ڳڙھي خيرو(ن پ ا)ڳڙھي خيرو پوليس ايس ايڇ او سڌير احمد ڀيو ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي اغوا جي ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هڻي محمد پور ٿاڻي تي اغوا جي ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن انور علي بروهي ۽ محمد نواز پٽ /ڏسو صفحو 7 بقايا 25
شھنواز بروهي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي.
ڳڙهي خيري ويجهو اغوا ڪيس ۾ گهربل 2 ڄڻا گرفتار
پاهت گھٽ ٿو ڏين! ڪاڄ ۾ جهيڙو، گھوٽ سميت 2 ڄڻا زخمي
ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ عبدالمجيد سميجو ۾ گهوٽ جي سئوٽ ۽ مهمان ۾ منهن ماري ٿي
معمولي ڳالهه تان منهن ماري جهيڙي ۾ تبديل، علينواز سميجو ۽ هاشم زخمي ٿي پيا
ڏهرڪي ( رپورٽر ) ڏهرڪي ۾ پاهت گهٽ لکرائڻ تان جهيڙي جي نتيجي ۾ گهوٽ جي سئوٽ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، تقريب ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڳوٺ عبدالمجيد سمجو ۾ شادي جي تقريب دوران پاهت ٿوري لکرائڻ تان /ڏسو صفحو 7 بقايا 6
گهوٽ جي سوٽ ۽ هڪ مهمان وچ ۾ نهن ماري ٿي، جنهن بعد ڏسندي ئي ڏسندي معمولي ڳالهه جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هڪٻئي کي ڪرسيون به اڇلائي هنيون ويون. جهيڙي سبب ڪاڄ ۾ ويٺل مهمانن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته جهيڙي جي نتيجي ۾ علي نواز سميجو ۽ هاشم سميجو زخمي ٿي پيا، زخمي هاشم سميجو جو چوڻ هو ته هن مذاق ۾ چيو ته مهانگائي جو دورو آهي، پاهت وڌيڪ لکرايو، جنهن تي حاڪم سميجو ۽ علي نواز شاهه نواز ڪاوڙ ۾ اچي ويا .
نوان جتوئي ڀرسان شاعر محمد بخش خاصخيلي جي ورسي 25 ڊسمبر تي ملهائي ويندي
نوان جتوئي(رپورٽر) نوان جتوئي ڀرسان لطيف جي پارکو، اديب ۽ شاعر حافظ محمد بخش خاصخيلي جي 15ورسي 25ڊسمبر تي ملهائي ويندي. ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي ۾ورسي تقريب ڪوٺائي حافظ محمد بخش خاصخيلي جي زندگي تي روشني وڌي ويندي، جڏھن ته حافظ محمد بخش خاصخيلي جي پوٽي ايڊووڪيٽ احمد ظفر جي سهڙيل ڪتاب”ھاڻي پاڻي تي پاڻي ٿيندو“ مهورتي تقريب پڻ ٿيندي.
هالاڻي ۾ گيس پريشر گهٽ هجڻ سبب رهواسي رڌ پچاءَ لاءَ پريشان
صبح جي وقت گئس پريشر گهٽ هجڻ سبب ناشتو تيار نٿو ٿي سگهي
گيس پريشر گهٽ هجڻ جون شڪايتون ڪيون پر ازالو نٿو ڪيو وڃي : شهري
هالاڻي ( رپورٽر) ھالاڻي ۾ سوئي گئس پريشر گهٽ هجڻ سبب رهواسي سخت پريشان آهن ،صبح جي قتل ناشتو به تيار نٿو ٿي سگهي ، رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا گيس پريشر گهٽ هجڻ جون شڪايتون ڪيون آهن پر انهن جو ڪو به ازالو نٿو ڪيو وڃي . رهواسين ٻڌايو ته گيس پريشر گهٽ هجڻ جي ڪري گهرن ۾ صبح جو ناشتو تيار نٿو ٿي سگهي . هنن گهر ڪئي ته گيس پريشر کي بهتر بڻايو وڃي ،ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ..
