هارائڻ کان پوءِ اهو گاج ڊيم جو منصوبو پ پ پ جي حڪومت رولڙي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ هاڻ منصوبي کي 11 سال گذرڻ باوجود 50 سيڪڙو به ڪم مڪمل نه ٿيو آهي. هاڻ ان جو خرچ جو ڪاٿو 11 ارب رپين کان وڌي 30 ارب ٿي ويو آهي. گاج ڊيم منصوبي جو افتتاح ڪندڙ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ لياقت علي جتوئي روزاني پنهنجي اخبارکي ٻڌايو ته 2008ع ۾ اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ ۽ وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومتون ٺهڻ ڪري ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو جنهن ڪري اهو منصوبو پنهنجي مدت ۾ پورو نه ٿي سگهيو نه ئي وري ان منصوبي تي ميان نواز شريف جي وفاقي حڪومت ڌيان ڏنو. هن چيو ته پ پ پ ۽ مسلم ليگ نون وارن گاج ڊيم نه ٺاهي نه رڳو دادو ضلعي جي عوام، خاص طور تي ڪاڇي وارن سان ظلم ڪيو آهي پر سنڌ ۽ پاڪستان کي به نقصان ڏنو آهي. هن چيو ته گاج ڊيم پنهنجي مدي ۾ پورو ٿئي ها ته ڪاڇي ۾ هن وقت ڏڪار نه هجي ها. پر دادو ضلعي ۽ سنڌ ۾ به معاشي ترقي ٿئي ها. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اڳوڻي ايم پي اي احسان علي جتوئي ، ڪاڇي واري علائقي جوهي تعلقي سان واسطو رکندڙ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بنده علي لغاري روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 2007ع ۾ جڏهن لياقت علي جتوئي ان منصوبي جو افتتاح ڪري رهيو هيو ته ڪاڇي جا رهواسي هاري ،آبادگار ، ڪاروباري ماڻهون ڏاڍا خوش ٿي هيا ته ان گاج ڊيم ٺهڻ سان سندن غربت ، بيروزگاري ختم ٿيندي علائقي ۾ خوشحالي ايندي ۽ سندن تقدير بدلجي ويندي پر اهو ڊيم 11 سالن ۾ نه ٺهڻ ڪري ڪاڇي جي ماڻهن جا خواب اڌورا رهجي ويا آهن. هنن چيو ته هاڻي منصوبي ۾ شامل جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي جون ٽي ديهون ڊرگهه بالا، فيرو ديرو، الهيار ديرو ڪڍيون ويون آهن جڏهن ته 4.5 ميگاواٽ بجلي گهر به خارج ڪيو ويو آهي. جنهن سان ان منصوب عوام لاءِ بي لاڀ ثابت ٿيندو.

مٽياري جي ڪچي ۾ تتر، بٽير،آڙي،نيرڳي جو شڪار، جھنگلي جيوت کاتي اکيون پوري ڇڏيون

ڪچي وارن علائقن ۾ ناياب پکين جو شڪار نه رڪجي سگھيو، وڏيرن جون بندوقون خاموش نه ٿيون

پيرو جي ڍنڍ،ڇنڊڻ موري،ڳوٺ مصري جکريجا،ڳوٺ بچو ڳهيلو،بائوديرو،کيبراڻي پکي ماريا وڃن ٿا

مٽياري )رپورٽر)مٽياري جي ڪچي واري علائقن ۾ ناياب پکين جو شڪار نه رڪجي سگهيو،جنگلي جيوت کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي،ان ڏس ۾ مٽياري ٻيلي ۾ علائقي جي وڏيرن ناياب نسل جي پکين جي شڪار ۾ واڌ اچي رهي آھي،جڏھن ته غير قانوني طور ٿيندڙ شڪار کي روڪڻ لاءِ جنگلي جيوت کاتي به ڪنهن به قسم جو ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آھي،ذريعن جو چوڻ آھي ته جنگلي جيوت کاتي جا ڪجهه عملدار به بااثرن کي شڪار جو دعوتون ڏئي گهرائين ٿا. ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ڪچي جي علائقن جنهن ۾ پيرو جي ڍنڍ، ڇنڊڻ موري،ڳوٺ مصري جکريجا،ڳوٺ بچو ڳهيلو،بائوديرو،سيکاٽ،ڪلياڻ ٻيلو،کيبراڻي،سالارو،بٺو فاريسٽ،قادربخش کوسو، ڳوٺ يارمحمد کوسو ،ڍگهه ڍنڍ ۽ ٺارو شاھ جي پهي واري علائقن ۾ شڪار ٿين ٿا ،جن ۾ ناياب پکي جن ۾ تتر، بٽير، ڀورا تتر، ڪارا تتر،ايراني تتر، آڙي, پيڙ پکي،چيغلو پکي،نيرڳ پکي ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا پکي شامل آھن.هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ٻڌايو آھي ته ڪيترن ئي ماڻھن ٻيلي اندر ليز تي کنيل زمينن تي پنهجيون رکون قائم ڪيل آھن باقي انهن خلاف ڪاروائي جنگلي جيوت کاتي وارا ئي ڪري سگهن ٿا.

