گھوٽڪي (ماجد علي سنگهڙ)گھوٽڪي ويجھو ڳوٺ بادل مگسي ۾ با اثر ماڻھن پاران ٻنھي ٻانھن کان معزور پورھيتن جي زمين تي مبينا طور تي قبضو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت احتجاجي مظاھرو انصاف جي اپيل گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادل مگسي جي رھواسين ٻنھي ٻانھن کان معزورن عبدالقدير مگسي عرض محمد مگسي عورتن ۽ ٻارن سميت مبينا زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.
ڪندي دانھيندي چيو ته ڳوٺ جي با اثر ماڻھن گلزار مگسي غلام نبي مگسي نياز مگسي عرفان مگسي ۽ محمد شھبان مگسي اسان جي ڏيڍ ايڪڙ کاتي واري زمين تي قبضو ڪيو آھي مظاھرين دانھيو ته جوابدارن گھر تي حملو ڪري عورتن مٿان تشدد ڪرڻ سان گڏ ڀنڃ ڊاھ ڪئي آھي جنھن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي ۽ عورت مسمات نور خاتون زخمي ٿي پئي آھي جنھن کي تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو آھي جوابدار با اثر آھن پوليس به مدد نٿي ڪري مظاھرين دانھيو ته جوابدار زبردستي زمين جو کاتو وٺڻ چاھين ٿا نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن مظاھرين وس وارين اعلي اختيارين کان انصاف جي گھر ڪئي آهي جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻھون گلزار احمد منگسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زمين تي قبضي ڪرڻ جا الزام ڪوڙا آهن هو پنهنجي کاتي واري زمين تي فصل پوکي رهيا آهن زمين تي قبضي جا الزام ڪوڙا آهن.
گھوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو
ڪي سياح هوا جي آواز جا ته ڪي اونداهي ۾ روشني جا ڳولائو
سج جي روشني دوران جڳهه جي چونڊ ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت حاصل
ميرپور ماٿيلو: تفريحي لاء ايندڙ ماڻھو سج لھڻ کان اڳ پھچي وڃن ٿا ۽ سندن ڪوشش ھوندي آھي ته سج جي روشني دوران جڳهه سلڪيٽ ڪجي. سندن اھا به خواهش ھوندي آھي ته جتي رات گذارجي اھو ھنڌ آبادي کان پري ۽ مڪمل خاموشي ھجي جيئن ھوا جو آواز ڪنن تائين پھچي روح کي راحت بخشي. تفريح لاء ايندڙ ڪي ماڻھو اونداھ کي پسند ڪن ٿا ته ڪي ماڻھو وري رات جي وقت گاڏين جي بيٽرين مان بلب ٻاري ريگستان کي روشن ڏسي تفريح حاصل ڪن ٿا.
رات جو دڙن تي روشنين جا ٻيٽ، ٿر جي حسن کي چار چنڊ لڳيو وڃن
ميرپور ماٿيلو: ريگستاني علائقن ۾ رات جي سانت ۾ واري جي دڙن تي ٿوري ٿوري مفاصلي تي ماڻهن جي ٽولين جي صورت ۾ ويھڻ ڪري ٿر جي قدرتي حسن ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿي وڃي ٿو. دھل جي ٿاپ تي ھر طرف جھمرين ۽ تاڙين سان گڏ گانن جي گونجار رومانوي لڳي ٿي.
سياح اڪيلا نه پر ٻار به ساڻ آڻين ٿا
ميرپور ماٿيلو: ريگستاني علائقي جي ڪوھيڙي واري خوبصورت راتين جي حسين لمحن کي روح ۾ لاھڻ لاء ڪي ڪي ماڻھو پـھنجي فيملين کي به گڏ وٺي اچين ٿا. تفريح لاء ايندڙ ماڻهن “پنهنجي اخبار” سان ڳالھائيندي چيو ته اسان خوشنصيب آھيون جو اسان کي ريگستاني علائقو لڳي ٿو ۽ ويجهو به آھي پر سھولتن خاص طور تي روڊن رستن پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ سبب مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي مسئلا فوري طور تي حڪومت کي حل ڪرڻ گھرجن جيئن ماڻھو آساني سان پھچي سگهن.
