fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن جي مسئلن لاءِ ريپڊ ريسپانس نيٽ ورڪ قائم

ڪلثوم ڀٽي فوڪل پرسن مقرير،نيٽ ورڪ ۾ صحافي، وڪيل ۽ پوليس عملدار شامل

معاشري مان تشدد جي خاتمي لاءِ سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو: امداد انڙ

حيدرآباد)رپورٽ؛ فقير سليم) حيدرآباد ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن توڙي مردن کي درپيش مسئلن ۾ مدد لاءِ وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن تي مشتمل ريپڊ ريسپانس نيٽورڪ قائم ڪيو ويو آهي، سماجي تنظيم ڊي سي ايچ ڊي پاران هڪ مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ مختلف ڌرين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي نغمه شيخ چيو ته انساني حقن جي خلاف ورزي جي خلاف هونئن ته سڀئي جاکوڙ ڪريون پيا، پر انهن جاکوڙيندڙ ماڻهن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي قانوني توڙي اخلاقي مدد جي ضرورت آهي، انهي نيٽ ورڪ جي قيام لاءِ اسين چاهيون ٿا ته حيدرآباد جا مختلف با شعور ماڻهو گڏ ٿين
ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ جي ڪوآرڊينيٽر ڪلثوم ڀٽي چيو ته اسان وٽ سڀ کان ڏکيو ڪم ڪنهن متاثر جي مدد ڪرڻ آهي، هتي ناانصافين جا ڪيترائي ڪيس سامهون اچن ٿا، انهن جي خلاف مرد آواز اٿارين ته انهن کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، پر عورتون انهن کان وڌيڪ پريشاني کي منهن ڏين ٿيون، عورتن کي ته هڪ ٻاهر جا خطرا ته ٻيو وري سندن گهر جا به ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، ته هن وقت اهڙي نيٽورڪ جي ضرورت آهي جيڪو انهن ماڻهن جي مدد ڪري،.
ڊسٽرڪٽ بار حيدرآباد جي صدر امداد انڙ چيو ته ڪنهن به سماجي خدمت دوران متاثر ٿيندڙ هيومن رائٽس ۽ وومين رائٽس ڊفينڊر کي مفت ۾ قانوني مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ بار تيار آهي، اسان وٽ جيڪو به صدر هوندو اهو انهي نيٽورڪ جو رضاڪاراڻا ميمبر هوندو، هن چيو ته هن نيٽورڪ ۾ ميڊيا، پوليس ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ گڏجي جدوجهد ڪندا ته معاشري مان تشدد جو خاتمو اچي سگهي ٿو،
وومين ڊيولپمينٽ جي ڪمپلينٽ سيل جي انچارج قرت العين شاه چيو ته اسان وٽ جيڪي ادارا اڳي سرڪاري طور عورتن جي مدد لاءِ ميدان ۾ آهن، انهي جو اسٽاف به غير محفوظ آهي، کين عدالتن جا چڪر ڪاٽڻا ٿا پون، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر زيب النساءِ ملاح چيو ته اسان وٽ اسان جي ڳوٺ ۾ عورتن تي تشدد کي روڪڻ لاءِ لڙاڪو نيٽورڪ موجود آهي، جنهن ۾ شامل مرد ۽ عورتون پنهنجي ڳوٺ ۾ عورتن تي تشدد خلاف آواز اٿاريندا آهن ۽ انهن جي مدد ڪندا آهن، ته جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ عملي طور ميدان ۾ ايندو ته ڪاميابي پري ناهي،
ايڇ آر سي پي جي انچارج غفرانا آرائين چيو ته عورتن تي تشدد ته وڏو مسئلو آهي پر جيڪي ماڻهو کنڀجي وڃن ٿا،انهي جي مالڪي جي به ضرورت آهي، انهي نيٽورڪ سان انهن ماڻهن جي مدد ٿي سگهي ٿي جيڪي جبري گمشدگين خلاف آواز اٿارين ٿا، رافيعه بنگش چيو ته اسان وٽ عورتن جي لاءِ شيلٽر هوم آهي، اتي ايندڙ عورتن جا وارث عدالتن ۾ وڃي اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪرائين ٿا. گڏجاڻي ۾فرزانه پنهور، پرڀو ستياني، دارلامان جي شبنم عزيز، ايڊووڪيٽ صبا عروج، فضل چانڊيو، سيد صدر حسين، سوشل ويلفئير کاتي جو منير احمد ڀٽي، ظفر احمد برني، منصور ڏاهري، وومين پروٽيڪشن سيل ماروي اعواڻ، ابرار اعواڻ، شاهده پنهور، رقيه بنگش، منير آصف. سنيئر صحافي جئه پرڪاش موراڻي ۽ ٻيا به موجود هئا

Bookmark the permalink.