مٺياڻي: پسند جي شادي بعدمڙس هٿان قتل ٿيل ناري جي لاش جي ٽنڊي آدم ۾ قبر ڪُشائي
سول جج جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم ٽنڊي الهيار۾ قبر ڪُشائي ڪرڻ بعد ناريءَ جي لاش جا جُزا ورتا
جوابدار ڀورل مهر 10 مهينا اڳ زال عظيمان مستوئي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قبر ڪُشائي ڪئي وئي

مٺياڻي (رپورٽر) پسند جي پرڻي لاءَ گهران نڪرڻ بعد قتل ڪيل شادي شده عورت جي قبرڪشائي ڪري جزا ورتا ويا .10 مهينا اڳ ڳوٺ رسول بخش مستوئي مان عظيمه مستوئي گهران نڪري پنهنجي چاهيندڙ سکر واسي ڀورل مهر وٽ پهتي، جنهن دوستن سان گڏجي کيس قتل ڪرڻ بعد سندس لاش سکر بيراج ۾ لوڙهي ڇڏيو .ناري جي گم ٿيڻ بعد ڪيل جاچ ۾ پوليس ڀورل مهر کي گرفتار ڪيو، جنهن ناري کي قتل ڪري لاش لوڙهڻ جو اعتراف ڪيو. مقتول عورت جو لاش ٽنڊي آدم ۾ هٿ آيو، پر سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاوارث حالت ۾ دفنايو ويو هو. سکر ھاء ڪورٽ جي حڪم تي اڄ ٽنڊو آدم ۾سول جج ڪامران ڪلھوڙو جي اڳواڻي ۾ قبر ڪشائي ڪئي وئي، ان موقعي تي مقتول ناري جي امڙ اميدان مستوئي، سندس پي ۽ ٻيا گھر ڀاتي اتي موجود هئا. ميڊيڪل ٽيم لاش جا جزا ورتا جيڪي ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن .
ٺاروشاھ: بينظير ڪارڊ جا پئسا ملڻ خلاف مستحق عورتن جو مظاهرو
ٺاروشاھ(رپورٽر) نوشهروفيروز ضلعي جي 3600 مستحقين کي بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ جي قسط جا پئسا نه ملڻ خلاف ارباب علي ابڙو، فاروق نارائي، بچل ڏاهري ، محمد عيسيٰ سومرو، عبدالله ميمڻ ، مسمات راحت ٻٻر، تهمينه سولنگي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. هنن دانهيو ته عشر زڪوات سنڌ طرفان نوشهروفيروز ضلعي ۾ 3 هزار 600 مستحقن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. کين اڃا تائين پروگرام جي قسط نه ملي سگهي آهي. هنن سنڌ سرڪار، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين واڳيل اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ضلعي ۾ عشر زڪوات جو چيئرمين سندن بنا جواز پئسا روڪي ڇڏيا آهن.
ٻـُوسٽ ۽ ڪوهيڙو مينديءَ جي ڪاروبار جا دشمن
نوشهرو فيروز: آبادگار مختيار احمد سهتي رواني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته گرميءَ جي مُند ۾ گهُٽ سياري جي مُند ۾ مينديءَ جو ڪاروبار ٻاڙائيءَ جو شڪار ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو سياري جي مُند ۾ مينديءَ جو فصل متاثر ٿئي ٿو ۽ عام طور تي اُن جا اثر مارڪيٽ ۾ به نظر ايندا آهن. گهُٽ، ٻوسٽ ۽ ڪوهيڙي دوران مينديءَ جو پن نه رڳو ڪومائجي ويندو آهي پر اُن سان مينديءَ جو رنگ به متاثر ٿيندو آهي. هڪ آبادگار امير علي راڄپر ٻڌايو ته جيڪڏهن مينديءَ جو رنگ گهاٽو ۽ خوشبو وڌائڻي هوندي آهي ته اُن کي ڪارخاني ۾ پيسائيءَ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ اڌ مُنو ڪلاڪ رکڻو پوندو آهي،
ميندي جي ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي گھٽ اجوري جي شڪايت
8 سالن کان ڪم ڪيان پيو پر ڏهاڙي رڳو 500 رپيا ملي ٿي: پورهيت علي نواز ٻٻر
ماسڪ ۽ ٻيا حفاظتي اوزار نه ملڻ سبب پورهيت ڦڦڙن ۽ سهڪي جي بيماري ۾ وٺجيو وڃن
نوشهرو فيروز: پورهيت علي نواز ٻٻر جو چوڻ آهي ته 8 سالن کان مينديءَ جي ڪارخاني تي ڪم ڪندو آهيان، پر کيس 500 رُپيا ڏهاڙي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو آهي، نه کين ڪي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ نه ئي وري مينديءَ جي دز توڙي مٽيءَ کان بچڻ لاءِ ڪنهن خاص وردي جو انتظارم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪارخاني جي مالڪن طرفان حفاظتي اپاءَ نه وٺڻ ڪري ڪيترائي مزدور دم سوڌو ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. مزدور فرمان راجپوت ٻڌايو ته مينديءَ جي ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ هر ٻيو پورهيت ساهه جي تڪليف، ڦڦڙ خراب ٿيڻ ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو، اُن باوجود ملز مالڪ پورهيتن کي ماسڪ يا ڪو ٻيو حفاظتي اوزار مهيا نٿا ڪن.