گهوٽڪي جو ٿر سياري ۾ سياحت جو مرڪز، سرد راتين ۾ دڙن تي ڪچهريون
پرانهن علائقن مان ماڻهن جي آمد، ماڻهو قدرت جي حسين نظارن جون راحتون روح ۾ سمائڻ لڳا
نور پير، گابر، سائين ڏنو والي، دلھي واري، موسي' واري ۽ ٻين علائقن ۾ مهمانن جي ميزباني
ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:مشتاق ميراڻي) گھوٽڪي ضلعي جا بدامني ۽ قبيلائي ڪروڌن کان تنگ ۽ گھٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ رھندڙ ماڻھن سياري جي مند ۾ انڊيا جي سرحد سان لڳندڙ ريگستاني علائقن جو رخ ڪيو آھي، جتي ھو رات جي ٿڌڙي پھر ۾ دنيا جي سڀني مسئلن ۽ گوڙ گمسان کان بي نياز ٿي قدرت جي حسين نظارن کان لطف اندوز ٿين ٿا. ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” جي ڪيل سروي موجب ڀارت جي بارڊر سان لڳندڙ گھوٽڪي ضلعي جا ريگستاني علائقا جنهن ۾ نور پير، گابر، سائين ڏنو والي، دلھي واري، موسي’ واري، جت مال فقير، ڪمال پير سميت ٻيا علائقا سياحن جا ڪٽڪ پھچڻ ڪري توجه جا مرڪز بڻجي ويا آھن. ڄاڻايل ھنڌن تي سوين ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ اڙانگا رستا ڪاٽي اچي ڪجهه گھڙيونگذاري پنهنجي زندگي کي سڪون بخشين ٿا. ريگستاني علائقن جو رخ ڪندڙ پوڙھا پڪا پاڻ سان گڏ کاڌي پيتي ۽ رڌ پچاء جو سامان به آڻين ٿا ۽ ڪڪنگ به پاڻ ڪن ٿا. کائڻ پيئڻ کان فارغ ٿيڻ بعد محفلون مچن ٿيون، پوڙھا باھ جا وڏا مچ ٻاري ان جي چوڌار ويھي ڏور بيت ٻڌائين ٿا جڏھن ته نوجوان طبقو وري راڳ رنگ جي محفلن شعرو شاعري ۽ ميوزڪ تي رقص ڪندوآهي. ڪي وري منچلا واري جي وڏن وڏن دڙن تي گاڏيون ڊوڙائيندي نظر اچن ٿا. سڄي رات ڪچهريون ڪرڻ کان پوء صبح جو ھر ڪو پنهنج ماڳموٽي ٿو. ريگستاني علائقن جو روخ ڪندڙ ماڻهن “پنهنجي اخبار” سان ڳالھائيندي چيو ته وڏن وڏن دڙن تي باھ جي مچ تي سرد راتيون گذرڻ دوران ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ محبوب جي ڀاڪرن ۾ ھجون. ڏھرڪي جي رھواسين خليل سومرو ۽ علي سميجو چيو ته گھوٽڪي ضلعي ۾ ڪا به اھڙو تفريحي پوائنٽ ناھي تنھنڪري اڪثر ماڻھو ريگستان جو رخ ڪن ٿا ۽ ھاڻي اھو سلسلو وڌندو پيو وڃي. ميرپور ماٿيلو واسي عبدالعلي پتافي ۽ سعيد احمد بوزدار چيو ته رات جي سانت ۾ ريگستان ۾ وقت گذرڻ دوران ا ئين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ ته جنت جي وادي ۾ ھجون. ٻي پاسي ريگستاني علائقن ۾ رھندڙ ۽ ميزباني ڪندڙ راجو خان مھر، مرتضي’ لنڊ، احسان لنڊ ۽ ٻين چيو ته اڳ تمام گھٽ شھري ماڻھو ريگستاني علائقن ڏانهن ايندا ھئا پر ھاڻي ماڻهن جو تعداد تيزي سان وڌي رھيو آھي، ھو پاڻ مرادو اچي ديرا ھڻي محفلون مچائين ٿا.