مخدوم سعيد الزمان سروري جماعت جو چيئرمين ٿي ويو

ڀٽ شاهه (رپورٽ: راجا بوزدار ) هالا ۾ سروري جماعت پاڪستان جي اجلاس چيئرمين اڳوڻي ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان عاطف جي صدارت ۾ ٿيو ـ جنهن ۾ سروري جماعت جماعت جا نوان عهديدارچونڊيا ويا ـ اجلاس ۾ سروري جماعت جي اڳوڻن عهديدارن ـ ميمبرن ۽ خليفن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ منعقد ڪيل اجلاس ۾ سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ تنظيم جي سرپرست اعليٰ مخدوم جميل الزمان جي منظوري سان مخدوم سعيد الزمان عاطف چيئرمين ـ سيد نور محمد شاهه سينيئر وائيس چيئرمين ـ 5 وائيس چيئرمينن ۾ ميان مشتاق ڊوگر (پنجاب ) ـ پير عبدالرزاق ( بلوچستان ) ـ پير ڪوڙل شاهه ـ پير امجد شاهه ـ سرفراز راڄڙ مقرر ڪيا ويا ـ جڏهن تـ جنرل سيڪريٽري پير منصور ـ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري پير ضياءَ الحق ـ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور ميمڻ ـ سيڪريٽري نشر اشاعت گل حسن درس ـ سيڪريٽري ماليات الهه رکيو ڏاهري ـ سيڪريٽري روزگار شبير راڄپر ـ سيڪريٽري صحت حميد چانهيون ـ سيڪريٽري تعليم ايوب ڪورائي کي اتفاق راءِ سان چونڊيو ويو ـ جڏهن تـ فيصلو ڪيو ويو تـ مرڪز جا وڌيڪ عهديدار بعد ۾ چونڊيا ويندا.

آصف علي زرداري گرفتارين کان ڊڄڻ وارو ناهي:فُضيل حبيب شاهه

مٽياري رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد فُضيل حبيب شاھ چيو آهي ته آصف علي زرداري گرفتارين کان ڊڄڻ وارو ناهي، جيل پ پ اڳواڻن جو ٻيو گهر آهي، پ پ اڄ به جمهوريت جي مضبوطي لاءِ جدوجهد ڪري پئي، اهڙو اظهار هن پاشا هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده وفاقي سرڪار نااهل آهي، جيڪا احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کان انتقام وٺڻ تي لهي آئي آهي، هن چيو ته پ پ احتساب خلاف نه پر انتقامي احتساب خلاف آهي،

سرحد قومي شاهه تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

سرحد (ن-پ-ا) قومي شاهراه تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، هڪ عورت مائي ڀاڳل سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سي پيڪ تي مقرر سيڪورٽي گارڊ شمس الدين به زخمي ٿي پيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

مٽياري پوليس چوري ٿيل سونا زيور ۽ ڪار هٿ ڪري ورتي،وارثن حوالي

ڀٽ شاهه ( ن پ ا)ايس ايس پي مٽياري پاران خيبر مان چوري ٿيل سونا زيور۽ سيکاٽ مان چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ خيبرشهر مان ساجد خاصخيلي جي گهر مان هٿياربند 4 لک کان مٿي رقم جا سونا زيورڦر ڪري ويا هئا، پوليس دريا بند ڀرسان فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گهرن مان سونا زيور ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري گهرڌڻي کي واپس ڪيا،سيکاٽ جي حد مان ڦر ٿيل ڪرولا ڪار بـ مالڪ غلام مصطفيٰ لغاري حوالي ڪئي وئي،فريادي ساجد خاصخيلي ايس ايس پي آفيس پهچي آفيسرن کي لنگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪري شڪريو ادا ڪيو ،ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ هو تـ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض ، هن چيو تـ ڏوهاري قسم جا ماڻهو ڪٿي بـ هجن انهن ڳولي هٿ ڪيو ويندو .

