معصوم الله بخش ۽ اڪرم ٿهيم امڙ جي سهاري تي زندگي گذارڻ تي مجبور
ٻئي ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان به لاچار،امڙ گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري سندن علاج ڪرائي ٿي
اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو جي خانپور محلي جا رهواسي 2 يتيم معصوم ٻارڙا 12 ورهين جو الله بخش ٿهيم ۽ 6 ورهين جو اڪرم ٿهيم ڄنگھن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن ۽ ڪنهن به تڪ جي چونڊيل نمائندن متاثر خاندان سان واهر نه ڪئي آهي ان سلسلي ۾ معذور ٻارڙن جي امڙ ۽ مامي منير احمد ٿهيم پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته ٻارڙا ننڍپڻ کان صحتياب هيا پر 3 يا 4 سالن جي عمر ۾ منهنجي ٻارڙن کي پراسرار بيماري وڪوڙي وئي ،جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن، ٻارڙن جي امڙ جو چوڻ هو ته گهر جو سامان کپائي ٻارڙن جو علاج ڪرائي رهيا آهيون پر علاج ڪرائڻ باوجود به ڪو فرق نه پيو آهي ۽ اسان غريب آهيون انهن جو پيءُ وفات ڪري ويو آهي ۽ مان ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪري انهن کي پالي رهي آهيان هن چيو ته آئون غريب بيواهه عورت آهيان ماڻهن جي گهرن ۾ ٻوهاري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندي آهيان، مان هن وقت ٻچڙن جي علاج لاءِ سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهيان اسان وٽ ايتري رقم ناهي جو اسان ٻچڙن جو علاج ڪراچي يا لاهور مان ڪرائي سگهون ۽ اسان هن تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪيون ٿا ته منهنجي ٻچڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي .
ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر وڏن توڙي ننڍن شھرن ۾ ھڪ دفعو ٻيھر بدامني جي باھ ڀڙڪي اٿي آھي، دھشتگردي جي واقعن کان ويندي اغوا، ڦر ۽ ڌاڙن سميت چوري چڪاري جي وارداتن ۾ رڪارڊ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي. ڪراچي جيڪو سنڌ جو گادي وارو شھر هئڻ سان گڏ ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگھي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان سان گڏ سڄي ملڪ جو امن امان پڻ ان ئي شھر سان سلھاڙيل آھي، ماضي ۾ ڏٺو اھو ويو آھي ته جڏھن به ڪراچي جون حالتون خراب ٿيون آھن ته ان جو فوري اثر سڄي ملڪ جي امن امان واري صورتحال تي پيو آھي. ٻيو وري رپئي جي قدر گھٽجڻ سان گڏ ملڪي معيشت کي ڪاپاري نقصان پھتو آھي. ويجهي تاريخ جا ورق اسان اٿلائينداسين ته مٿي ذڪر ڪيل سموريون ڳالھيون سچ ثابت ٿينديون. تازو ٿوري وقت ۾ ڪراچي اندر جيڪي دھشتگردي جون وارداتون پيش آيون آھن انهن وارداتن ملڪ جي ھر باشندي سان گڏ عالمي برادري کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آھي ۽ کين اھو سوچڻ تي مجبور ڪيو آھي ته آخر اوچتو ھن شھر کي ڇا ٿي ويو آھي،جو ھڪ دفعو ٻيھر ماڻھن کي رت سان وھنجاريو پيو وڃي!!؟؟ ڪراچي ۾ لانڍي ۾ بلاسٽ کانپوء پوش علائقي ڊفينس ۾ چين جي سفارت خاني تي دھشتگردن جي حملي، جوھر جي پرفيوم چوڪ وٽ متحده قومي موومينٽ جي محفل ميلاد تي ڪريڪر حملي ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي ٻن ڪارڪنن جي قتل کان ويندي متحده جي اڳوڻي ايم اين اي سيد علي رضا عابدي جي گھر آڏو قتل ۽ جوابدارن جي آساني سان فرار ٿي وڃڻ وارن واقعن ھڪ ته پوليس توڙي سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي کي سواليا نشان بڻائي ڇڏيو آھي، ٻيو وري ڪراچي ۾ رھندڙ ھر امن پسند شھري جي ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي، شھر ۾ ٿوري