سنڌ ۾ اربين روپيا خرچڻ باوجود ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن: واٽر ڪميشن سربراهه
ڇو نه ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن کي نيب موڪليو وڃي؟پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کان سخت پڇاڻو
پبلڪ هيلٿ جا عملدار ۽ ٺيڪيدار 29 ڊسمبر تي ڪراچي طلب،ڊرينيج جي تلائن تان قبضا هٽائڻ جو حڪم
گهوٽڪي/ ميرپور ماٿيلو/ ٺل(نمائندن وٽان) واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس(ر) امير هاني مسلم گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ ٺل جا دورا ڪري مختلف واهن ۽ شاخن جو معائنو ڪيو. واٽر ڪميشن جو سربراهه جسٽس (ر ) امير مسلم هاني ٺل پهتو ،جتي هن واٽر سپلاءِ جي تلائن ،ڊرينيج سسٽم جي کوهن جو دورو ڪيو، اطلاع تي ڪيترائي شھري پهچي ويا، شھرين سيد واحد بخش شاه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته واٽر سپلاءِ جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان مڪمل نه ٿيو آهي، اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود واٽر سپلاءِ مڪمل نه ٿي سگهي آھي، شھري پاڻي پئسن تي وٺڻ لاء مجبور آهن جڏهن ته ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره ٿيل آهي، نيڪال جو پاڻي روڊ ۽ گهٽين ۾ بيٺو آھي،جڏهن ته نيڪال جو پاڻي تلائن بجاءِ موسي الله آباد شاخ ۽ شھر مان گذرندڙ سون واه ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي، جنهن تي جسٽس امير مسلم هاني پبلڪ هيلٿ جي عملدارن کي سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته اربين روپيا خرچ ڏيکاريو آھي، پر ڪم ڪاري واري ڪک لڳا پيا آهن هن عملدارن کي چيو ته ڇو نه اوهان کي ۽ ٺيڪيدارن نيب موڪليو وڃي؟ هن ڊرينيج جي کوهن ۽ تلائن تان 15 ڏينهن ۾ قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ،جڏهن ته هن پبلڪ هيلٿ جي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي اچي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو . هوڏانهن گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي دوري دوران مسو واهه تي قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي جسٽس (ر) امير هاني مسلم چيو ته زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سموري سنڌ جو مسئلو آهي، ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي 28 ڊسمبر جو وقت ڏنو آهي.
ڏهرڪي جي پوليس اهلڪار پاران پورهيت سان مبينا تذليل، احتجاج
اي ايس رحيم منگي ٿاڻي تي گھرائي اهلڪار کان تذليل ڪرائي: فيض منگي
منهنجو معذور پٽ زاهد منگي صدمي ۾ فوت ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي
ڏھرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺ نورحسن شاهه ۾ پراسرار بيماري ۾ فوت ٿيل نينگر زاهد منگي جي وارثن احتجاج ڪندي نينگر جي والد فيض منگي الزام هڻندي چيو آھي ته ڳوٺ جو بااثر پوليس جي اي ايس آء رحيم منگي چار ڏينهن اڳ منهنجي زمين تي قبضي ڪرڻ لاء منهنجي گهر تي بلاجواز پوليس جي چڙهائي ڪرائي ۽ رحيم منگي مون کي ٿاڻي ۾ پوليس اهلڪار کان منهن ۾ پيشاب ڪرايو هن چيو ته مون کي پوليس اهلڪار جو نالو ناهي ايندو پر اهو رهڙڪي جو رهواسي آھي جنهن منهنجي تذليل ڪئي، هن چيو ته منهنجو معذور پٽ صدمي ۾ فوت ٿيو آھي جنهن جو ڪيس اي ايس آء رحيم منگي مٿان داخل ڪيو وڃي,هوڏانهن الزام هيٺ آيل اي ايس آء رحيم منگي چيو ته فيض منگي جي ڀائرن تي ڪيس داخل آھي اسان جو ڪارنهن تڪرار تان معاملو هلندڙ آھي الزام بي بنياد آھن .
