
ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو: نئين ديري هائوس ۾ بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جي صدارت هيٺ ۾ ٿيل پ پ جي سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آصف زرداري جي امڪاني گرفتاري جي صورت ۾ صنم ڀٽو کي سياسي ميدان ۾ اڳتي آندو ويندو، کيس پ پ ۾ اهم عهدو پڻ سونپيو ويندو. اجلاس جي مليل اندروني ڪهاڻي موجب گڏجاڻي ۾ شريڪ مختلف اڳواڻن زور ڀريو ته بلاول ڀٽو جي عوامي رابطا مهم ۾ صنم ڀٽو کي پڻ شامل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سمورن ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پارٽي جي ضلعن صدرن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي پنهنجن تڪن ۾ عوام کي متحرڪ ڪن. اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته پارٽي جي سينيئر وڪيلن جو پينل جي آءِ ٽي رپورٽ توڙي حڪمرانن پاران لڳندڙ الزامن کي عدالتن ۾ چيلنج ڪندو.