عرصي ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ٿيل دھشتگردي جي واقعن سبب روشنين واري شھر جي فضا ھڪ دفعو وري اداس ٿي وئي آھي ۽ ماڻهن جي من ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آھي. شھر جي خراب ٿيل صورتحال کانپوء ھر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳو آھي، جنهن جو صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن ۽ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن کي فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گھرجي. ڪراچي کان پوء اسان سنڌ جي ٻئي وڏي شھر حيدرآباد تي نظر وجھندا سين ته اتي به ڪاري ورا ڪک نظر ايندا. پوليس جي ڪارڪردگي زيرو لڳي پئي آھي، هوائن واري شھر جي امن کي به ڪو نانگ سراپي ويو آھي، اتي به ڦر، ڌاڙا، قتل ۽ غارت جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. ٻيو وري تشدد ٿيل ٻوري بند لاش ملڻ جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو آھي, جنھن سبب اتي به امن واري فضا زخمي ٿيل نظر اچي رھي آھي پر تنهن ھوندي به پوليس پياري پنهنجي روايتي سستي جو مظاھرو ڪندي پراڻي رٽيل بيان تي بيٺي آھي ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آھي، جوابدار جلد گرفتار ٿيندا!! حيدرآباد کان پوء اسين خيرپور، نوشھروفيروز، سکر، شڪارپور، قمبر، شھدادڪوٽ ۽ ڪشمورـ ڪندڪوٽ سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ بدامني جي باھ ٻرندي ڏسندا سين ڪٿي به ماروئڙن کي سک جو ساھ کڻندي نه پيا ڏسون. چوريون، ڌاڙا، اغوا، ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جھيڙن سميت ٻين معمولي مسئلن تي ماڻهن کي ڍورن وانگر ڪٺو ۽ جھرڪين جيان ماريو پيو وڃي ۽ درجنين ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو آھي، پر خبر ناھي ته ڪھڙي مجبوري سبب حڪومت ان ايڏي وڏي حساس معاملي تي خاموش ويٺل آھي. جھڙي طرح مٿي ذڪر ڪيل ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪيل آھي، بلڪل اھڙي ئي طرح سنڌ جي آخري ضلعي گھوٽڪي جي عوام جو به ساھ مُٺ ۾ ٿيل آھي. ضلعي جي ننڍي وڏي شھر ۽ واھڻ وسندين ۾ چورن ۽ بدمعاشن باھ ٻاري ڇڏي آهي ۽ ڏوھارين کي ڊگھو رسو مليل آھي جنهن جي دل ڪري گھر لتاڙيندا وتن، کانئن ڪير به چوڻ ۽ پڇڻ وارو ناھي. اھا رات يا ڏينهن خالي ناھي جنھن ڏينهن رات ڪا واردات نه ٿيندي ھجي، ٿوري عرصي ۾ گھوٽڪي ضلعي ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا پيش آيا آھن جنهن ۾ عادلپور جي نوجوان ساجد ڪلوڙ کي قتل ڪري سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي جيڪا ھن وقت تائين ھٿ اچي نه سگھي آھي ۽ نه وري ڏيڍ مھينو گذري وڃڻ باوجود ڪو ھڪ به جوابدار گرفتار ٿي سگهيو آھي. جڏھن ته ان واقعي تي ڄڻ پوليس جي لاٽري کلي پئي آھي ۽ ان ڪيس جي آڙ ۾ سوين ماڻهن جي ٻڌ ڇوڙ ڪري لکين رپيا ڪمايا ويا آھن، جيڪو سلسلو ھلندڙ آھي. پوليس مقتول ساجد ڪلوڙ جا قاتل جيڪي پڪڙيا جڳ ڏٺا پر الٽو وري پوليس متاثر خاندان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لاء ھڪ اڻ ڄاتل شخص جي تمام پراڻي منڍي ھٿ ڪري ان کي ساجد ڪلوڙ جي منڍي قرار ڏئي وارثن وٽ کڻي وئي جيڪا مقتول ساجد ڪلوڙ جي وارثن وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه خانپور مھر ۾ برادري جي جھيڙي جي آڙ ۾ ھڪ معصوم ٻارڙي غلام محمد مھر جو ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، اغوا واردات دوران ھڪ پوليس اھلڪار کي شھيد ڪيو ويو جن جا به قاتل پوليس گرفتار ڪري نه سگھي آھي. ان کان علاوه ضلعي جي مختلف شھرن ۾ معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ڪري ان جون وڊيوز ٺاھڻ وارا گروهه به سرگرم ٿيل آھن، جڏهن ته قانون جا رکوالا وري انھن ويڊيوز ذريعي متاثر ٻارڙن جي وارثن کي بليڪ ميل ڪري انهن کان ڳري رقم وصول ڪري رهيا آهن. اھڙي قسم جا واقعا رپورٽ پڻ ٿي چڪا آھن پر اختيارين جي ڪن تي ڪا به جونءِ نٿي چري، پوليس جي اعليٰ عملدارن سان گڏ چونڊيل نمائندا به چپ جو روزو رکي ويٺل آھن جيڪا ڳالهھ اذيت ڏيندڙ آھي، پوليس جو ڪردار سدائين مشڪوڪ رھيو آھي پر چونڊيل نمائندا جن کي عوام ووٽ ڏئي ايوانن تائين پھچايو آھي اھي به عوام جي مسئلن تي خاموش ويٺل آھن، سواءِ اوٻاوڙو مان پي ٽي آء جي چونڊيل ايم پي اي شھريار شرجي، جنهن گھوٽڪي ۾ ٿيندڙ قھر تي سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو آھي، جنهن جي به رڙين ۽ دانهن کي واڳ ڌڻين موٽ ناھي ڏني!! عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميواري رياست جي ھوندي آھي، پوليس سميت سيڪورٽي ادارن کي ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڏني وڃي ٿي، جنهن جي موٽ ۾ انهن ادارن جي ڪارڪردگي به ڪا تسلي ڏيندڙ ناھي، ھي اوچتو جيڪا ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي امن امان واري صورتحال بگڙجي وئي آھي، ان کي باريڪ بيني سان ڏسي خاص قدم کنيا وڃن ۽ سيد علي رضا عابدي سميت گھوٽڪي جي ساجد ڪلوڙ ۽ ٻين بينگاھ ماڻھن جي قاتلن کي گرفتار ڪري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي جيئن عوام سک جو ساھ کڻي سگھي…………..
نياز لاشاري پراڻي مسجد کي شھيد ڪري نئين مسجد تيار ڪرڻ وارو ڪم پئي ڪيو
جروار(ن پ ا) ڳوٺ علي آباد ۾ پراڻي مسجد جي بلڊنگ کي شهيد ڪري نئين مسجد تيار ڪرڻ لاء ڪم ڪندڙ ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ اسلام لاشاري جي نوجوان نيازاحمد لاشاري مٿان مسجد جو مينار ڪري پيو. مينار مٿان ڊهي پوڻ سبب نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش ايمولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ اسلام لاشاري پهچايو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
ايس ايس پي گهوٽڪي متاثر ڌر تي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو
پوليس ڪيس نينگر جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي پوليس معصوم شاگرد سان زيادتي واري معاملي جو ايس ايس پي جي نوٽيس بعد ڪيس داخل ڪندي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ڪجهه ڏينهن اڳ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايل معصوم شاگرد جي وارثن الزام هنيو هو ته پوليس راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، اهڙي معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺندي ڏهرڪي پوليس کي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ايس ايس پي جي هدايتن تي پوليس نينگر جي پيءُ عبدلجبار جي فرياد تي جوابدارن فضل سومرو ۽ علي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٻنهي کي گرفتار به ڪري ورتو
اهلڪارن قبرستان مان ڪنهن اڻ ڄاتل شخص جي منڍي کڻي مقتون نوجوان جي وارثن کي ڏني: ذريعا
اهلڪارن پراڻي منڍي هٿ ڪئي، ڊي اين اي لاءِ جزا اسلام آباد بدران ڄامشوري اماڻڻ تي به سوال
ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: مشتاق ميراڻي ۽ برڪت ميراڻي) عادلپور ۾ قتل ٿيل نوجوان جي گم ٿيل منڍي واري معاملي بابت پوليس ذريعن وٽان ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامھون آيو آھي. گھوٽڪي پوليس انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيندي ۽ مقتول جي وارثن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندي قبرستان مان اڻڄاتل شخص جي منڍي کڻي اچي وارثن کي ڏني، مقتول جي وارثن منڍي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي مليل معلومات موجب عادلپور شھر ۾ اٽڪل ڏيڍ مھينو اڳ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ساجد ڪلوڙ جنھن کي نامعلوم جوابدار قتل ڪرڻ کانپوء سندس منڍي وڍي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ھئا ان ڪيس جا پوليس جوابدار ته گرفتار ڪري نه سگھي آھي پر سندس گم ٿيل منڍي واري معاملي کي به مذاق بڻائي ڇڏيو آھي. ان حوالي سان پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آھي ته ھفتو اڳ گھوٽڪي جي سي آءِ اي ۽ عادلپور ٿاڻي جي پوليس جيڪا منڍي ھٿ ڪري وارثن وٽ کڻي آئي ھئي، اھا ساجد ڪلوڙ جي نه پر ڪنهن اڻ ڃاتل شخص جي آھي ذريعن موجب ضلعي گھوٽڪي جي مختلف شھرن ۾ قاتلن جي گرفتاري ۽ مقتول جي منڍي ھٿ ڪرڻ جي حوالي سان جيڪي احتجاج ٿي رھيا ھئا انھن جو زور ٽوڙڻ لاء پوليس ھڪ حڪمت عملي تحت قبرستان مان ڪنهن قبر کي کوٽي منڍي ڪڍي وارثن وٺ کڻي آئي ھئي۽ انهن تي زور ڀريو ته هو اھا منڊي ساجد ڪلوڙ جي سمجهي قبول ڪنپر مقتول ساجد جي وارثن اھا منڊي وٺڻ کان کتو جواب ڏيندي ان جي مالڪي کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ھاڻي اھا منڊي ڪٿي آھي ان بابت ڪا به ڄاڻ نه آھي. جڏھن ته پوليس چئي رھي آھي ته اھا منڍي ڊي اين اي ٽيسٽ لاء ڄامشورو موڪلي وئي آهي. هاڻ ان معاملي تي ڪيترا سوال پيدا ٿي پيا آھن پوليس کي مليل منڊي ساجد ڪلوڙ جي ناھي ته پوء ڪنھن جي آھي ـ منڍي 35 ڏينھن کان پوء کليل ميدان ۾ ڪير اڇلائي ويو ـ منڍي ڪنھن ٻئي عام ماڻھو کي نظر ڇو نه آئي ۽ پوليس کي ئي منڍي ڇو ملي ـ منڊي 35 ڏينھن بعد شھر ٻاھريان ڪير اڇلائي ويو ـ پوليس وارثن تي زور ڇو ڀريو ته منڊي ساجد جي آھي وڃي دفنايو ـ ڊي اين اي لاء جزا اسلام آباد موڪلڻ بجاء ڄامشورو ڇو موڪليا ويا. ۽ اڃا تائين رپورٽ به نه آئي آهي.
ڇهين درجي جي شاگرد نويد کي ٻن جوابدارن کنڀي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد وڊيو رڪارڊ ڪئي
فضل ۽ علي گرفتار، نينگر جي والد کي وڊيو وڪرو، فيصلي جي آسري تي جوابدار آزاد
ڏھرڪي(رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي پوليس انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، شاگرد سان بدفعلي ڪندڙ جوابدارن کي آزاد ڪري وڊيو وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گذريل ڏينهن ڏھرڪي جي القطب ٽائون جي رهواسي عبدلجبار جي پٽ ڇهين درجي جي شاگرد نويد احمد کي جوابدارن فضل ۽ علي کنڀي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد سندس وڊيو رڪارڊ ڪئي. نينگر جي والد جي فرياد تي پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته بااثرن وچ ۾ پئي پورهيت کي ٺاهه لاءِ راضي ڪري معاملو لئه مٽي ڪرائي ڇڏيو. نينگر جي والد عبدالجبار پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مسڪين آھيان ڏهرڪي ٿاڻي جي پوليس اهلڪار (ش) 15هزار رپيا وٺي جوابدارن وٽان مليل وڊيو ڏني. هن دانهيو ته عزت خاطر پوليس اهلڪار کي پئسا ڏئي ماٺ ڪئي، پر ظلم وڏو ٿيو آهي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار شفيق رابطي ڪرڻ تي اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مان عبدلجبار کان 15 هزار ورتا آهن، جيڪي ٻي ڌر کي وڊيو جي مد ۾ ڏيڻا آهن. ٻئي پاسي ايس ايڇ او امام الدين ٻڌايو ته مونکي معاملي جي ڄاڻ ناهي، جيڪڏهن پوليس اهلڪار وڊيو وڪرو ڪئي آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.