ڏهرڪي ۾ هيپاٽائيٽس خاندان اجاڙي ڇڏيو،هڪ سال ۾ ساڳئي ڪٽنب جا 11 ڄڻا فوت
ڀرسان ڳوٺ عبدالله راڄڙي ۾ هيپاٽائٽس بي ۽ سي ڪلور ڪري ڇڏيا،فوتين ۾ ٻه سڳا ڀائر اڪبر علي ۽ حقنواز راڄڙي شامل
ساڳئي ڳوٺ ۾ هڪ سال دوران 16 ماڻهو بڇڙي بيماري جي ور چڙهي چڪا،ڪيترائي ڳوٺاڻا بيماري ۾ ورتل آهن:رهواسي
ڏھرڪي(رپورٽ:اعظم سهرياڻي) ڏھرڪي ڀرسان هڪ ئي ڳوٺ ۾ هيپاٽائٽس جا هاڃا،هڪ سال اندر هڪ ئي خاندان جي 11 ماڻهن سميت 16 ماڻهو ڪاري ڪامڻ واري بيماري ڳڙڪائي ڇڏيا،ڪيترا مبتلا آھن، ان ڏس ڏھرڪي ڀرسان ڳوٺ عبدالله راڄڙي ۾ هيپاٽائٽس بي ۽ سي ڪلور ڪري ڇڏيا،هڪ ئي سال ۾ راچڙي برداري جي 11 ماڻهن سميت 16 ماڻهو فوت ٿي چڪا آھن ،جن ۾ ٻه سڳا ڀائر اڪبر علي ۽ حافظ حقنواز راڄڙي، طيب راڄڙي ،عبدالحڪيم،عبدلرشيد راڄڙي،پنجل راڄڙي،مائي روزينه،مائي حوا راڄڙي،جميلا راڄڙي،مائي قائمه،طاهر راڄڙي،سنوج ڪمار،قطب الدين ڏهر فوت ٿي چڪا آھن ۽ ڪيترائي ڳوٺاڻا هن وقت هيپاٽائٽس ۾ مبتلا آھن، جيڪي ويڪسين ڪرائي رهيا آھن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن منير راڄڙي ۽ محمد دين راڄڙي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ هيپاٽائٽس ڪلور ڪري ڇڏيا آھن. اسان اهڙي بيماري جي بچاءُ لاءِ جاڳرتا مهم به هلائي هئي .پر هن وقت به ڪيترائي ڳوٺاڻا اهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آھن.
واٽر ڪميشن سربراهه جا ميرپور ماٿيلو ۽ گهوٽڪي ۾ طوفاني دورا، شهرين جون منصوبا مڪمل نه ٿيڻ جون دانهون
امير هاني مسلم گهوٽڪي ۾ پاڻي جي فراهمي توڙي ڊرينيج جي مختلف اسڪيمن جو دورو ڪيو
فلٽرپلانٽ توڙي ڊرينيج پمپنگ اسٽيشن تي صفائي نه هجڻ تي لاڳايپل عملدارن کي ڇنڊ پٽي

گھوٽڪي / ميرپور ماٿيلو (رپورٽرن وٽان ) سنڌ واٽر ڪميشن جو سربراھه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم گھوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو پهچي پاڻي توڙي صفائي جي حوالي سان مختلف اسڪيمن جو جائزو ورتو . شهرين اسڪيمون مڪمل نه هجڻ جون دانهون ڪيون جنهن تي واٽر ڪميشن سربراهه پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن کي ڇنڊ پٽينڊي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو .واٽر ڪميشن سربراهه پهريان گهوٽڪي پهتو جتي هن شھر جي مختلف ڊرينيج پمپنگ اسٽيشنز توڙي فلٽر پلانٽ تي پھچي سسٽم جو مائنو ڪيو ان موقعي تي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن کيس بريفنگ ڏني جنھن مان چيرمين مطمين نه ٿيندي عملدارن مٿان ناراضگي جو جو اظھار ڪندي پاڻ ۽ ڪم کي سڌارڻ جي ھدايت هئي ڪميشن چيئرمين انورآباد پمپنگ اسٽيشن تي به پھتو جتي گندگي جي صورتحال ڏسي ميونسپل توڙي پبلڪ ھيلٿ جي عملدارن کي پڻ ڇنڊ پٽي،جنھن بعد ڪميشن چيرمين ميرپورماٿيلو پهتو .