شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) 27هين ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي جي تيارين جي مناسبت سان توانائي جي صوبائي وزير امتياز شيخ جي ميزباني هيٺ سندس رھائش گاھ “شڪارپور هائوس” تي ڊويزنل صدر اعجاز خان جکراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو، شڪارپور ۾ ٿيل اهم ڊويزنل اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي اهم سياسي اڳواڻن آغا سراج دراني، نثارکهڙو، سهيل انور سيال، برهان چانڊيو، نادر مگسي، جهوني سياستدان آفتاب شعبان ميراڻي سميت اهم اڳواڻن اجلاس مان غائب رهيا، جڏهن ته اجلاس ۾ ايم اين اي مير عابد خان ڀيو، پ پ پ ايم پي اي مير سهراب خان سرڪي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو، ايم پي اي گهنور خان اسراڻ، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد بروهي، پ پ پ لاڙڪاڻه صدر عبدالفتاح ڀٽو، پ پ پ لاڙڪاڻه جنرل سيڪريٽري خير محمد شيخ، جنرل سيڪريٽري شڪارپور ذوالفقار علي خان ڪماريو سميت ٻين پ پ اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان ڳڙهي خدابخش ۾ 27هين ڊسمبر تي انتظامن بابت غور ويچار ڪيو ويو، جنهن بعد ڊويزنل صدر اعجاز جکراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ 27هين ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري پنهنجو پاور شو ڪندي هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي آصف زرداري تائين پ پ خلاف سازشون ڪندڙ ناڪام ٿيندا رھيا آھن ضياءَ، مشرف ملڪي اهم عهدن تي رهندڙن سميت پ پ مخالف قوتون ڪوششن باوجود پ پ کي ٽوڙي نہ سگھيون آھن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صنم ڀٽو کي پ پ ۾ اچڻ لاء محترمه بينظير ڀٽو به چيو ھو، پر ھن سياست ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو هو، مان نه ٿو سمجهان ته صنم ڀٽو سياست ۾ ايندي.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
