fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

افغان طالبان حڪومت سان سڌين ڳالهين تي راضي

پرڏيهي وزير طالبان جي مشروط رابطي بابت افغان اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو

پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد ( م ڊ ) افغان مفاهمتي عمل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طالبان جي مشروط راضپي بابت افغان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزير کي به آگاهه ڪيو. ذريعن موجب افغان مفاهمتي عمل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزير طالبان جي مشروط راضپي بابت افغان حڪومت، ايران ۽ چيني پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. طالبان افغان حڪومت جي نمائندن سان ملاقات کان انڪار ڪيو هو پاڪستان جي ڪوششن سان طالبان مشروط راضپو ظاهر ڪيو،  ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب طالبان نگران حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، نگران حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب طالبان ڪميٽي ۾ نمائندگي جو به مطالبو ڪيو ۽ ڪجهه اڳواڻن جي آزاديءَ جو به مطالبو ڪيو.  رپورٽن موجب افغان حڪومت جي رد عمل تي وڌيڪ اڳڀرائي جو امڪان آهي. افغان حڪومت جي هاڪاري رد عمل تي وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون.

Bookmark the permalink.