جتي ھن شھر جي حيدر شاهه ڪالوني, غريب آباد محلي جي پمپنگ اسٽيشنز ۽ شھر جي ڊرينيج اسڪيم جو معائنو ڪيو، جتي صفائي سٿرائي جو نظام بھتر نه هجڻ تي جسٽس رٽائرڊ امير ھاني مسلم سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو،ان موقعي تي شھرين پڻ شڪايتون ڪندي واٽر ڪميشن جي سربراھ آڏو دانھيو ته شھر جي 38 ڪروڙ رپين واري ڊرينيج اسڪيم چار سال گذري وڃڻ باوجود مڪمل ناھي ٿي سگھي ۽ ڪيترن ئي ھندن تي مين ھول پڻ کليل آھن، جنھن سبب شھري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رھيا آھن،شھرين جي شڪايت تي پڇاڻو ڪرڻ تي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن واٽر ڪميشن جي سربراھ کي ٻڌايو ته بجيٽ گھٽ ڪري اھا اسڪيم مڪمل ٿي نه سگھي آھي وڌيڪ بجيٽ جي ضرورت آھي، جسٽس امير ھاني مسلم پبلڪ ھيلٿ جي ڪامورن کي دٻڙاٽ ڏيندي اسڪيم مڪمل ڪرڻ ۽ شھرين جا مسئلا حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
گهوٽڪي ضلعي جا اڪثر ٿاڻا ۽ چوڪيون غير محفوظ،ڪچي توڙي پڪي جي اڪثر ٿاڻن جي حالت خراب،نه ديوارون نه ئي لاڪپ!
رائونتي، جروار، يارو لنڊ ،عادلپور ، اوٻاوڙو ، ريتي ،کينجھو ٿاڻن جون عمارتون غير محفوظ
ڪچو ٻنڊي ٽو ، کينجھو ،ٻيلو ميرپور ٿاڻن کي چوديواري ئي ناھي،سرڪاري عمارتن ۾ به ٿاڻا قائم
ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي )ضلعي گھوٽڪي اندر عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاء قائم اڪثر پوليس ٿاڻا ۽ چوڪيون غير محفوظ بڻيل، عمارتون زبون ٿي ويون،ٿاڻن ۾ جوابدارن کي رکڻ لاءِ لاڪپ ئي موجود ناھي، ڪيترن ٿاڻن کي چوديواري موجود ناھي اڪثر ٿاڻا فاريسٽ ،تعليم کاتي، ايريگشن جي عمارتن تي قبضا ڪري قائم ڪيا ويا آھن.
گھوٽڪي ضلعي ۾ قائم 20 کان وڌيڪ پوليس ٿاڻا غير محفوظ بڻيل آھن ضلعي جي ڪچي توڙي پڪي جي اڪثر ٿاڻن جي حالت انتھائي خراب عمارتون زبون بڻيل آھن ضلعي گھوٽڪي جا ٽي سٽي ٿاڻن ڏھرڪي ،ميرپورماٿيلو ،گھوٽڪي کي ڪجھ سال اڳ ماڊل ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو جتي جي عمارتن جي مرمت ڪرائي انھن کي جديد ماڊل ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو آھي .
ضلعي جا رائونتي، جروار، يارو لنڊ ،عادلپور ، اوٻاوڙو ، ريتي ـ،کينجھو ۽ ٻين ٿاڻن جون عمارتون پراڻيون زبون بڻيل آھن ،جن جي سالن کان مرمت ناھي ڪرائي وئي انھن ما ڪجھ ٿاڻن اندر جوابدار کي رکڻ لاءِلاڪپ موجود ناھي ،ڪچو ٻنڊي ٽو ، کينجھو ،ٻيلو ميرپور ٿاڻن کي چوديواري موجود ناھي، جنھن جي ڪري ڪنھن وقت به اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي سگھي ٿو .
