ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي جڏهن ته عيسائي برادري پاران پنهنجو مذهبي ڏڻ ڪرسمس ڊي پڻ اڄ ملهايو پيو واڃي. ٻنهي ڏهاڙن کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام طرفان يوم قائداعظم ۽ ڪرسمس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم لاڳاپيل ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن حساس علائقن ۾ چرچن ۽ گرجا گهرن تي پوليس ڪمانڊوز مقرر ڪيا وڃن ، ان سان گڏوگڏ پوليس گشت ۽ اسنيپ چيڪنگ وڌائي وڃي. آءِ جي سنڌ چيو آهي ته ناڪابندي ڪري گاڏين جي تلاشي وٺڻ سميت انٽيليجنس رابطن کي به وڌايو وڃي.