fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

باھوکوسا ۾ ڪارنھن جو جرڳو، الزام ھيٺ آيل نوجوان تي 5 لک چٽي،زندگي ڀر ڳوٺ نيڪالي

ٺل)رپورٽ: ميرڀٽي)باھو کوسا ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان تي پنج لک چٽي وجھي کيس ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي ان ڏس ۾ باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله  بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي ۽ مرهيٽا برادري ۾ ھلندڙ  ڪارو ڪاري تڪرار جو جرڳو بنگلاڻي برادري جي چيف مقدم جهانگير خان بنگلاڻي جي سر پينچ هيٺ ٿيو، ملهار خان بنگلاڻي ۽ سردار مرهيٽو جون ڳالهيون  ٻڌڻ کان پوءِ سردار خان مرهيٽو مٿان ڪارنهن جو الزام ثابت ٿيڻ بعد  مٿس پنج لک چٽي وڌي وئي،جنهن هڪ لک موقعي تي ادا ويا ،جهولي جهلڻ تي ويھ ھزار معاف ڪيا ويا باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندو، نوجوان کي ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي، فيصلو قبول ڪرڻ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا، مرهٽا برادري موجب ڏيتي ليتي جي تڪرار کي ڪارنهن جو رنگ ڏنو ويو هو.

Bookmark the permalink.