ضلعي گھوٽڪي جا ڪجھ ٿاڻا ۽ چوڪيون مختلف سرڪاري کاتن جي عمارتن تي قبضو ڪري انھن ۾ نفري ويھاري وئي آھي گھوٽڪي جو بي سيڪشن ٿاڻو اين ايچ اي جي عمارت ۾ قائم ٿيل آھي ٻيلو ميرپورٿاڻي جو سمورو عملو فاريسٽ کاتي جي عمارت تي قابض بڻيل آھي ان کان علاوه ڪچو ٻنڊي ٽو اسڪول اندر قائم ٿيل آھي گيمڙو ٿاڻو يونين ڪائونسل جي عمارت تي قبضو ڪري اتي پوليس ويھاري وئي آھي
جروار ٿاڻي جي حيات پتافي چوڪي پڻ اسڪول اندر قبضو ڪري قائم ڪئي وئي آھي رائونتي جي پوليس پڪٽ فون لانڊي ايريگشن جي عمارت ۾ قائم ٿيل آھي ضلعي اندر پوليس ٿاڻن جي عمارتن جي زبون حالي جي ڪري ٿاڻن ۾ پيل سرڪاري ھٿيار، ڪيس پراپرٽي، ڪاعذات ،مالخاني ۾ پيل سرڪاري اسلحو به غير محفوظ بڻيل آھن
ميرپورماٿيلو : گھوٽڪي ٿاڻن کي مليل پوليس موبائلون کٽارا بڻيل آھن، ڪچو ٻنڊي ون وٽ پوليس موبائِيل موجود ناھي،کينجھو ٿاڻي کي مليل خراب بيٺل آھي ،ساڳي طرح يارو لنڊ ،جروار ،ڪچو ٻنڊي ٽو ،کينجھو ٿاڻن کي مليل پوليس موبائيل اڪثر خراب ھجڻ سبب ٿاڻن کي خانا پوري لاء مھيا ڪيون ويون آھن پوليس موبائيل خراب ٿيڻ جي صورت ۾ مرمت لاء ڪو به سرڪاري فنڊ نه ٿو ڏنو وڃي،
ڏاهلي جي سرحدي علائقن ويجهو ڳوٺن ۾ سوئرن جو آزار
سوئر چوپايو مال کي جهنگ ۾ شڪار ڪري وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا
ڳوٺ ڇاپر کوسا جي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ 12 سوئرن کي ماريو
ڇاڇرو(سومار راهمون ) ڏاھلي تعلقي جي پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي علائقن ويجهو مختلف ڳوٺن،ڇاپر کوسا،ڀمي جو تڙ،ڳوٺ ميڻائو سميت ٻين ڳوٺن ۾ خونخوار جانور سوئرن جو آزار وڌي ويو،ڳوٺ ڇاپر کوسا جي رهواسي سڪندر کوسي چيو ته گذريل چار پنج ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ اسان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ 12 کان مٿي هن خونخوار جانورن کي ماريو آهي،جنهن ۾ ٻه ڳوٺاڻا معاملي زخمي پڻ ٿيا آهن،سرديء جي موسم ۾ هي جانور وڌيڪ ايندا آهن،مالوند ماروئڙن جي چوپائي مال کي جهنگ ۾ پنهنجو شڪار ڪن ٿا،ڪيترن ئي غريب ماڻهن جو چوپايو مال گذريل پنج ڏينهن ۾ هن خطرناڪ جانور ماريو آهي،ڳوٺاڻا پريشان آهن،ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو سوئرن جو انڳ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي،هي خطرناڪ جانور جھنگ ۾ معصوم ٻارڙن کي به نقصان پهچائيندو آهي،خونخوار جانورن جي ڪري ڏاھلي تعلقي سرحدي علائقن ۾ خوف واري صورتحال آهي،مالوند غريب ماروئڙا پريشان آهن،پنهنجي چوپائي مال کي جهنگ ۾ ڇڏي نٿا سگهن،ڳوٺاڻن چيو ته سوئرن کي ماريو وڃي،هن حوالي سان انتظامیہ ڪو نوٽيس وٺي……. ڇاڇرو رپورٽ سومار راهمون 03343159016
گهوٽڪي: پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ صحافين وٽ پهچي ويو
گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ صحافين وٽ پهچي وس وارن کان تحفظ جي گهر ڪئي آهي.گهوٽڪي جي انور آباد محلي جي رهواسي نوجوان منظور احمد شيخ پنهنجي گهر واري مائي ربل شيخ سان گڏ صحافين وٽ پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته پسند جي پرڻي کانپوء مسمات ربل جا شيخ مائٽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جوڙي ٻڌايو ته هنن پنهنجي رضا خوشي سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن تان ناري ربل شيخ جا مائٽ اسان مٿان مڇرجي پيا آهن، ان موقعي تي گهوٽڪي واسي نوجوان منظور احمد وڌيڪ ٻڌايو ته 22 نومبر تي ٺري ميرواه جي رهواسڻ ناري ربل شيخ سان پيار جي شادي جي ڪرڻ کانپوء انهن جي حياتين کي خطرو آهي هنن وس وارن کان تحفظ جي گهر ڪئي آهي.
