ڪراچي (دلچسپ نيوز) انسان جا ڳوڙها عام طور لوڻياٺا هوندا آهن، پر مختلف موقعن تي اکين ۾ ايندڙ ڳوڙها لوڻياٺا ناهن هوندا. ڳوڙهن جو لوڻياٺو ٿيڻ جو دارومدار انسان جي جسماني ڪيفيت تي آهي. جڏهن ماڻهو ڏک يا تڪليف ۾ روئيندو آهي ته ان وقت انسان جي ٿاءِ رائيڊ گلينڊ گهڻو متحرڪ هوندا آهن ۽ دل جو ڌڌڪو به تيز هوندو آهي، اهڙي حالت ۾ ماڻهو جا ڳوڙها لوڻياٺا هوندا آهن.
. ان جي ابتڙ جڏهن انسان خوشي وچان روئيندو آهي ته ان جا ڳوڙها لوڻياٺا ناهن هوندا. انهن ڳوڙهن کي جيڪڏهن مائيڪرو اسڪوپ ۾ ڏسجي ته اهي تڪليف يا ڏک ۾ وهندڙ ڳوڙهن کان مختلف هوندا آهن.