fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ايس ايس جي سي پاران سنڌ ۾ گيس کوٽ جلد ختم ڪرڻ جي خاطري

گيس فيلڊ مان ماهوار 115 ملين ايم ايم فٽ کوٽ ٿي رهي آهي: ايس ايس جي سي انتظاميا

گيس جي گھٽ ٿيندڙ ذخيرن جي ڪري به مسئلو ٿئي پيو، جلد کوٽ تي ضابطو آندو ويندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽڊ( ايس ايس جي سي ايل) سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ ۾ گيس جي گهٽتائي کي جلد پورو ڪيو ويندو پر هن ان جي حتمي وقت جي باري ناهي ٻڌايو. ميڊيا جي رپورٽن موجب سينيٽر محسن عزيز جي سربراهي ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مينجنگ ڊائريڪٽر ايس ايس جي سي محمد امين به شرڪت ڪئي. ايم ڊي ايس ايس جي سي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت گيس جي قلت فيلڊ مان ايندڙ مقدار جي گهٽتائي جي ڪري آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت ڪمپني کي گيس فيلڊ مان ماهوار 115 ملين ڪيوبڪ فٽ (ايم ايم سي ايف ڊي) جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو پوي.  ايم ڊي ايس ايس جي سي انڪشاف ڪيو ته پاڪستان جي گهٽ ٿيندڙ گيس جي ذخيرن جي ڪري 80 ايم ايم سي ايف ڊي جي گهٽتائي جڏهن ته ڪنار ۽ گمبٽ ۾ گيس سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي ڪري باقي شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پر هن ڪميٽي کي خاطري ڪرائي ته جيڪو پاور پلانٽ آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين گهٽ گيس فراهم ڪندو رهيو انهن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. .

Bookmark the permalink.