آباديءَ ۾ موجود ڪارخانا عذاب بڻيل، ٻاهر منتقل ڪرڻ جي اپيل
نوشهرو فيروز: مينديءَ جي ڪاربارو جي حوالي سان پورهيتن، ڪارخاني جي مالڪن، آبادگارن ۽ هارين جي ڀيٽ ۾ شهري بنهه مختلف راءِ رکن ٿا. روزاني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي سعيد سومرو، علي محمد سولنگي، آفتاب ٻرڙو ۽ ٻين شهرين توڙي سڄاڻ ڌُرين جو چوڻ آهي ته هڪ ته ورهيه گذري وڃڻ باوجود سرڪار نوشهري فيروز ۾ مينديءَ جي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ وِک به ناهي کنئي، تنهن ڪري مينديءَ جي ڪاروبار کي جديد گهرجن پٽاندڙ بڻائڻ لاءِ سرڪار کي اِن پاسي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ائين ناهي ته مينديءَ جي ڪاروبار سان نوشهروفيروز ضلعي کي فائدو نٿو ٿئي،
ضلعو رڳو مينديءَ جي ڪاروبار جي مد ۾سٺو روينيو ڪمائي رهيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته آبادي وارن علائقن ۾ موجود ڪارخاني عام ماڻهن لاءِ بيمارين جو ڪارڻ بڻيل آهن، ڪارخانن مان نڪرندڙ ڌوڙ ۽ دز سبب شهرين کي به بيماريون وڪوڙي رهيون آهن، اُڻ ڏس ۾ اعليٰ اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون، پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي.
عرب خطي سوڌو ٻين ملڪن ۾ مينديءَ جي تاريخي اهميت
نوشهرو فيروز: هونئن ته مينديءَ ٽن مُکيه مرحلن مان گذرڻ بعد خوشبو ۽ رنگ وکيرڻ لاءِ مارڪيٽ تائين پهچي ٿي. پهرئين مرحلي ۾ مينديءَ جي فصل جو چورو ٺاهيو ويندو آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ اُڻ کي اڃا وڌيڪ پيسي پائوڊر ٺاهيو ويندو آهي. مينديءَ جي چوري لاءِ چيو وڃي ٿو ته عرب ملڪن ۾ اُن کي گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ جو عرب ملڪن ۾ مينديءَ جو چورو فوتگين دوران استعمال ڪيو وڃي ٿو. ٿيندو ائين آهي ته عرب ملڪن ۾ جڏهن ڪا فوتگي ٿيندي آهي ته اُن جي قبر کوٽي ساميءَ ۾ پهرين ميندي وڇائي ويندي آهي، پوءِ مڙهه دفنايو ويندو آهي. نوشهروفيروز جي واپارين جو چوڻ آهي ته ملڪي سطح جا واپاري کانئن مينديءَ جو چورو خريد ڪري ڏيساور موڪليندا آهن.
لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ۾ ٻاڙائي، لالچ به نقصان ڏنو: ڪارخانيدار
پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جا واپاري ميندي وٺڻ ٺارو شاهه اچن ٿا
پهرين گھڻي پيداوار ٿيندي هئي پر لوڊشيڊنگ سبب رڳو 30 مڻ ميندي پيسائي ٿئي ٿي
نوشهرو فيروز: ڪارخانيدار خير محمد سومرو روزاني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن کان وڏا واپاري هول سيل اگهه تي مينديءَ خريد ڪرڻ لاءِ نوشهروفروز ڪَهـِي اچن ٿا، جيڪي ڪاروبار ۾ وڌيڪ نفعو ڪمائڻ لاءِ مينديءَ جون وڏي تعداد ۾ ٻوريون خريد ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آهن. پهرين مينديءَ جي پيداوار گهڻي ٿيندي هئي، پر جڏهن کان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي، اُن جا اثر مينديءَ جي پيداوار تي به پيا آهن. ڇاڪاڻ جو ڊگهي لوڊشيڊنگ جي ڪري هڪ ڪارخاني تي 24 ڪلاڪن ۾ رڳو 30 مڻ مينديءَ جي پيسائي ٿي سگهندي آهي. اُن کانسواءِ ڪجهه موقعي پرست ۽ لالچي ڪارخانيدارن به مارڪيٽ ۾ پير پڪا ڪري ورتا آهن، جيڪي جلد ۽ گهڻو ڪمائڻ جي چڪر ۾ مينديءَ اندر ملاوٽ ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ مارڪيٽ ۾ ٺارو شاهه جي مينديءَ جو معيار گهٽجندو پيو وڃي.