مٽياري پوليس ڦر ٿيل سونا زيور ۽ ڪار هٿ ڪري ورتي،وارثن حوالي

ڀٽ شاهه ( ن پ ا)ايس ايس پي مٽياري پاران خيبر مان چوري ٿيل سونا زيور۽ سيکاٽ مان چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ خيبرشهر مان ساجد خاصخيلي جي گهر مان هٿياربند 4 لک کان مٿي رقم جا سونا زيورڦر ڪري ويا هئا، پوليس دريا بند ڀرسان فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گهرن مان سونا زيور ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري گهرڌڻي کي واپس ڪيا،سيکاٽ جي حد مان ڦر ٿيل ڪرولا ڪار بـ مالڪ غلام مصطفيٰ لغاري حوالي ڪئي وئي،فريادي ساجد خاصخيلي ايس ايس پي آفيس پهچي آفيسرن کي لنگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪري شڪريو ادا ڪيو ،ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ هو تـ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض ، هن چيو تـ ڏوهاري قسم جا ماڻهو ڪٿي بـ هجن انهن ڳولي هٿ ڪيو ويندو .

اوقاف کاتي جي رٽائر ملازمن جي 6 مهينن کان پينشن بند، ڀٽائي گھوٽ کي دانهن

رٽائرڊ ملازمن جو وفد لطيف سرڪار جي درگاهه پهتو، جلد پينشن ملڻ لاءِ دعائون

6 مهينن کان پينشن نه ملڻ ڪري فاقا ڪشي تي مجبور آهيون، حڪومت واهر ڪري: متاثڙ

ڀٽ شاهه (رپورٽ: راجا بوزدار) اوقاف جي رٽائرڊ ملازمن طرفان ڀٽائي جي مزار تي حاضري ـ ملازمن کي پينشن جلد جاري ٿيڻ لاءِ دعائون ـ رٽائرڊ ملازمن جي وفد سيد محمد احمد جعفري ، گل حسن ميمڻ ـ عبدالجبار ـ محمد رمضان ـ جميل الدين ـ محمد نعيم ـ محمد شفيع ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه پهچي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي پاڪستان جي سلامتي ـ استحڪام ـ ترقي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ امن ـ محبت ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ـ ان موقعي تي رٽائرڊ ملازمن ڀٽائي جي مزار تي موجودگي ۾ رب پاڪ جي حضور ۾ دعا ڪئي ته کين جلد پينشن جاري ٿي وڃي. ان موقعي تي رٽائرڊ ملازمن جي ويلفيئر ڪميٽي جي وائيس چيئرمين سيد محمد احمد جعفري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تـ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور علي مهيسر بـ پيشن جلد ادا ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي آهي ۽ ڪراچي ۾ سيڪريٽري فنانس نعيم احمد شاهه سان بـ ملاقات ڪئي جنهن پڻ بنا ڪنهن دير جي 374 رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري ڪئي ويندي ـ مگر اسان اڄ اسان ڀٽائي جي در تي حاضري ڀري دعا گهري رهيا آهيون ۽ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪري رهيا آهيون تـ جلد کان جلد رٽائرڊ ملازمين جو مسئلو حل ڪري انهن کي وڌيڪ تڪليفن ۽ پريشانين کان بچايو وڃي.

مٽياري: ڦر ڪندڙ بين الصوبائي ٽولي جا 3 جوابدار گرفتار

ٽن جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي: سي آءِ اي پوليس مٽياري

مٽياري ( ن پ ا ) سي آءِ اي پوليس ڦر لٽ ڪندڙ بين الصوبائي ٽولي جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
مٽياري جي سي آءِ اي پوليس جي انچارج ذيشان علي لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي هالا ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
سي آءِ اي انچارج چيو ته گرفتار جوابدارن ۾ اسلم جت، عبدالرزاق ۽ غلام مصطفا ملاح شامل آهن، جن وٽان 2 ٽي ٽي پسٽل، هڪ ريوالور ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، جوابدارن مٽياري کانسواءِ نوشهروفيروز، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ضلعن جي حد ۾ مسافر وينن، ٽرڪن ۽ ٽرالرز مان ڦر لٽ ڪندا.
هن دعويٰ ڪئي ته گرفتار جوابدارن جو واسطو گاڏين مان ڦرلٽ ڪندڙ بين الصوبائي ٽولي سان اهي، سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جلد وڌيڪ گرفتاريون ڪيون وينديون