هالاڻي(ن پ ا)قومي شاھراھ تي بلوچ پمپ جي سامھون صادق آباد کان ڪراچي ويندڙ ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ڏيپارچا:مرضي سان شادي ڪندڙ جوڙو پنھنجي تحفظ لاءِ پريس ڪلب پھچي ويو
ڏيپارچا(رپورٽر)پنھنجي رضا خوشي سان پرڻو ڪندڙ ڏيپارجا جي رھواسڻ مسمات شڪيلا ۽ ڳوٺ درياخان جلباڻي جو رھواسي نوجوان حاجي امير بخش ڏيٿو پريس ڪلب نوشھروفيروز پهتا جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شڪيلا خاصخيلي چيو ته مون پنهنجي خوشيءَ سان حيدرآباد ۾ حاجي امير بخش ڏيٿي سان نڪاح ڪيو آھي. مون کي اغوا ناهي ڪيو ويو. ھاڻي شادي ڪرڻ بعد ماما محمد صديق، امداد علي، الهداد ۽ ھڪ بااثر الياس عالماڻي اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن جنهن ڪري تحفظ لاءِ دربدر آهيون. هن چيو ته سندس مڙس ۽ سندس مائٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.حاجي امير بخش ڏيٿو چيو ته هنن پنھنجي مرضي سان نڪاح ڪيو آھي جنھن بعد شڪيلا جا مائٽ ويري بڻجي ويا آھن جنهن ڪري سندن زندگين کي سخت خطرو آھي.ھنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته کين موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي.)