“هٿين گُل ميندي، پيرين گُل ميندي”: ميهڙ کانپوءِ ٺارو شاهه جي ميندي مشهور
نوشهروفيروز جي ٺارو شاهه تعلقي ۾ ميندي جو ڪاروبار اوج تي، ڪارخانن جا مالڪ لالچ ۾ اچي مينديءَ ۾ ملاوت ڪرڻ لڳا: آبادگار
آبادگار کي في مڻ تي هزار رُپيو بچي ٿو، اسان نقصان ۾ آهيون (ڪارخانيدار) گرمين ۾ ٻُوسٽ ۽ سياري جو ڪوهيڙو به مينديءَ جو دُشمن
نوشهروفيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهروفيروز ضلعي جو تعلقو ٺارو شاهه سموري ملڪ ۾ مينديءَ جي وڏي مارڪيٽ واري شهر طور سڃاتو وڃي ٿو. ٺارو شاهه ۾ ننڍا توڙي وڏا آبادگار مينديءَ جي وڌندڙ ڪاروبار کي نظر ۾ رکندي گهڻو تڻو مينديءَ جو فصل پوکيندا آهن. اُن کانسواءِ ضلعي ۾ مينڊيءَ جي پيسائيءَ وارن ڪارڪنن جو انگ وڌي 35 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ننڍا وڏا ڪارخانا شامل آهن. سموري ملڪ ۾ پهرين ميهڙ جي ميندي مشهور هئي، پر هاڻ سنڌ جي مختلف شهرن سوڌو پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به ٺارو شاهه جي مينديءَ جو واپار ٿي رهيو آهي. زراعت کاتي جي ذرين موجب نوشهروفيروز ضلعي ۾ 45 ايڪڙن تي مينديءَ جي فصل جي اُپت ڪئي ويندي آهي ۽ سال ۾ 2 کان 3 ڀيرا في ايڪڙ تي چاليهه کان 50 مڻ مينديءَ جي پيداوار ٿيڻ تي آبادگار هن فصل جي پوکيءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا آهن. عام طور تي مينديءَ جو فصل آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جي مهينن ۾ پوکيو ويندو آهي، جيڪو جون ۽ جولاءِ جي مهينن تائين تيار ٿي ويندو آهي ۽ انهن ئي مهينن ۾ فصل کي لُڻيو ويندو آهي. هڪ اندازي موجب رڳو نوشهروفيروز ضلعي مان ساليانو هڪ ٽن مينديءَ جي پيداوار ٿئي ٿي، جنهن مان روزانو بنيادن تي وڏ ڪارخانن ۾ 5 کان 4 هزار مڻ ۽ ننڍن ڪارخانن ۾ 2 کان 3 هزار مڻ مينديءَ جي پسائي ٿيندي آهي. اُن کانسواءِ هر ڪارخاني ۾ 10 کان 15 پورهيت پيسائيءَ جو ڪم ڪندا آهن. نِج مينديءَ جي خوشبو ۽ رنگ نرالو هوندو آهي پر آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪارخاني دار لالچ ۾ اچي گذريل ڪجهه سالن کان مينديءَ ۾ ملاوت ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ ٺارو شاهه جي مينديءَ جو معيار گهٽجندو پيو وڃي ۽ اها صورتحال ڳڻتي واري آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪجهه آبادگار جلدي پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ ڪچي ميندي به لُڻيندا آهن ۽ ڪارخاني وارا به ڪچي مينديءَ جي پيسائي ڪري مارڪيٽ ۾موڪلين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي مارڪيٽ ۾ ٺارو شاهه جي مينديءَ جا اگهه لاهن چاڙهن جو شڪار آهن.
