
جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا جي سامونڊي پٽي سُنڊا ۾ سونامي تباهي مچائي ڇڏي آهي. سونامي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو فوت ٿيلن جو انگ وڌي 222 ٿي ويو. انڊونيشيا جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اختيارين چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ جاوا ۽ سماترا جي وچ ۾ موجود ٻيٽ تي تباهي مچي وئي آهي. هزارن جي تعداد ۾ گهر تباهه ٿي ويا، جڏهن ته طوفان سبب عورتن ۽ ٻارن سوڌو 800 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. اختيارين چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو گم ٿي ويا آهن. اختيارين موجب پينڊگلينگ، ڏکڻ لامپنگ ۽ سيرانگ وارا علائقاسڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. انڊونيشيا جي ريڊ ڪراس جي ترجمان چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن، تنهن ڪري جاني نقصان ۾ واڌ جو خدشو آهي. اختيارين چيو آهي ته لڳي ٿو سُنڊا سامونڊي ٻيٽ تي موجود ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ کانپوءِ سونامي آيو آهي. ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.