fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

وڳڻ: باءِ پاس تي حادثن جو سبب بڻيل ڪٽ بند!

وڳڻ جي مک انڊس هاءِ وي باءِ پاس تي حادثن جو سبب بڻيل ڪٽ ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ بشير احمد کونھارو عوام جي شڪايتن ۽ احتجاج بعد مڪمل طور بند ڪرائي ٽريفڪ جي سھولت لاء ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي پوليس جوانن ۽ شھرين جي مدد سان نئون ڪٽ جوڙائي ورتو. باءِ پاس تي غلط ڪٽ ٺھيل ھيو جنھن ڪري حادثا معمول بڻيل ھيا ان ڪري شھرين جي احتجاجن ۽ سندن شڪايتن سبب موت جو راڪاس بڻيل ڪٽ ٽريفڪ لاء بند ڪري ھڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي نئون ڪٽ جوڙيو ويو آھي. انڊس هاءِ وي تي جوڙايل غلط ڪٽ تي مختلف حادثن سبب ھن وقت تائين 10 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.
رپورٽ: شبير چانڊيو / وڳڻ

Bookmark the permalink.