ڪشمور جو ڳوٺ هيتم جکراڻي جديد دور ۾ به پيئڻ جي پاڻي کان محروم
ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور کان پري سنڌ بلوچستان جي دنگ تي ڳوٽ ھيتم جکراڻي جو علائقو آھي جتي ھن جديد دور ۾ به سب سھولتن کان محروم آھي اتي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن جتي انسان جانور گڏ ھڪ تلاء ۾ پاڻي گڏ پيئن ٿا ھي تصوير ھتان جا چونڊيل نمائندن کان سوال آھي.
ھن دور ۾به ماڻھن سان اھو جٺ ڪيستائين رھندو
تنگواڻي ۾ پير هيبت شهيد جو ميلو شروع ٿي ويو
سنڌ ۽ بلوچستان مان وڏي انگ ۾ پانڌيئڙن جي شرڪت
تنگواڻي (مقامي نيوز ) تنگواڻي ۾ پير هيبت شهيد جو ميلو گذريل ٻن ڏينهن کان جاري آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان زائرين پهچي ويا آهن، جڏهن ته زائرين جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ميلي ۾ مٺائين هار سينگار جون بازارون لڳي ويون آهن، ميلي جي سيڪيورٽي لاءِ تعلقي جي مختلف ٿاڻن مان 50 اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن. ميلي دوران ملهه مقابلا پڻ جاري آهن. ميلي ۾ ملهه پهلوانن هڪ ٻئي تي جاٺن سان وار ڪندي هڪٻئي کي ميدان ۾ ليٺائي خوب داد وصول ڪيو، پهرين ڏينهن ميلي ۾ ماستر الياس ميربحر پهرين ۽ برڪت ميربحر ٻئين، جڏهن ته عيسى ميراڻي 3 جوڙ جي مقابلن ۾ مخالفن کي دسي مقابلا کٽي ورتا. ميلي دوران فيصل آباد جي ٽيم جادو ۽ ڪرتب بازن جا منظر ڏسڻ لاءِ ماڻهن جو ميڙ متل آهي.
گھوٽڪي ۾ مسيح برادري پاران ڪرسمس ڏهاڙو ملهايو ويو
پي سي ايف چرچ ۾ هندو ۽ مسلم لاءِ آل پارٽي جو پروگرام رکيو ويو
سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ بعد ملڪ جي سلامتي لاءِ دعا گهري وئي
گهوٽڪي(رپورٽر)مسيع برادري پاران ڪرسمس سالگراھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، گهوٽڪي ۾ مسيع برادري پاران هندو ۽ مسلم لاءِ آل پارٽي جو پروگرام پي سي ايف چرچ گهوٽڪي ۾ رکيو ويو جتي سڀ کان پهريان ڪرسمس جي سالگراھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، پروگرام جو مهمان خاص محمود علي قريشي هو، ان موقعي تي پروگرام ۾ اڳواڻ وڪٽر سلطان گلوڪار شميع انجم شمون دلدار ۽ اعجاز گل سميت ٻيا شريڪ ٿيا آخر ۾ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن ملڪ جي سلامتي لاء دعا پڻ گهري