ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽرز) بينڪنگ ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ 7 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر، سندس ڀيڻ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن خلاف ڪيس ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ انتقامي سياست آهي،ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عبوري ضمانت جو وقت ختم ٿيڻ سبب آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿيا، پيشي جي موقعي تي پ پ اڳواڻن کانسواءِ ڪارڪنن جو به وڏو انگ عدالت پهتو، سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا، ڪيترائي ڪارڪنن عدالتي احاطي ۾ نعريبازي کانپوءِ عدالتي ڪمري ۾ به داخل ٿي ويا ۽ “ “آصف زرداري سب پي ڀاري جا نعرا هنيا”، ڪيترائي ڪارڪن ڪرسين تي چڙهي ويا، جج پاران ڪارڪنن جي رش تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بعد غير لاڳاپيل ماڻهن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ٻڌڻي جي باقائده شروعات ڪئي وئي، عدالت لاڳاپيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس جي ڇا صورتحال آهي، جنهن تي ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي، عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 7 جنوري تائين واڌ ڪندي ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف آصف زرداري ۽ بلاول جي صدارت هيٺ پ پ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته آصف علي زرداري تي لڳايل سمورا الزام ڪوڙا آهن. پ پ پ ان الزامن ۽ داخل ڪيل ڪيسن کان ڊڄي خاموش ويهڻ بدران ماضي ۾ آمرن سان مقابلي وانگر هن ڀيري به موجوده سازشن کي منهن ڏنو ويندو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي اهڙن سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. مُلڪ کي ون يونٽ طرف ڌِڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هڪ طرف سنڌ جو پاڻي ۽ گئس بند ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي صوبائي حڪومت کي فنڊ نه پيا ڏنا وڃن. اهڙي ئي ماحول ۾ ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ۾ به مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هِن مُلڪ کي آئين ڏنو ان آئين جو اڳوڻي آمر هُليو بيگاڙيو. اسان ارڙهين ترميم ذريعي 73ع جي آئين کي اصل شِڪل ۾ آندو. ۽ هاڻي به ارڙهين ترميم واري معاملي ڪنهن به مصلحت پسندي جو شڪار نه ٿينداسين. پيپلز پارٽي هميشه غيرجھموري قوتن کي شڪست ڏني آهي.27 ڊسمبر تي سڄي مُلڪ مان عوام ۽ هر مقتبهِ فِڪر جو ماڻهو ڳڙهي خدا بخش ۾ گڏ ڪري غير جھموري طاقتن کي شڪست ڏينداسين. اجلاس ۾ خورشيد شاھ، مراد علي شاھ، قمرالزمان ڪائره، قائم علي شاھ، سردار لطيف کوسا، همايون خان ۽ پارٽي جي ٻين مرڪزي اڳواڻن توڙي چونڊيل نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ڏکين حالتن کان گھٻرائڻ وارا ناهيون. اسان کان وڌيڪ ڏکيو وقت بينظير ڀٽو جي دور ۾ آيو. جنهن آمر ضياالحق سان مقابلو ڪيو. آصف علي زرداري چيو ته مون تي لڳايل سمورا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن. ڪوڙن ڪاغذن ذريعي ڊيڄاري ڌمڪائي نه ٿو سگھجي. جيترو ظلم ڪيو ويندو. ان کي برداشت ڪرڻ جي سگھه به اوتري ئي آهي. اسان ظلم ايترو برداشت ڪنداسين ته ظلم ڪندڙ به ٿڪجي پوندا. آصف علي زرداري چيو ته 27 ڊسمبر تي عوام ثابت ڪندو ته پ پ کي ختم نه ٿو ڪري سگھجي. انشان الله اسان ايندڙ چونڊون کٽي چئني صوبن ۽ مرڪز ۾ حڪومت ٺاهينداسين. هوڏانهن اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني جو چوڻ آهي ته قانون صرف سولين تي لاڳو ڇو ٿو ٿيئي .؟ جيڪڏهن ڪجهه ادارن وٽ احتساب جو پنهنجو نظام آهي ته پوءِ سياستدانن جو احتساب به سندن ساٿي ڪري سگهن ٿا .خبر آهي ته ملڪي پرڏيهي پاليس ڪٿي ٺهندي آهي، پرڏيهي پاليس کي پنڊي کان پارليامينٽ منتقل ٿيڻ گهرجي .سينيٽ اجلاس دوران خطاب ڪندي .سندس چوڻ هو ته ملٽري ،عدليه سميت سمورن ادارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ،ٻڌايو وڃي ته رياست مشرف جي مامري تي ڇو ڪمزور ٿي وڃي ٿي ،کيس ڪورٽ يا ملڪ ڇو نٿو آندو وڃي .؟ ڇا ڏهاري ۽ ڪرپٽ رڳو سياستدان آهن .؟ هن چيو ته ملڪي ادارا پنهنجن حدن ۾ رهڻ بدران هڪٻئي جي اختيارين کي اورانگهين ٿا جنهن سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن .هن چيو ته نيب کي مخالفن خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي .هن گهر ڪئي ته نيب چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا وڃن .جڏهن ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪومت، نيب ۽ ايف آءِ اي جو ڳٺ جوڙ آهي، پ پ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سيف الرحماني احتساب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول جي ترجمان چيو ته وزير اعظم جي صلاحڪار جي جَي آءِ ٽي ميمبرز سان ملاقات ۽ هٿ ٺوڪين شاهدن کي گهرائڻ معنيٰ رکندڙ آهي.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
