ٽنڊومحمدخان: ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري آپا رشيده سومرو چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ استادن جي حاضري وڌي آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مختلف اسڪولن جو پاڻ دورو ڪري سندن مشڪلاتون معلوم ڪريان ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺان، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سي ايم اسڪيم تحت 2018 ۾ ماڊل اسڪول بنائڻ وارو سيڪنڊري جي ڊي او جو ڪم آهي جنهن جي مون کي ڪا به ڄاڻ ناهي. تعليم کاتي ٽنڊو محمد خان جي بائيوميٽرڪ سسٽم جي چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالحليم لغاري ٻڌايو ته بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ اسڪولن ۾ حاضري 100 سيڪڙو آهي، سڄي ضلعي اندر بائيوميٽرڪ ڪندڙ مانيٽرز جو انگ 9 آهي، جيڪي روزاني بنياد تي اسڪولن جو سرپرائيزڊ وزٽ ڪندا آهن، ضلعي ۾ مقرر ڪيل بائيوميٽرڪ مانيٽرز کي سنڌ سيڪريٽريٽ هيڊآفيس مان سڌي ريت ميسيج اچڻ ۽ ڊائريڪشن ملڻ کانپوءِ مقامي سطح تي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته ان کان پهرين ضلعي سطح تي مانيٽرن کي اسڪول وزٽ ڪرڻ جو شيڊول ڏنو ويندو هو جيڪو هيڊآفيس جي مداخلت سبب ان ۾ دشواري پيش اچي رهي آهي.