fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

اسلام ڪوٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن اڄ کان شروع ٿيندو

اسلام ڪوٽ ( ن پ ا ) عدالت جي حڪم تي اسلام ڪوٽ ۾ حد دخلين خلاف روينيو انتظاميه پاران اڄ کان باقائدي آپريشن شروع ڪيو ويندو.
،اۡنهي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر آصف جميل جي پاران رهواسين جي آگاهي لاء لائوڊ اسپيڪر تي ڊنڍورو به ڏياريو ويو،۽ آخري وارننگ ڏيندي چيو ويو آهي ته انتظاميه پاران لڳايل نشانن اندر ايندڙ حد دخلين کي پنهنجو پاڻ هٽايو وڃي،ٻي صورت ۾ اڄ آپريشن شروع ڪيو ويندو،جڏهن ته آپريشن جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن،جنهن لاء هيوي مشينري به پهچي ويئي آهي،جنهن بعد رهواسين ۾ خوف حراس ڇانئجي ويو آهي،ٻڌايو وڃي ٿو ته روينيو انتظاميه پاران باء پاس روڊ جي سينٽر جي ٻنهي طرفن کان 110 فوٽ ايريا خالي ڪرائڻ لاء نشان لڳائڻ بعد ايريا اندر وڏي عرصي کان رهندڙ ڪافي ماڻهن جا گهر اچڻ سبب رهواسي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،چيو وڃي ٿو ڪيترن ئي ماڻهن ته تازو انهي ايريا ۾ مهانگي اگھ تي پلاٽ خريد ڪري اۡنهي ۾ جڳهئيون ٺهرائيون آهن،جيڪي به آپريشن هيٺ اچي رهيا آهن، شهر جي مين روڊ تي روينيو انتظاميه پاران نشان لڳائڻ بعد واپارين پاران نقصان کان بچڻ لاء وڏي پئماني تي پنهنجي مدد پاڻ تحت دۡڪانن جي اڳيان ٺهيل ڇاپرا ۽ ٿلها هٽائڻ وارو ڪم تيزي سان جاري هو،واپاري ڏينهن رات مزدور لڳائي ڇاپرا ڊاهي رهيا هئا،جيئن اڄ کان شروع ٿيندڙ آپريشن دوران دڪانن کي نقصان کان بچائي سگهن،هوڏانهن انهي سلسلي ۾ رابطي تي مختيارڪار عبدالغفار لاکير ٻڌايو ته آپريشن باقائدي اڄ کان شيڊيول موجب شروع ڪيو ويندو،اسان کي آپريشن ۾ تبديلي جي حوالي سان اڃان تائين اسان کي ڪا به نئين هدايت نه ملي آهي،اگر ملي ته ڏسبو،في الحال مليل هدايتن تي عمل ڪندي آپريشن شيڊيول موجب اڄ کان شروع ڪنداسين.

Bookmark the permalink.