ڀرياروڊ مان نوجوان ناري مبينا اغوا، امڙ جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج
پوليس خاموش، ٿاڻي تي اين سي داخل، ڌي ءَ کي 3 جوابدارن اغوا ڪيو آهي: مير زادي
ڀرياسٽي(ن پ ا): ڀرياروڊ جي وارڊ نمبر 7 ريتي پاڙي مان اڄ فجر ويل نوجوان ناري امينا عرف ( سپنا) لاڙائي مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي ، ان سلسلي ۾ ناري امڙ ميرزادي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي ءَ سپنا کي حاجن راڄپر ۽ 2 نامعلوم ماڻهن هٿيارن جي زور تي گهران اغوا ڪري ويا آهن، هن چيو ته واقعي جي ڀريا روڊ ٿاڻي تي اين س پڻ داخل ڪرائي آهي مگر پوليس هن مسئلي تي سندس ڪائي مدد نه ٿي ڪري هو ءَ پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي ڌي ءَ جي بازيابي ءَ جي لاءِ نڪتي آهي هن ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان گهر ڪئي ته جلد سندس نياڻي ءَ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ، جڏهن ته علائقي ۾ اهي به چو ٻول هئا ته ناري پاڻ گهرا ن نڪتي آهي.
شيخ ڀرڪيو پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻيل 17 پورھيت بازياب
پوليس عدالتي حڪم موجب بااثر جي بٺي تي ڇاپو ھڻي اوڏ برادري جي 17 پورھيتن کي بازياب ڪرايو
بازياب ٿيلن ۾ 4 عورتون، 6 ٻارڙا ۽ مرد شامل آھن، بٺي مالڪ جبري پورھيو ڪرائيندو آھي: حبيب اوڏ
شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو پوليس ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٽنڊو محمد خان جي حڪم تي شيخ ڀرڪيو ۾ قائم اڪرم پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو ھڻي، ناحق باندي بڻيل اوڏ برادري جي 17 پورھيتن کي بازياب ڪرائي ورتو. بازياب ٿيلن ۾ لکي اوڏ، گل مير اوڏ، ممتاز اوڏ، ماڪوڙو اوڏ، سوڌواوڏ، 28 ورھين جي حسينا، 25 ورھين جي زرينا، 27 ورھين جي نصيبان، 8 ورھين جو منٺار اوڏ، 6 ورھين جو ڀالو اوڏ، 4 ورھين جو پريم ۽ ٻيا شامل آھي. پوليس جو چوڻ آھي شيخ ڀرڪيو واسي حبيب اوڏ ناحق باند بڻيل پورھيتن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ٽنڊو محمد خان ۾ پٽيشن داخل ڪئي ھئي، جنھن تي عدالت ڪارروائي جو حڪم ڏنو. بازياب ٿيل پورھيتن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
پڊعيدن ۾ خيرپور ميرس آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ جو فاتح
سائو وساڻ ٽيم راڻيپور جي حامد ٽڳڙ ٽيم کي هارائي ٽورنامينٽ کٽي
رانديون لاءِ ميدان نه هجڻ سبب ٽيلنٽ ضايع ٿئي ٿو، سرڪار قدم کڻي: رانديگر

پڊعيدن (رپورٽر) پڊ عيدن ۾ خيرپور ميرس جي سائو وساڻ ٽيم راڻيپور جي حامد ٽڳڙ ٽيم کي شڪست ڏئي ميموريل آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
وارڊ نمبر 6 ۾ سماجي اڳواڻ عبدالوحيد سومرو جي ياد ۾ ڪرايل ميموريل آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ خيرپور ميرس سخت مقابلي بعد راڻيپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي اعزاز ماڻيو. فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ انعامي رقم ڏني وئي.
ٽورنامينٽ ۾ قربان علي ٻرڙو والي بال ڪلب لاڙڪاڻو، سائو وساڻ والي بال ڪلب خيرپور ميرس، ڪرونڊي والي بال ڪلب، حامد ٽڳڙ والي بال ڪلب راڻيپور، دادو والي بال ڪلب، ڪوٽ لالو والي بال ڪلب ۽ مرحوم عبدالوحيد والي بال ڪلب پڊعيدن جي ٽيمن حصو ورتو.
ٽونامينٽ ۾ خاص مهمان پڊعيدن ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ عبدالوحيد سومرو هڪ سماجي اڳواڻ ھو، جنهن جي نالي سان هي والي بال ٽونامينٽ ڪرائي وئي آھي، راندين جا مقابلا ڪرائڻ تي انجنيئر صديق سومرو ۽ سومرا برادري کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو.
ٻئي پاسي يو سي ٻيلاواھ چيئرمين امداد حسين راڄپر ٻڌايو ته پڊعيدن ۽ ڀرپاسي ۾ راندين جا ميدان نه هجڻ ڪري نوجوان نسل کي ڏکياين کي منهن ڏئي رهيو آهي، راندين جا ميدان سرڪاري سطح تي ڏنا وڃن.